شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

اڄ جي گلوبل وليج ۽ مير

اڄ جي گلوبل وليج ۽ مير

- پروفيسر ڀون سنڌي

سنڌ جي روايتي جاگيردار گھراڻي ۾ اک کوليندڙ جاگيردار، مير غلام محمد خان ٽالپر ــــ پر جاگيرداڻي مزاج کان بنھه ابتڙ طبيعت ۽ لباس ۾ صفا سادو. روين ۽ هلت چلت ۾ بلڪل هڪ عام ماڻهو جيان نه وڏيرڪي ذهنيت ۽ نه وري جاگيرداڻي ٺٺ ٺانگر ۽ هوڏ. نصابي تعليم نه هئڻ برابر پر مشاهدي جي اک ((visionپڙهيل ڳڙهيل ۽ ڏاهن ماڻهن کان به ڪئين ڀيرا اڳتي وڌندڙ ماڻهن جي سڌاري ۽ سماجي ترقي ۾ علم جي اهميت ۽ روشن مستقبل جي واضح فڪري سوچ برِصغير ۾ سر سيد جو تعليمي ميدان ۾ وڏو نالو هو هن جي پروگرام ۾ مردن جي تعليم ته هئي پر عورتن جي تعليم جو خانو خالي هو. پر هن مرد مٿير مردن جي تعليم سان گڏو گڏ عورتن جي تعليم کي به همٿايو. هن جي اکين هميشه علم سان لاڳاپيل روشن آئيندي جا خواب ڏٺا. اهو ئي سبب آهي جو هن جا ان وقت ۾ قائم ڪيل ادارا موجوده وقت جي ڪافي يونيورسٽين کان پکيڙ، عمارتن، سهولتن ۽ معيار جي لحاظ کان بهتر ۽ وڏا هئا.
اڄ جڏهن دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي رهي آهي ۽ شعور جي اوسر ڄاڻ ۽ رسائي جديد سهولتن سبب عبدالستار ايڌي، مدرٽيريسا خدمتن جي مد ۾ وڏو مان ماڻيو آهي. تڏهن مير غلام محمد خان ٽالپر جي ذڪر کانسواء انساني ڀلائي جي تاريخ اڻپوري ئي رهندي، جيڪو ڪميونيڪيشن جي اڻهوند، اونداهي ۽ اگھائي واري دور ۾ اسپتالون، گشتي شفاخانا، مسافر خانه ۽ خيراتي ادارا کولي درد مندن جو دارون بڻيو.

هن ڌرتي کي جيترو شاھ، سچل، سامي ۽ خليفي نبي بخش جي اتم شاعري، دودي، دولهه ۽ مرحوم بلاول جي سورهيائي ۽ مير باگي خان ۽ سنڌ راڻي جي پيار جي داستان تي به رشڪ آهي، اوترو ئي فخر هن امڙ سنڌ کي پنهنجي سٻاجهي ۽ سدوري پٽ مير غلام محمد خان ٽالپر جي ڪيل رنگ نسل کان پاڪ بي لوث خدمتن تي به آهي.
مونکي به اهو اعزاز حاصل آهي ته آئون مير صاحب جي اسڪول ۾ پڙهيس جتي مونکي هن دنيا جي عميق اسرارن ۽ زمزن کي سمجھڻ جو موقعو مليو ۽ مونتي ڄاڻ ۽ آگهي جا نوان ۽ الف کا در کليا.
مون لاء اها به فخر لائق ڳالھه آهي ته آئون مير صاحب جي اسڪول جي پراڻن شاگردن جي تنظيم اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي باني ميمبرن مان آهيان ۽ مير صاحب جي زندگي ۽ سندس ڪيل نيڪ ڪمن تي سڀ کان پهرين مخزن “اهڙا مانجھي مرڻا ناهن” به منهنجي زيرِادارت شايع ٿي.
مون کي اڃان به گھڻي خوشي ٿي رهي آهي جو مير صاحب تي مٿي ذڪر ڪيل مخزن ۽ ان کانپوءِ مختلف وقتن تي شايع ٿيندڙ مخزنن کي گڏي هڪ ڪتابي شڪل ۾ آندو ويو آهي ان جي بيڪ ٽائيٽل لکڻ لاء منهنجي چونڊ ڪئي وئي.