علي احمد چانڊيو
مُوت توکي وَرِي مَيار باغ مان وِئِين گُلِ پَٽِي
آهِن يادِ اِهِي آزار باغ مان وئِين گل پٽي
1
هَنجھه پِيا هَنجُهون هارِين خان بهادر توکي سارين
وِڇوڙِي جو وار وَارِينِ، غم گوندو مَنجِھه گُذارين
ٽُوڙِي وِئِين ڪِهڙا ٽارِ باغ مان وئِين گُل پَٽِي
2
مير غلام محمد هوندي، ڳالھه ٻڌائي بيهندي بيهندي
پيغام ڏنائين ويندي ويندي، علم پرايو جڳ ۾ جيئندي
ڪهڙا مُحسن ڪيڙئي ڌار باغ مان وئين گل پٽي
3
لاڙ جو ابو لقب ان جو، غلام محمد نالو تنهنجو
صدقو جارِيَه جاري جنهنجو، اهڙو خير ٻي نه ڪنهنجو
دعائون ڪَنِ ٻڍڙا ٻار، باغ مان وئين گل پٽي
4
علي احمد آخر فنا قبول ڪبي رب رَضا
آهي بس ڏاڍو الله ڪُونه پُڇي ايندي قَضا
موت آهي منزل يار باغ مان وئين گل پٽي