تاريخي لارينس مدرسو
- عثمان راهوڪڙو
سنڌ جي لاڙ واري پٽي ۾ ٽنڊي باگي شهر ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر زندگي جي اونداهن پيچرن تان هلندي هلندي اڃايل مسافر جيان جيڪي رڻ جهاڳيا. انهن زندگي جي تتل ڪاڙهن هن کي جيڪو سبق سيکاريو. ان ۾ هن جي اندر ۾ ان ڪري به صحتمند معاشرو اڏڻ جي خواهش ڪر موڙ جاڳندي رهي. ڇاڪاڻ جو هي جاگيردار مير محمد خان جو پٽ هو. مير محمد خان جي وفات کان پوءِ مير غلام محمد جي جاگير صغير هجڻ سبب ڪوٽا وارث رول تحت سرڪار جي تابع ٿي وئي. مير غلام محمد جو ننڍپڻ زندگي جي ڏکين پيچرن تي سفر ڪندي گذريو. هن عملي زندگي جي شروعات اسٽامپ وينڊر ۽ پوليس ڪانسٽيبل رهي ڪئي. ان سمي سندس من ۾ مارن جي دردن ۽ هن خطي ۾ ڪو جديد تعليمي مدرسو قائم ڪري، علم جا ڏيئا روشن ڪرڻ واري خواهش ڪر موڙي جاڳندي رهي هئي. جڏهن کيس جاگير واپس ملي ته، هن پنهنجي خوابن وارو مدرسو قائم ڪيو. صحت ۽ تعليم لاء هن جيڪا ڪاوش ڪئي. تنهن کي زمانه ياد ڪندا رهندا. سندس قائم ڪيل مدرسي ۾ پهريان شاگرد ڳوٺ ٿوهي لغاري ۾ محمد حسن لغاري جي ملان مڪتب مان نامياري استاد، شاعر ۽ ليکڪ محمد صديق مسافر آندل چار شاگردن هرهڪ علي بخش، ولي محمد، عبدالله، غلام محمد کي داخل ڪري کين مسواڙ تي ورتل جڳهه ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. ۽ پوءِ 1921ع تائين مدرسي ۾ شاگردن جو تعداد 40 ٿي ويو. علم جا دروازا کلي ويا. هن مدرسي ۾ لاڙ، ٿر، ڪوهستان سميت سڄي سنڌ جي واهڻ ۽ وستين مان علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ ٻارن کي بنا رنگ، نسل ۽ اوچ نيچ جو فرق رکڻ جي لارينس مدرسي ۾ داخلا ڏني پي وئي. انهن جي کاڌي، ڪتابن ۽ رهائش جو بندوبست به مير غلام محمد پنهنجي هڙان پي ڪيو. هي مدرسو رجسٽر ڪرڻ لاءِ جڏهن 1921ع دوران ٽنڊي باگي ۾ سنڌ جو ڪمشنر رويو آيو ته ان کي مير غلام محمد ٽالپر پنهنجي قائم ڪيل مدرسي جو معائنو ڪرايو. ڪمشنر رويو مدرسي جو معائنو ڪري ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سرڪار کان منظوري لاءِ وزيٽر بڪ تي سفارشي نوٽ هنيو ۽ پوءِ انهي سال تعليم کاتي لارينس مدرسو منظور ڪيو. فرلو موڪل تي ٽنڊي باگي آيل محمد صديق مسافر جو جولاءِ 1921ع ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر سنڌ لينٽ تي آرڊر حيدرآباد جي ٽرينگ ڪاليج مان ٽنڊي باگي جي لارينس مدرسو ۾ ڪيو. 1922ع کان 1924ع تائين انگريزي اکر E جي ڊزائين تي برصغير جي ماهر ڪاريگرن اڏوات جي نادر نموني طور شاندار عمارت جوڙي راس ڪئي. جڙيل عمارت تي مير غلام محمد ٽالپر پنهنجي نالي بجاءِ پنهنجي دوست انگريز آفيسرن ڪليڪٽر حيدرآباد لارينس جي نالي سان لارينس مدرسو منسوب ڪيو، ۽ شاگردن لاءِ ٺهرايل هاسٽل ڪمشنر ڪراچي گبسن جي نالي سان منسوب ڪئي. گبسن هاسٽل جا ٻه حصا هئا، جنهن مان هڪ حصي ۾ مسلمان شاگرد ۽ ٻي حصي ۾ هندو شاگرد رهندا هئا. استادن جي رهائش لاءِ جدا بنگلا، ماڙي ۽ ڪواٽر ٺهرايل