شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

خانبهار مير غلام محمد خان ٽالپر جا ڪيل نيڪ ڪم

خانبهار مير غلام محمد خان ٽالپر جا ڪيل نيڪ ڪم

1. لاڙ ۾ هاءِ اسڪول کولائڻ
 مرحوم خابنهار مير غلام محمد خان ٽالپر، سنڌ جي پٺتي پيل علائقي لاڙ خطي جي ٽنڊوباگو شهر ۾ پنهنجا لکين روپيا خرچ ڪري غريبن ۽ مسڪينن جي تعليم لاءِ سال 1920 ۾ هڪ عاليشان مدرسو تعمير ڪرايو، جيڪو سنڌ ۾ “لارينس مدرسه” ۽ مير غلام محمد خان ٽالپر (هاڻي) گورنمينٽ هاءِ اسڪول” جي نالي سان مشهور آهي ۽ سنڌ جي قديم درسگاهن مان هڪ آهي.

2. عاليشان هاسٽل ۽ بورڊنگ هائوس
 سنڌ جي ڏورانهن علائقن کان تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ هڪ عاليشان بورڊنگ هائوس ۽ هاسٽل ٺهرائي، جيڪا اڄ تائين “گبسن هاسٽل” جي نالي سان مشهور آهي. جتي اڃان تائين غريب شاگردن کي مفت کاڌو ۽ رهائش مهيا ڪئي وڃي ٿي.

3. هاءِ اسڪول جي ڀلائي لاءِ ٻه لک روپيا ڊپازٽ
 مرحوم مير صاحب هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل کي هلائڻ لاءِ ٻه لک روپيا گورنمينٽ وٽ ڊپازٽ طور رکيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين محفوظ آهن، ۽ فقط انهن جي وياج مان هاسٽل ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ هلي رهيو آهي.

4. نياڻين جي تعليم لاءِ زنانو اسڪول ٺهرائڻ
 مرحوم مير صاحب زناني تعليم لاءِ هڪ عاليشان “گرلس پرائمري اسڪول” شهر ٽنڊوباگو ۾ ذاتي خرچ سان ٺهرايو، جتي اڄ ڏينهن تائين شهر جون نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن.

5. عورتن جي علاج لاءِ مئٽرنٽي هوم ۽ زناني اسپتال
 مرحوم مير صاحب عورتن جي علاج لاءِ ميٽرنٽي هوم ۽ زناني اسپتال ٽنڊوباگو شهر ۾ ٺهرائي، اسپتال ۽ دوائن جو خرچ پاڻ ادا ڪندا هئا.

6. گشتي دواخانو
 مرحوم مير صاحب لاڙ جي غريب عوام لاءِ هڪ گشتي دواخانو پڻ ٺهرايو هو، جيڪو ٻهراڙين ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي بيمار ماڻهن جو مفت دوا درمل ڪندو هو.

7. ٻهراڙين ۾ پرائمري اسڪول کولرائڻ
 ڳوٺ کڏهرو ۽ ماچوري ۾ مرحوم مير صاحب پرائمري اسڪول ۽ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ هاسٽل ٺهرائي هئي، جتي هارين ۽ مزدورن جا ٻار مفت تعليم حاصل ڪندا هئا. اسڪولي شاگردن لاءِ ڪتاب ۽ ڪپڙن وغيره جو خرچ مير صاحب خود ڀريندو هو.
8. ديني تعليم لاءِ مدرسن کي گرانٽ
 مدرسه ٿوهي ڳوٺ حاجي ولي محمد لغاري کي مرحوم مير صاحب طرفان هر ماهه گرانٽ ملندي هئي.
 مدرسه مولوي محمد عثمان ڀنڀرو ڳوٺ شادي پلي ضلع ٿرپارڪر کي پڻ سالياني گرانٽ مير صاحب طرفان ملندي رهندي هئي.

9. غريب شاگردن کي اعلى تعليم لاءِ ولايت موڪلڻ
 غريب ۽ مستحق شاگردن کي اعلى تعليم لاءِ اسڪالرشپون مير صاحب طرفان ڏنيون وينديون هيون، ۽ ڪن شاگردن کي اعلى تعليم لاءِ پنهنجي خرچ مان ملڪ کان ٻاهر موڪليندو هو.

10. بيواهن ۽ يتيمن لاءِ وظيفو
 مرحوم خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر، لاڙ جي غريب، بيواهه ۽ يتيم عورتن کي ماهانه وظيفو ڏيندو هو.