اولڊ بوائز ايسوسيئيشن
مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول جو ابتدائي احوال
- اي.ايم.عباسي
سر زمين سنڌ جي چند پراڻين درسگاهن مان لاڙ جي پسمانده علائقي جو هي هڪ پراڻو درسگاه 1921ع ۾ وجود ۾ آيو. هن اسڪول جو باني مرحوم خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر باگائي ميرن جي خاندان جو چشم و چراغ هو. مرحوم کي لاڙ جو ابو ۽ محسن ِلاڙ جي نالن سان سڏيو ويندو ته به درست ٿيندو. هن عظيم ۽ عالي وقار شخصيت پنهنجي دانائي وارين دور رس نگاهن سان جيڪي لافاني ۽ بي لوث خدمتون ۽ قربانيون ڏنيون آهن، انهن کي ڏسندي مڃڻو پوندو ته هن مرد مجاهد جي ذات ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. مرحوم مير صاحب جي ڪارنامن جا يادگار، هاءِ اسڪول، گبسن هاسٽل، پرائمري، بوائز ۽ گرلس اسڪول، زنانا ۽ مردانا اسپتالون، مسافر خانا ۽ گبسن بورڊنگ هائوس، جيڪي سڀ پنهنجي خرچ تي ٺهرايا هئائين، اڄ به ٽنڊوباگو ۾ موجود آهن، نه فقط ايترو پر غريب شاگردن کي مفت کاڌي ملڻ ۽ اسڪول جي بنان رنڊڪ جي هلڻ لاءِ اٽڪل 387000 روپين جيتري رقم انگريزي سرڪار وٽ چيريٽيبل انڊومينٽز فنڊ ۾ امانت رکي ويو جنهنجي وياج مان اسڪول هلي ٿو ۽ غريب شاگردن جي رهائش ۽ ماني جو خرچ نڪري ٿو. هتي جي مفلس ۽ اٻوجھه عوام کي علم جي زيور سان آراسته ڪرڻ وارو هي انسانيت جو علمبدار، برصغير هند و پاڪ جي تاريخ ۾ لاافاني ۽ نمايان حيثيت جو مالڪ آهي ۽ رهندو.
آئون پنهنجي مضمون کي مختصر ڪندي مقصد ڏانهن موٽڻ کان اڳ ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته هي سنڌ جو سڄڻ، پنهنجي سمورن نامڪمل سپنن سميت اسان کان 1932ع ۾ هميشه لاءِ الوداع چئي دارالبقا ڏانهن هليو ويو. هن هاءِ اسڪول جو ڪنٽرول 1940ع ۾ حڪومت پنهنجي حوالي ڪيو ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جو خرچ اڄ تائين مرحوم مير صاحب جي رکيل مخصوص رقم جي وياج مان هلندو پيو اچي.
سن 1956ع ۾ مون ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد فيبروري 1957ع کان هن اسڪول ۾ ملازمت اختيار ڪئي. انهي وقت جي هيڊ ماستر، مسٽر ڪريم بخش بلوچ بابت ٻڌم ته، هن اسڪول ۽ هاسٽل جي رقم مان اٽڪل 50000 رپين جو ڌاڙو هنيو آهي، تڏهن ڏاڍو افسوس ٿيم ۽ آخرڪار پنهنجي چند دوستن جن ۾ مرحوم آدم کتري جيڪو، ساڳئي وقت، مون سان گڏ هن اسڪول ۾ ملازم به هو، سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي. آخرڪار اسان اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي اهميت کي محسوس ڪندي مرحوم مير صاحب جي نالي پٺيان شهر ۾ هڪ ننڍي لئبريري قائم ڪئي. جيئن ته اسان جي مالي حالت ڪمزور هئي تنهنڪري اولڊ بوائز ايسوسيئيشن قائم ڪرڻ واري خيال ڏانهن هڪدم اڳتي وڌڻ بجاءِ الٽو لئبرري بند ڪرڻي پئي.
جيتو ڻيڪ 1962ع تائين ساڳئي مهم کي مختلف نمونن ذريعي آزمايو ويو، پر اسان لاءِ، حالتون بدستور سازگار نه رهيون. سال جي آخري عرصي دوران مرحوم آدم هارون کتري کي ترقي ملي جيڪو بطور ليڪچرار سائنس ڪاليج ٺٽي ۾ مقرر ٿيو ۽ مونکي ترقي ملڻ تي حيدرآباد لاءِ ٽنڊوباگو کي خيرآباد چوڻو پئجي ويو.