هئا. جڏهن مير غلام محمد ٽالپر وائسراءِ هند جي ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ شملا ويو ته، اتي وائسراءِ هند جي کاڌي لاءِ ٺاهيل ڊائنگ هال کان متاثر ٿيو. انهي نقشي تي شملا کان واپسي بعد هن ٽنڊي باگي جي لارينس مدرسي ۾ شاندار ڊائنگ هال ٺهرايو. جنهن ۾ جڏهن غريب شاگرد ماني کائيندا هئا ته، مير غلام محمد ٽالپر انهن شاگردن کي ڏسي مرڪندو هو، اها مرڪ جيڪا تاريخ جي مرڪ هئي. مير غلام محمد ٽالپر ان ڊائنگ هال کي به پنهنجي سئوٽ مير شاهه محمد جي نالي منسوب ڪري ڇڏيو. 1920ع کان 1932ع تائين مير غلام محمد ٽنڊي باگي ۾ زنانو اسڪول، ويم گھر، مسافر خانو، گرلس پرائمري اسڪول، هنري ڪلاسن سميت، گشتي دواخانو، لارينس مدرسو ۾ لائبريري، باغيچو قائم ڪيا. سندس خدمتن بابت مشهور شاعر محمد صديق مسافر پنهنجي نظم جي هڪ بند ۾ هيئين اپٽار ڪئي ته؛
صحت ۽ تعليم جو عاشق سچو، صاحب سچي
خير خارڻ خلق جي قربان ڪيئين ڪيڏي رقم
انڊومينٽ فنڊ ۾ لکين رپيا مدرسو هلائڻ لاءِ سرڪاري اڪائونٽ ۾ رکيا ۽ سوين شاگردن جا ڪتاب، ڪپڙا ۽ کاڌو هو کارائيندو هو. درياءَ دلي جي حد ته اها به هئي، جو مير پنهنجي حاضري جي غريب نوڪر جمعي خاصخيلي جي پٽ قادر بخش خاصخيلي کي پڙهائي، پنهنجي خرچ تي اعليٰ تعليم ڏيساور مان ڏياري. قادر بخش خاصخيلي پنهنجي دور جو مشهور تعليمي ماهر ٿي گذريو آهي. اتي مير غلام محمد سنڌ جي پهرين وڏي وزير مير بنده علي ٽالپر، عمر بن محمد دائودپوٽو اعليٰ تعليم لاءِ برطانيه ۽ احمد علي شاهه، سيد مرتضيٰ شاهه کي لاهور جي طبيه ڪاليج جي ڪورس لاءِ ٽن سالن لاءِ موڪليو ۽ مولوي حڪيم عبدالستار ميمڻ کي دهلي طبيه ڪاليج ۾ طب جي چار سالن جي ڪورس لاءِ موڪليو. انهن نامور نالن کانسواءِ لارينس مدرسي ٽنڊي باگي مان ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل پڙهيو، جنهن تُرڪي ٻولي تي دسترس حاصل ڪئي. جنهن کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. هن مدرسي مان شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد خان جوڻيجو، پنجن ٻولين ۾ ڊڪشنري لکندڙ الهڏنو عباسي، مشهور وڪيل ڍالو مل موتي، مشهور شاعرن ۾ ڀون سنڌي، ڪنول لوهاڻو، منظور سمون، فراق هاليپوٽو، غلام شبير لغاري، مقبول هاليپوٽو، شاهد حميد، الهبچايو راهوڪڙو، مرحوم سيشن جج نورالحق راهوڪڙو، سيشن جج اقبال خواجا، ڏهس جو بادشاهه شاعر طالب لوهار، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالحڪيم ملاح، سابق رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي ۽ ماهر اقصاديات محمد حسن تُرڪ، سابق مرحوم ايم.پي.اي علي بهادر شاهه، سابق صوبائي وزير مرحوم رئيس نبي بخش خان ڀرڳڙي، سابق ايم.پي.اي ۽ سابق صوبائي وزير سيد علي بخش شاهه عرف پپو شاهه، سيد مقبول شاهه وهڻائي شريف، سابق ايم.پي.