شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

مرحوم مير غلام محمد خان ٽالپر باني لارينس مدرسه ۽ هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو

مرحوم مير غلام محمد خان ٽالپر باني لارينس مدرسه ۽ هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو

- محمد طالب لوهار

(منهنجي هن مضمون جو انحصار جناب مير نور حسين خان ولد مير حاجي شاھ محمد خان ٽالپر جي روايتن تي آهي.)
هن کنڊ ۾ ڪيتريون ئي قومون رهن ٿيون. سنڌ صوبي ۾ ڪيتريون ئي قومون ٻاهران اچي آباد ٿيون آهن ۽ اصلوڪن رهواسين سان خلت ملت ٿي ويون آهن. تنهن هوندي به انهن جون ڪي ريتون رسمون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي جدا جدا نمونن سان نروار آهن. جنهن وقت ۾ سنڌ تي ڪلهوڙا حڪمران حڪومت ڪندا هئا، ان وقت سنڌ کي آس پاس جي حڪومتن جي ڪاهن کان بچاءُ واسطي اهڙن قبيلن جي ضرورت هئي، جيڪي سنڌ تي ڪاھ وقت سنڌ جو بچاءُ ڪري سگھن. انهي خيال کي مدِ نظر رکي ڪلهوڙن حاڪمن بلوچستان مان ٽالپر قبيلي جي جريح جوانن کي پنهنجي ملڪ ۾ هميشه رهڻ لاءِ گھرايو. ڪلهوڙا حاڪم حڪومت به ڪندا هئا ۽ پيري مريدي به ڪندا هئا. تنهن ڪري آيل ٽالپر قبيلي جا ماڻهو پڻ ڪلهوڙن جي پيري مريدي ۾ داخل ٿيا. ان سان گڏ ڪيترا نوجوان ٽالپر فوج ۾ ڀرتي ٿيا ۽ سنڌ جي سرحدن جي بچاءُ ڪرڻ خاطر ڇانوڻيون هڻي رهڻ لڳا. اهڙيون ڇانوڻيون اڀرندي طرف عمرڪوٽ ۾، اتر طرف ڪشمور ۾، اولھه ۾ کيرٿر جبل ۽ ڏکڻ طرف احمد راڄو، روپاماڙي بدين لڳ هيون. جيئن ته بلوچ نوجوان اصل کان مجاهدانه طبيعت جا هئا ۽ نهايت رلڻا ملڻا، وفادار ۽ خيرخواه طبيعت جا هئا، تنهنڪري سندن اثر رسوخ عوام ۾ وڌندو ويو. ٻي طرف ڪلهوڙن حاڪمن جي ڪج روي ۽ پاڻ ۾ خانه جنگي ۽ رقابت سبب ڦوٽ پئجي چڪي هئي. تنهنڪري ڪلهوڙا حاڪم گھڻو ڪري حڪومت جي ڪمن کان غافل رهيا ۽ پنهنجي اندروني خلفشار کي درست ڪرڻ ۾ لڳا رهيا. انهيءَ ماحول ۾ ٽالپرن پاڻ کي موکيو ۽ عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويا. ڪلهوڙن حاڪمن کي اچي خوف دلين گير ٿيو ته مبادا ٽالپر خاندان اسان کان حڪومت ڦري وڃن تنهنڪري پنهنجي گهرايل مهمانن ۽ معتقد مريدن کي نهايت شڪ جي نگاه سان ڏسڻ لڳا. ڪيترن نوجوان ٽالپرن کي بي گناه قتل ڪرايو ويو ۽ ساڻن جنگ جويانه رويه اختيار ڪيو ويو. انهي عرصي ۾ ۽ ڪلهوڙن جي غير منصفانه رويه کان تنگ ٿي عوام پڻ ڪلهوڙن جي خلاف ٿي بيٺو ۽ خاندان ٽالپرن کي همٿائڻ لڳو ته ڪلهوڙن جي هن آزار واري حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي. تنهن کانسواءِ ڪلهوڙن افغانستان کان پٺاڻ لشڪر گھرائي مدد خان پٺاڻ جي سرڪردگي ۾ سنڌ ۾ هڪ وڏو ڪوس ڪرايو ۽ ڦرلٽ ڪرائي سنڌ کي تلف ۽ تاراج ڪرايو. انهن مڙني ڳالهين عوام کي ڪلهوڙن حاڪم خلاف ڪري وڌو. تنهنڪري ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ هالاڻي ۾ سنه 781 ع ۾ فيصلا ڪن جنگ لڳي. جنهن ۾ ڪلهوڙن هارايو ۽ ٽالپرن کي سوڀ حاصل ٿي. ان کانپوءِ 62 سالن تائين ٽالپرن سنڌ تي صاحبي ڪئي.
سنه 1843ع جي منحوس سال ۾ سنڌ جي خودمختياري ۽ آزادي ختم ٿي ويئي ۽ انگريز راڄ شروع ٿيو جيڪو سال 1947ع ۾ وڃي ختم ٿيو.
ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ تي حڪومت هلائڻ لاءِ ٽالپرن چئن ڄڻن حاڪمن جي چؤياري مقرر ڪئي ويئي. تنهن ۾ مير باگو خان جو نالو ڪونه هو. حالانڪه ڪلهوڙن واري جنگ ۾ مير باگو خان پڻ هڪ وڏو جرنيل هو. جنهن کي پنهنجو جدا لشڪر هو جنهن پڻ جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. مگر کيس ملڪي معاملات ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو ويو. جنهن تان مير باگو خان تپيو مگر پوءِ بلوچ بادشاهن کيس پرچائي راضي ڪري ٽنڊي باگي وارو خطو کيس جاگير طور وٺي ڏنو ۽ ان کي آباد ڪرڻ لاءِ سندس هڪ دوست شادي خان خاصخيلي جي معرفت هڪ وڏو واه نالي باگو واه ۽ شادي واه ڦليلي مان کوٽائي پنگريه کان اڳتي وڃي پراڻ ۾ ڇوڙ ڪرايو جنهن تي آباديون ٿيڻ لڳيون. تنهن کانسواءِ مير نصير خان ۽ مير ماڻڪ وارن پڻ ٻه واه کوٽايا جيڪي تعلقي کي آباد ڪن ٿا. تنهن ڪري مير باگو خان شهر ٽنڊي باگي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. جتي اڄ ڏينهن تائين سندس پويان آباد آهن.

