شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

تاريخي اسڪول ۾ انعامي جلسي جي ڪاروائي ۽ گبسن جو خطاب

تاريخي اسڪول ۾ انعامي جلسي جي ڪاروائي ۽ گبسن جو خطاب

لارينس مدرسه ۽ هاءِ اسڪول جو ساليانو انعامي جلسو تاريخ 10 ڊسمبر 1936ع جي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو. جناب اعليٰ مسٽر گبسن صاحب ڪمشنر سنڌ سان نوازش فرمائي. موقعي جي صدارت قبولي انعام شاگردن ۾ تقسيم ڪيا. گبسن بورڊنگ هائوس جي شاگردن مدرسه کي صاحب ممدوح جي تشريف آوري جي موقعي تي رنگين، جهندن سان خوب سينگاريو. پوري چار بجي شام جو صاحب جن تشريف فرما ٿيا. بروقت پوليس بئنڊ جا خاص موقعي تي حيدرآباد مان گهرائي وئي هئي. تنهن صدر صاحب کي سلامي ڏني. انهيءَ بعد مدرسه جي اسڪائوٽ ٽروپ شاندار نموني ۾ “گارڊ آف آنر” پيش ڪيو. صاحب جن نوازش فرمائي هيڊماستر صاحب ۽ اسڪول جي عملي سان گڏ فوٽو پڻ ڪڍايا. فوٽو بعد هيڊماستر صاحب کين مير حاجي شاھ محمد خان ميموريل هال ۾ وٺي ويو، جتي مدسه جي انميچورڊ ڊرئميٽڪ سوسائٽي جي طرفان ورائٽي اينٽرٽينمنٽ شو جو بندوبست خاص صاحب ممدوح جي تشريف آوري لاءِ ڪيو ويو. مدرسه جي لاڙ جي جاگيردارن، زميندارن کي دعوت نامه هن موقعي تي شريڪ ٿيڻ لاءِ موڪليا ويا هئا، اٽڪل 200 کان 300 صاحب هال ۾ موجود هئا. شاگردن جي هن ناٽڪ جي تماشي ۾ خاص ڪري ٻن کوسن شاگردن جي ائڪٽنگ صاحب ممدوح ۽ ٻين حاضرين صاحبن کي تمام گھڻو وندرايو. ان وقت هيڊماستر صاحب مسٽر غلام حسين سومري هڪ موزون تقرير ڪئي، جنهن مدرسه جي مختصر تاريخ اول کان وٺي ڳچ ڏينهن تائين صدر صاحب جي اڳيان پيش ڪئي ۽ صاحب ممدوح پڻ ان جي جواب ۾ هڪ اعليٰ تقرير سنڌي زبان ۾ حاضرين جي هدايت لاءِ ڪئي جنهن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو.
هيڊماستر صاحب ۽ ٻيا معزز صاحبو! اسين توهان جا احسان مند آهيون هن لاءِ ته اوهان اسان جي هن وڻندڙ موقعي تي مرحبا ڪئي آهي ۽ خاص ڪري اسان جي تعريف ڪئي آهي ۽ لارينس مدرسه لاءِ جيڪي ڪجهه ٿورو اسان ڪري سگهيا آهيو ان جو ذڪر ڪيو آهي. مرحوم خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر او بي اي اسان جو خاص دوست هو. سندس اها هڪ وڏي خواهش هئي ته خاص سندس ملڪ جي باشندن مان بي علمي دور ٿئي. مير صاحب اسان کان موڪلائي ويو آهي. مگر سندس چڱو ڪم قائم آهي. هيڊماستر صاحب، اسين اوهان کي، اوهان جي عملي ۽ اوهان جي شاگردن کي اوهان جي عمدن نتيجن تي مبارڪباد ٿا ڏيون ۽ اميد ٿا رکون ته اوهين، اوهان جو عملو ۽ شاگرد ۽ اوهان سڀني جا انهن ٽنهي حيثيتن جاءِ نشين هن فراخ ۽ نرم دل صاحب جنهن جي سخاوت سببان هي اسڪول جاري ٿيو ۽ وڌيو آهي انهي جي يادگيري هميشه لاءِ قائم رکندا ايندا. اوهان جي راندين، ڪو آپريٽو اسٽور ۽ ٻين نرالن ڪم جي ڪاميابي لاءِ اسين اوهان کي مبارڪ ٿا ڏيون. خاص ڪري اوهان جي اسڪائوٽ ٽروپ ۽ جونيئر ريڊڪرلس ٽروپ واکاڻ جوڳا آهن. جيتري قدر هيتري عرصي گذرڻ بعد اسين ياد ڪري سگهون ٿا ته مير صاحب جي مراد هئي ته هنن ڳوٺاڻن ڇوڪرن کي اهڙي تعليم ڏجي، جنهن جي ذريعي نه رڳو سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪلارڪي ڪري سگهن پر سندن خيالات ڪشادا ٿين ۽ ترقي ڪن. سندن مراد هئي ته ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي لائق ڪجي ته هو پنهنجا ڪم ڪار سنڀالي سگهن. پنهنجا حساب ڪتاب رکي سگهن ۽ پنهنجي رواجي زراعتي زندگي جي نموني تي اهڙي ذهن جو اثر وجهن جنهن مان سندن حالت ۾ سمجھه وڌي ۽ سچي پچي آبادگاري جي روزاني ڪم ۽ زراعتي گهرجن ۾ نوان سڌارا ڪن. هن جي اها مراد هئي ته ڳوٺن ۾ وڌيڪ ڪشادي ۽ آزاد زندگي پيدا ڪجي يعني ته ڳوٺن ۾ رهندڙن کي وڌيڪ لائق جي ته هو ضرورتون محسوس ڪن ۽ عمل ۾ آڻين جي اڄ ڪلھه جي چوڻ موجب ڳوٺ جي بهبودي ۽ زراعتي ترقي جو بنياد آهن.
پنهنجي تقرير ختم ڪرڻ بعد صاحب ممدوح شاگردن ۾ انعام تقسيم ڪيا ۽ صاحب جن سڀني جي عزت افزائي ڪئي پوءِ جلسو خير سان ختم ڪيو ويو.
حوالو: اخبار تعليم نومبر 10 جنوري 1936ع
نوٽ: محترم عبدالجبار نظاماڻي صاحب جي مهرباني سان حاصل ٿيو.