اي پير امجد شاهه صديقي، مشهور حڪيم عبدالستار سميت هزارين شاگردن هن مدرسي ۾ پڙهي پنهنجي پنهنجي علائقن اندر تعليمي سجاڳي پيدا ڪئي. مير غلام محمد ٽالپر مختلف مدرسا هلائڻ لاءِ مولوي حاجي احمد ملاح ۽ محمد عثمان ڀنڀرو جي مدرسي سميت ٻين ڪيترن مدرسن کي سالياني گرانٽ پڻ ڏيندو هو. هن مدرسي جي جنرل رجسٽر تحت هيل تائين 17063 شاگردن مئٽرڪ پاس ڪئي،۽ جڏهن ته 5276 شاگردن انٽر پاس ڪئي آهي. اهو تعداد هي مضمون ڇپجڻ تائين اڃان به وڌي ويندو. اها ڪهڙي اُڃ هئي جو مير غلام محمد جانورن کي کاڌو ۽ پکين کي داڻو پڻ کارائيندو هو. پنهنجي دور جو وڏو جاگيردار هجڻ جي باوجود انتهائي سادا ڪپڙا، مٿي تي پٽڪو ۽ وڏو ڪوٽ پائي هلندو هو. کيس انگريز سرڪار طرفان آنرري مئجسٽريٽ جا اختيار مليل هئا، پر هن ڪو به ناانصافي تي ٻڌل فيصلو نه ڪيو. هو اهڙو عظيم انسان هو، جيڪو جيڪڏهن شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي دور ۾ پيدا ٿئي ها ته ؛
”جکرو جس کرو ،ٻيا مڙئي انيرا” جيان ئي شاهه سائين ڀيٽا ڏي ها، پر هي جنهن انڌيري ۾ پيدا ٿيو ۽ هن پرهه ڦٽڻ لاءِ علم جو ڏيئو هٿ ۾ کڻي، جيڪا روشن لاٽ ڪئي. اها شمع اجهاڻي ڪونهي.
هن مدرسي کي 1925ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو، پر هن جو خواب هو ته ٽنڊوباگو ۾ لارينس مدرسو کي يونيورسٽي جو درجو ملي. اهو سندس خواب 12 فيبروري 1932ع ۾ سندس وفات سبب اڌورو رهجي ويو. 1947ع ۾ قيام پاڪستان بعد لارينس مدرسو تعليم کاتي سنڌ جي حوالي ڪيو ويو. 1990ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو هن مدرسي کي هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏنو. 2003ع ۾ لارينس مدرسو کي پاڪستان جي نيشنل هيريٽيج ۾ شامل ڪري زبون ٿيل مدرسي جي عمارت جي ريوليشن شروع ڪئي وئي. 2012ع ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر فهميده مرزا ۽ اڳوڻي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ڪوشش سان ايران گورنمينٽ جي هڪ سماجي تنظيم هائوسنگ سوسائٽي پاران هاسٽل جي ٻن حصن اولهندي ۽ اڀرندي ونگن کي جديد طرز تي ٻه منزلا خوبصورت عمارت جوڙائي وئي آهي. پر بدقسمتي اها آهي جو ڊائنگ هال اجڙي کنڊر جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. هندو شاگردن جي هاسٽل جو حصو ڊهي ويو. مسجد زبون ٿي وئي آهي.
استادن لاءِ ٺهيل بنگلا، ڪواٽر ۽ گبسن هاسٽل جو هڪ حصو کنڊرن جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن. جن کي ڏسڻ سان اکين ۾ لڙڪ لڙيو اچن ٿا.
مير غلام محمد ٽالپر نه رڳو مدرسو ٺهرايو ۽ سماجي ڪم ڪيا. هن پنهنجو نالو لکين دلين جي اندر ۾ اوتي ڇڏيو ۽ پنهنجي ديس جي ماڻهن جي ٻارن کي هڪڙو اهڙو ادارو ڏنو، جنهن مان هزارن جي تعداد ۾ علم جي اڃين اچي، علم حاصل ڪري زندگي کي نوان نغما سُر ۽ نوان انداز ڏنا ۽ هن گلشن جي آبياري ڪندي، پنهنجو نالو به روشن ڪري ويا ۽ ڪن پيا. مير غلام محمد ٽالپر جي جي وفات تي سندس ياد ۾ محمد صديق مسافر کيس ڏات جا گل نڇاور هيئن ڪيا ته؛
اي قلم؛ تحرير ڪــرڻو توکــي اڄ تازو الم
خان بهادر مير صاحب جو وسرڻو ناهه غم