خاندان ۽ سندس وڏا
مير باگو خان جي پشت مان هڪ نالي وارو مرد مجاهد عوام جو هڏ ڏوکي، صاحب سخاوت مير غلام محمد خان ٽالپر سنه 1876ع ۾ شهر ٽنڊي باگي ۾ مير محمد خان جي گهر ۾ تولد ٿيو، مير محمد خان جو والد مير ولي محمد خان ٽالپر نهايت سخي ۽ درويش قسم جو ماڻهو هو. مير ولي محمد خان ٽالپر جي والد صاحب جو نالو مير غلام محمد خان ٽالپر (جاگيردار) هو. جيڪو مير باگي خان باني شهر ٽنڊي باگي جو ڀائٽيو هو. مير باگو خان مير مرزو خان ٽالپر ماڻڪاڻي ٽالپر جو ٻيو نمبر فرزند هو. جنهن کي ماڻڪاڻي ٽالپر سڏيو ويندو آهي.

طالب علمي وارو زمانو ۽ تعليم
مير غلام محمد خان ٽالپر کي وقت جي دستور موجب ملان مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي قرآن شريف پڙهڻ بعد سنڌي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائون، فارسي جي تعليم گلستان ۽ بوستان تائين حاصل ڪئي. اسڪول جي زماني کان سندس اکر نهايت سنها ۽ صفا لکندا هئا. خطن ۾ بعض فارسي بيت ۽ مقولا استعمال ڪندا هئا.

