ڏيئا ڏيئا روشني جهڙو ڪردار
- نواز خان زئور
ماڻهو فاني آهي، پر ڪردار لافاني آهي. ماڻهو هن سدا سهڻي ڌرتيءَ تي ڪجھه وقت رهي، پرلوڪ پڌاري وڃي ٿو. پويان رهجي وڃن ٿا سندس ٻهه ٻهه ٻهڪندڙ ٻول، ڳڻن ڀريون ڳالهڙيون ۽ ڏيئا ڏيئا ٿي ٻرندڙ روشني جهڙو ڪردار. ماڻهو پنهنجي ڳڻن، ڳالهڙين ۽ ڪردار وسيلي فنائيت کي مان ڏيئي لافاني ۽ سداحيات ٿي ٿو وڃي.
مير باگي خان ۽ سنڌ راڻيءَ جي شهر ٽنڊي باگي سان تعلق رکندڙ مير غلام محمد خان ٽالپر پڻ اهڙو ئي ڪردار آهي، جنهن پنهنجي حياتي عام ماڻهن جي ڀلي ۽ انسانذات جي خذمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. انسانذات هن لاءِ اوليت هئي ۽ هُن جي پنهنجي ذات هن لاءِ ثانوي هئي. جهڙي ريت هو انسانذات سان محبت ڪندو هو، بلڪل اهڙي ريت هو خلق جي خذمت ڪندڙ پرخلوص ماڻهن سان به محبت ڪندو هو. عوام سان محبت ڪندڙ ماڻهو کيس وڻندا هئا. هن جي محبت جو دائرو تمام وڏو ۽ وسيع هو. سائين جي-ايم-سيد سندس انهيءَ انداز ۽ اهڙن جذبن جو معترف نظر اچي ٿو. پنهنجي لاجواب ۽ نهايت شاندار ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ سائين جي ايم سيد سندس ذڪر تمام پيار سان ڪيو آهي. سائين جي ايم سيد ان ۾ لکي ٿو ته مير غلام محمد خان ٽالپر جي مون سان بيحد محبت هوندي هئي. ٻنهي جي وچ ۾ خط ڪتابت پڻ ٿيندي رهي هئي. جيڪڏهن اها خط ڪتابت ڇپجي پڌري ٿئي ته هوند سندن لاڳاپي ۽ زندگين جا ڪي گوشا پڌرا ٿي پوندا. جنهن سان سندس عظمتن ۾ اڃا به واڌارو ٿيندو.
ماڻڪاڻي ميرن واري پاڙي سان تعلق رکندڙ مير غلام محمد خان ٽالپر محنتي ۽ ڪفايت شعار هيو. هو تمام سادي زندگي گذاريندو هو. سفيد پٽڪو ٻڌندو هو ۽ اڇو پهراڻ پائيندو هو. سندس خرچ جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته پنهنجي ذات تي تمام ٿورڙو خرچيندو هو.
غلام محمد خان ٽالپر کي پنهنجي عوام جي صحت ۽ تعليم جو تمام گهڻو اوند هوندو هو. هن تعليم جي واڌ ويجھه لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا اسڪول ٺهرايا. انهن ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو. عورتن لاءِ ويم گهر ٺهرايائين. اهڙي ريت هن ڪيترائي ڪارائتا ۽ اهم ڪم ڪيا.
تعليم پرائڻ لاءِ هن شاگردن کي اسڪالرشپون پڻ ڏنيون. هندوئن توڙي مسلمانن بنان متڀيد انهن خذمتن مان فائدو ورتو. سندس انهن اسڪالرشپن ڪافي لائق ماڻهو پيدا ڪيا، جن مان ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جهڙو عالم پڻ هڪ آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي کي مير صاحب ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت موڪلو هو.
