شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

مرحوم خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپرجي ياد ۾

مرحوم خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپرجي ياد ۾

محمد صديق “مسافر”

(1)
نه سنڌ ساري ۾ ڪو به ڏسجي ٿو، مرد جنهنجو مثال ڪوئي،
سو خانبهادرهو مير صاحب، جنهن کي ساري ٿو سڀڪو روئي.

يتيم پرور سدائين همدرد هو سو هيڻن ۽ بيڪسن جو،
وطن جي واڌاري ۽ سڌاري جي غم ۾ رهندو هو ڏينهن سڄوئي.

سمورو جاگير ۽ زمينون نظر سياڻپ جي سان هلائين،
هو سرس سرڪار ۾ سمانو، ابو رعيت سندو هو سوئي.

ڪيائين تعليم جي ترقي غريب غربي جي دل سان،
خزاني خرچ سان خير ان ۾ ڪشادي دل سان لڳو رهيوئي.

ٻين جي بهبودي ۽ ڀلي لئي لٽائي اڄ ڪير لک ايئن ٿو؟
خدا ۽ خالق کان دان دهرا پرائي بيشڪ ويو اهوئي.

سدا “مسافر” کي مهر مالڪ ۾ ڀروسو ۽ يقين آهي،
ته هوندو جنت ۾ شاد فرحان روح مرحوم مير جوئي.







(2)
اي قلم! تحرير ڪرڻو توکي اڄ تازو الم،
خان بهادر مير صاحب جو وسرڻو ناھ غم.

کلمکو کلڻو سدا ڪٿ گل اهو اڄ باغ ۾،
بلبل بيمار جئن آهن سڀئي دلڙيون ڀسم.

ڇا سندس رخ نور ڀريل ڇا سنديس دل صاف نيڪ،
ڇا سندس هئا عقل ۽ ويچار وارا نيڪ ڪم.

صحت ۽ تعليم جو عاشق سچو صاحب سچي،
خير ڪارڻ خلق جي قربان ڪيئين ڪيڏي رقم.

ادل ۽ انصاف ۾ اڳرو سدا مرحوم هو،
هو يتيمن جو ابو ۽ بيڪسن جو ڀت ڀرم.

روح اُن جو شل سدا فردوس ۾ فائز رهي،
دل سان سڀ ساڪن “مسافر” ڪن دعا ٿا دمبدم.
(ڪليات مسافر تان ورتل)