1963ع جي شروعات ۾ اسانجي چند پراڻن شاگردن تي مشتمل هي محدود اولڊ بوائز ايسوسيئيشن پنهنجي مخلص ۽ بنيادي ڪارڪن آدم کتري کان محروم ٿي ويئي. هن هاءِ اسڪول جي پراڻن شاگردن طرف اسڪول جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ممڪن آهي ته ڪن پاڻ پتوڙيو هجي جن جي مونکي وڌيڪ خبر ڪانهي. مون 1957 کان پوءِ جڏهن سائين اي- ايم چٿا صاحب هيڊ ماستر هو ته مسٽر علي احمد پاٽولي بابت اسڪول سان وابسته معاملات ۾ گهري دلچسپي ۽ جفاڪشي بابت ٻڌو هوم. دوست کان وڌيڪ معلوم ٿيم ته پاٽولي صاحب به مون وانگر ساڳيو جنون رکندو هو. مون پنهنجي لائحه عمل جو دائرو پهرين فقط مقامي دوستن جي تعاون تائين محدود ڪندي، پروگرام تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو. انهي ۾ ڪاميابي جو يقين مونکي انهي ڏينهن محسوس ٿيو جڏهن اسين اٽڪل 30-35 پراڻا شاگرد دوست گڏجي هڪ غريب شيدي، ميانجي ڦوٽي جي گهر عذر خواهي لاءِ ويا هئاسون. هن حوصلي ۽ همت افزائي، منهنجي ارادن ۽ عزم کي تقويت بخشي. مونکي منزل مقصود ويجھي هئڻ جو پورو يقين ٿي ويو.
وقت جي ستم ظريفين، هن پراڻي درسگاھ کي ڪاليج بنجڻ بجاءِ پنهنجي اسڪولي حيثيت ۾ ڏسڻ جا ارادا پختا ڪندي، مرحوم مير صاحب کي سندس ديرينه خواهشن جي تڪميل کان اڳ اسان کان ڌارڪري ڇڏيو هو. هاڻي اسان پراڻن شاگردن تي لازم هو ته، اسين سندس روح کي تسڪين پهچائڻ خاطر اسڪول ۽ هاسٽل جي بهتري ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪريون.
مون هڪ دفعو مقامي دوستن کي، گڏ ڪرڻ جي جرئت ڪئي تاريخ 4 جون 1970ع تي اسان جي پهرين ميٽنگ مدراسي هوٽل لڳ مسافر خانو شهر ٽنڊو باگو ۾ ٿي، جنهن ۾ مون سميت ڪل نون پراڻن شاگردن پڻ شرڪت ڪئي..... پهرين ميٽنگ ۾ هن تنظيم جو نالو اولڊ بوائز ايسوسيئيشن مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول يڪراءِ بحال ڪيو ويو. مون بحيثيت چيئرمين ائڊهاڪ ڪاميٽي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هيٺين دوستن کي شروعاتي ورڪنگ ڪاميٽي تي بطور ميمبر چونڊيو ويو. (1) مسٽر ڊالو مل موتي (2) مسٽر علي محمد کتري (3) مسٽر محمد شريف بهلاني (4) مسٽر محمد حسن ميمڻ (5) مير زاهد احمد (6) مسٽر رسول بخش همير خواجه. اهڙي طرح هن اولڊ بوائز ايسوسيئيشن کي ترقي ڏانهن وڌائڻ جو سلسلو درجي به درجي جاري رهيو. ميٽينگون ڪڏهن اوطاقن ۾، ته ڪڏهن هوٽلن ۾ ۽ وري ڪڏهن ٽائون ڪميٽي هال ۾ سڏايون وينديون هيون. ميمبرن جي تعداد وڌائڻ لاءِ اخبارن ۽ اشتهارن کان ڪم وٺندي پراڻن شاگردن کي مرحوم مير صاحب جي ورسي ۾ شامل ٿيڻ جي استدعا ڪئي ويندي هئي. آخرڪار 1973ع ۾ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن طرفان مرحوم مير صاحب جي ورسي ننڍي پيماني تي باقائدي پهريون دفعو ملهائي ويئي. انهي بعد جلد هڪ تقريب تاريخ 15.4.73 تي ٿي جنهن جي صدارت لاءِ مرحوم مير ولي محمد ٽالپر کي عرض ڪيو ويو. جنهن صاحب شرڪت فرمائي. ساڳئي وقت هن ميٽينگ ۾ ايسوسيئيشن کي چندو بطور امداد به مليو. هن تقريب جي موقعي تي اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جا هيٺيان اغراض و مقاصد چيئرمين ائڊهاڪ ڪاميٽي پڙهي ٻڌايا جيڪي هن طرح هئا.