جنهن زماني ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر پنهنجي عوام جي ڀلي لاءِ قدم پئي کنيا ۽ پنهنجن ماڻهن جون خذمتون پئي ڪيون، تڏهن سندس طبقي جي ماڻهن جي اڪثريت خدمتِ خلق جي لحاظ کان ننڊون پئي ڪيون. هيءَ انگريزن جي زماني جا پويان ڏينهن آهن. سنڌي زميندار ۽ جاگيردار طبقي جا ماڻهو عياشين ۽ شخصي آسائشن ۾ غرق هئا. نه ماءُ، نه خدا، ڪنهن به سنڌي جاگيردار ۾ خدمتِ خلق ۽ چـڱي ڪم جي سُتي ئي ڪانه وڌي آهي. اهو طبقو ڏيڻ ته سکيو ئي نه آهي ان رڳو وٺڻ، ڦرڻ ۽ ڦٻائڻ سکيو آهي. انهي مردار ۽ مدي خارج طبقي ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا چڱا ماڻهو ائين پيدا ٿيا آهن جيئن فرعون جي گهر ۾ موسيٰ جو پيدا ٿيڻ. انهن انسانن ئي پنهنجن ماڻهن لاءِ چڱا ڪم ڪيا ۽ کين اڳتي وڌائڻ لاءِ جتن ۽ ڪوششون ڪيون.
چڱائي جي دور ۾ چڱائي ڪرڻ عام ڳالھه آهي، پر ان دور م جڏهن ڪير چڱي ڪم جو نالو وٺڻ وارو نه هجي، خلق جي خذمت ڪرڻ وارو نه هجي، تڏهن ماڻهن جي خذمت ڪرڻ، چڱا ڪم ڪرڻ ۽ سندن دردن جو دارونءَ ڪرڻ تمام وڏي ڳالھه آهي.
بيدل دهلوي هڪڙو شعر لکيو هو:
زاہد بہ نماز و روزہ ضبطے دارد،
سرمد بہ مے و پیالہ ربطے دارد۔
“زاهد ۽ پاڪ باز ماڻهو روزي، نماز ۽ تقوى جي رستي جا راهي آهن پر سرمد پيالي، شراب ۽ سنگيت جو مشتاق آهي”.
بلڪل اهڙي ريت مير غلام محمد خان ٽالپر جي دل ۾ عام ماڻهن جو درد ڇوليون هڻندو هو ۽ هو خذمتِ خلق جو ديوانو هو. هو عام ماڻهن جو خادم هو. هن جي خادمي هر زاهد جي پاڪائي ۽ هر سرمد جي مستيءَ کان مٿانهين هئي. هر مرد ۽ عورت، ٻار ۽ ٻڍو، هندو ۽ مسلم، بنان ڪنهن امتياز، متڀيد ۽ تعصب جي، سندس خذمتن مان فيضياب ٿي سگهندو هو. جيئن سج جا دوپهريءَ ڪرڻا سڀني لاءِ آهن، چنڊ جي چانڊوڪي سڀني لاءِ آهي، فطرت جا رنگ روپ ۽ مهربانيون سڀني لاءِ آهن، ايئن مير غلام محمد خان ٽالپر جا ڪرم ۽ خذمتون سڀني لاءِ هونديون هيون.
مير باگي خان جي شهر جي هن عظيم انسان صحت ۽ تعليم جي بهتري ۽ واڌاري لاءِ ان دؤر م قدم کنيا، جڏهن سنڌ ان ڏس ۾ تمام پٺتي پيل هئي. سڀاڻي سنڌ جڏهن پاڻڀري ٿي ويندي، پنهنجي راڄ ڀاڳ جي مالڪ هوندي ۽ سندس پيشانيءِ تي آزادي جو پرنور جُهومر جرڪندو هوندو، تڏهن ان ۾ بک، بدحالي، بيماري ۽ جهالت جو نانءُ نشان به ڪونه هوندو. سنڌ جا ماڻهو تعليم يافتا، صحتمند ۽ خوشحال هوندا. صحت، خوشحالي ۽ علم جي ان شاندار دؤر ۾ سنڌ پنهنجي سڀاڳي ۽ عظيم پٽ کي سندس ڳڻائتي ڪردار جي ڪري ياد رکندي. ڏيئا ڏيئا روشني جهڙو هيءَ عظيم انسان انهي اتساھ، خذمت ۽ عظمت جي اهڃاڻ طور جيئرو رهندو.
28 فيبروري 2017ع