شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

مانجهي مير مٿير

مانجهي مير مٿير

سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪُک مان اهڙا انيڪ سپوٽ پيداڪيا آهن جن پنهنجي قوم، پنهنجي ڌرتي جي مسڪين، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جا ڏک درد ختم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن مسيحا بنجي شفا ڏني آهي ته ڪڏهن وري هوشو، هيمون ۽ دريا خان بنجي يا مخدوم بلاول بنجي گهاڻي ۾ پيڙهجي به سنڌ جي مقدس سر زمين جي حفاظت ڪئي آهي يا وري سخي ڄام ڏاتار بنجي، محمد اشرف ٿيٻو رِپ شريف جي روپ ۾ سخاوت سان سنڌي قوم نه بلڪه پوري ڪائنات جي انهن همدرد انسانن جو درد رکندڙ انسانن جي صفِ اول ۾ نظر ايندا. اهو زمانو ڪيڏو نه ڀيانڪ هو جڏهن سر زمين سنڌ هر طرف کان غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئي. انگريز سرڪار جي غلامي جا طؤق پاتل اها قوم ڪجهه ڪري ته ڇا ڪري؟
ڇو ته جڏهن اسان جي لاڙ خطي ۾ جيڪو ايترو پٺتي پيل هو، جو جڏهن ماڻهو علم جي ع کان به واقف نه هئا ۽ مختلف وبائي بيماريون ماڻهن جي زندگين جا سؤدا ڪنديون هيون. غربت جي آخري لڪير ۾ نظر ايندڙ هن خطي جي ماڻهن لاءِ علم حاصل ڪرڻ هڪ مشڪل ۽ ناممڪن ڪم هو. ان دؤر ۾ اوندهه جي راتين کي جهاڳيندي ماڻهن جي دردن کي سيني ۾ سانڍي هڪڙو محسن انسان پنهنجي سموري ذهيني قوتن سان جڏهن صحرا ۾ سدا ڏي ٿو ته لکين چهرن جي منهن تي مرڪن جا مينهن وسي پون ٿا ۽ غلامي جي زنجيرن مان آزاد ٿيڻ جا ڪرڻا نظر اچن ٿا ڇو ته مير صاحب جي شعور ۽ ادراڪ جي بلندي ان ڳالهه مان ثابت آهي ته جيستائين لاڙ خطي جا ماڻهو علم حاصل ڪري نٿا سگهن ته صدين تائين ڪا به سُک جي گهڙي نظر نٿي اچي ۽ پوءِ 1922-23ع جو خطرناڪ دؤر ۾ پنهنجي ڏاهپ ۽ سياڻپ سان ٽنڊي باگي جهڙي پٺتي پيل ڳوٺ ۾ هڪ تاريخي درسگاهه ٺهرائي. جڏهن ٻيا وڏيرا عيش عياشين ۾ راتين جون راتيون پنهنجي دولت کي لٽائي رهيا هئا ته مير صاحب پنهنجي هڙان نه فقط هي علم ڪدو کوليو پر گشتي دواخانو، مسافر خانه، شاگردن لاءِ بهترين هاسٽل، ميٽرنٽي هوم، غريب شاگردن کي اسڪالرشپون ڏئي هن قوم جي ماڻهن جي جيئڻ لاءِ زندگي جا نوان گس، نوان پيچرا ڏيکاريا. اهو هن خطي جي ماڻهن جو نصيب چئجي يا ايئن کڻي چئجي ته الله تعالى جڏهن ڪنهن قوم کي علم جي شعور سان منور ڪرڻ چاهيندو آهي ته ان قوم کي سر سيد احمد خان، حسن علي آفندي ۽ مير غلام محمد خان ٽالپر جهڙا مسيحا موڪليندو آهي ۽ پوءِ اها قوم ڪر موڙي اٿي ٿي ته سنڌ جي غلام ماڻهن جي ذهن ۾ آزادي در کڙڪائي ٿي.
مير غلام محمد خان ٽالپر هن لاڙ خطي ۽ سموري سنڌ جي ماڻهن لاءِ بي لؤث خدمت جي سوچ رکي نه فقط سوچيو پر عملي طور تي هن انسان پنهنجي قوم جي ٻارن کي پنهنجو اولاد سمجهي هڪ ذميوار والد جي حيثيت ۾ سندن ذهني، جسماني، سندن بيمارين ۽ ڏکن جو علاج ڪيو. قوم جي ڏکن جو ڀرجهلو مير غلام محمد خان ٽالپر جنهن جي زندگي جي سموري ڪٿا عملي روپ ۾ اڄ به اسان کي نظر ايندي، پر سندس زندگي جي سمورن پهلوئن کي هڪ تاريخي حيثيت ۾ محفوظ رکڻ لاءِ ٻه تاريخي رسالا ترتيب ڏنا ويا. پروفيسر ڀون سنڌي ۽ ٻين دوستن جي ان تاريخي ڪم کانپوءِ اهي رسالا اڻ لڀ ٿي ويا ۽ تقريباَ 50 سالن جي طويل عرصي کانپوءِ هي اسان جي اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي دوستن جيڪو تاريخي ڪتاب آڻڻ لاءِ ڪجهه سوچيو ته اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي صدر دانش ڪمار لوهاڻه جنهن جي ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن سان هي تاريخ اسين توهان جي هٿن تائين پهچائي رهيا آهيون. تنظيم جي دوستن نائب صدر علي اورنگزيب سمون، خزانچي رشيد احمد ميمڻ، جنرل سيڪريٽري محمد عمر سمون، جوائنٽ سيڪريٽري درپن ڪمار لوهاڻو، هنن دوستن گڏجي ڪري هن ڪتاب جي هر حوالي سان نگراني ڪئي ۽ آئون سمجهان ٿو ته مير صاحب جا احسان اڃان به گهڻو ڪجهه لهڻن پر تاريخ جي سنهري صفحن ۾ هي ڪتاب منفرد حيثيت ۾ يادگار رهندو ڇو ته مير غلام محمد خان ٽالپر هڪ تاريخ آهي، صدين جي صدا آهي.

پروفيسر امتياز قمبراڻي
ميمبر ايگزيڪيٽو اولڊ بوائز ايسوسيئيشن