(1) مرحوم مير غلام محمد خان ٽالپر کي سنڌ جي سڄڻ ۽ گهڻگهري، جي حيثيت ۾، واقف ڪرائڻ ۽ سندس نالو روشن ڪرڻ.
(2) اسڪول ۽ هاسٽل جي بهتري ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ.
(3) غريب ۽ مستحق شاگرد جي مالي مدد ڪرڻ.
(4) اسڪول جي بي روزگار شاگردن کي روزگار وٺائي ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ.
(5) مرحوم مير صاحب جي نالي تي شهر ۾ عاليشان پبلڪ لئبرري ۽ فري ريڊنگ روم کولڻ.
هن دفعي واري ورسي جي تقريب ۾ ڪافي پراڻا شاگرد شامل ٿيا هئا، جن کي باقاعدي ميمبر جي حيثيت سان ايسوسيئيشن ۾ کنيو ويو ۽ سڀني پراڻن شاگردن ايسوسيئيشن جي مقاصد جي حصول لاءِ ڀرپور تعاون جو واعدو ڪيو. هاڻي پراڻن شاگردن جي هن جماعت جو ننڍڙو قافلو دوستن طرفان ٿيندڙ حمايت، تعاون ۽ آجيان جي مدِ نظر منزل جي طرفان وڌندو رهيو.
12 فيبروري 1974ع واري مرحوم صاحب جي ورسي جي موقعي تي ايسوسيئيشن جي ڪارڪردگي واري سالياني رپورٽ پيش ڪندي ڪيل ڪمن بابت ٻڌايو ويو ته: سال 1974 کان مرحوم مير صاحب جي مزار مٿان چوڪنڊي تعمير ڪرائي ويئي آهي. ٽنڊوباگو شهر جي مکيه رستن جا نالا، هرهڪ مير غلام محمد خان ٽالپر روڊ ۽ مسافر روڊ رکيا ويا آهن ۽ انهن جي نالن جا پٿر سيمينٽ بلاڪ سان لڳايا ويا آهن. (3) سال 1974 جو ڪيلينڊر هاءِ اسڪول ۽ مير صاحب جي تصوير سان شايع ڪيو ويو آهي. (4) گرلس مڊل اسڪول ٽنڊو باگو ۾ ميٽرڪ جا ڪلاس جاري ڪرايا ويا آهن.
جيئن ته تاريخ12 فيبروري 1974 تي اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جون نيون چونڊون ٿي رهيون هيون. مون پنهنجي دوستن کي هٿ ۾ کنيل نيڪ مقصد لاءِ نهايت دلچسپي سان ڪم ڪندو ڏسي، هر وقت تعاون جو واعدو ڪري، اجازت وٺي بحيثيت ميمبر، خدمت ڪندو رهڻ لاءِ يقين ڏنو.
آئون هن اسڪول مان مستفيض ٿيل سڀني پراڻن شاگردن کي عموماً ۽ اعليٰ عهدن تي فائز دوستن کي خصوصاً اها اپيل ڪندس ته مرحوم مير صاحب جنهن پنهنجي زندگي ۾ اوهانکي پنهنجو اولاد سمجهي، پوري خلوص سان، هڪ شفيق پيءُ جي حيثيت ۾ خدمت ڪئي ۽ توهان کي موجوده عزت ۽ اعزاز جي قابل بنائڻ لاءِ، ڇا ڇا نه ڪيو آهي؟ سندس اڌوري خواب جي تڪميل ٿيندو نه ڏسي سندس تشنه روح جڏهن هن اسڪول جي در و ديوار جي ڪسمپرسي واري حالت ڏسندو هوندو ته ڇا سوچيندو هوندو؟. مونکي اميد آهي ته منهنجا، دوست پنهنجي پراڻي اسڪول کي درپيش مسائل طرف متوجه ٿي پنهنجي مڪمل اتحاد ۽ محبت جو عملي ثبوت ڏيئي، مرحوم مير صاحب جي روح کي تسڪين پهچائڻ لاءِ ميدان عمل ۾ ايندا، ۽ مير جي نصب العين کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ جدوجهد ڪندا.
آئون آخر ۾ انهن سڀني دوستن جو شڪر گذار آهيان، جن هن مقدس مقصد واري ڪارج ۾ پاڻ ملهايو. آئون خاص طور تي استاد محترم قاضي قمرالدين جو شڪر گذار آهيان، جنهن منهنجي وقت سر رهنمائي پئي ڪئي آهي.