ڪتابن جو مطالعو ۽ شوق
مير صاحب کي علم ۽ ادب سان نهايت گھڻو شوق هو. سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪتاب سندس مطالع هيٺ هوندا هئا. جن ۾ ڪي مذهبي، تواريخي ۽ علم تصوف ۽ ويدانت جا هوندا هئا، شاھ جو رسالو ڊاڪٽر گربخشاڻي جو تصنيف ڪيل هميشه زيرِ مطالع هوندو هو.
سنڌي اخبارون انهي وقت جون سڀ گھرائيندا هئا. زندگي جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ “تذڪره غوثيه” سندن خاص مطالع هيٺ هوندو هو.

سياست سان واسطو
مير صاحب سندن وقت ۾ ملڪ ۾ هلندڙ آزادي جي تحريڪن ۾ حتي المقتدر گپت دان ڏيندو رهندو هو ۽ وقت جي سياست دان سان پورو پورو ساٿ ڏيندو هو.

جاگيرداري
ٽالپر حڪمرانن جي وقت کان وٺي مير باگي خان ۽ ان جي پوئين کي جاگير عطا ٿيل هئي. مير غلام محمد خان ٽالپر جو والد مير محمد خان ٽالپر پڻ انهي جاگير جو وارث هو. سندس ڏاڏو مير ولي محمد خان ٽالپر نهايت جهونو ٿي ويو ۽ زمينداري ڪم سنڀالڻ جهڙو نه هو ۽ سڄي جاگير مقروض ٿي وئي. تنهن ڪري سنه 1895ع ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر برٽش سرڪار کي درخواست ڏني ته سندس مٿين جاگير حڪومت پاڻ سنڀال هيٺ رکي ۽ ان جو ساليانه معاوضه پوئين کي ڏنو وڃي. انهي سال 1895ع ۾ سندن ڏاڏو مير ولي محمد خان ٽالپر وفات ڪري ويو ۽ جاگير ڦري سندس والد مير محمد خان جي نالي ٿي. جيئن ته مير محمد خان پڻ وڏي ڄمار جو هو ۽ سنه 1911ع ۾ وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ جاگير ڦري مير غلام محمد خان ٽالپر جي نالي ٿي. جيئن ته جاگير سرڪار کان واپس مير محمد خان جي حياتي هوندي واپس ڌڻين کي ملي چڪي هئي ۽ مير غلام محمد خان ٽالپر جيڪو مير محمد خان ٽالپرجو اڪيلو پٽ هو. تنهن ڪري انهي جاگير جو سنڀالو شروع ڪيو. جاگير ۽ رعيتي زمين جي ايراضي 2500 هزار ايڪڙ هئي. جنهن کي مير غلام محمد خان ٽالپر پنهنجي سنڀال هيٺ آندو. انهي وقت زمينداري جا ٻه وڏا مرڪز هئا. هڪ کڏهرو ۽ ٻيو ماچوري. انهي جائين تي پنهنجي هارين، ڪڙمين، ڪاسبين ۽ مزدورن وغيره جي ٻچن جي تعليم لاءِ مير صاحب ٻه سنڌي اسڪول کولايا. نه رڳو ايترو پر انهن اسڪولن سان گڏ بورڊنگ هائوس پڻ ٺهرايا، جتي غريب شاگرد رهڻ لڳا ۽ انهن کي کاڌو پيتو، گندي ڪپڙو ۽ ڪتاب وغيره سڀ ڪجھه مير صاحب طرف ملندو هو.

انگريزي اسڪول جو خيال ۽ بنياد
جئين ته مير صاحب پنهنجي حياتي جي تجربي مان گھڻو ڪجهه پرايو هو ۽ مٿس اها ڳالهه واضح ٿي چڪي هئي ته تعليم جي واڌاري کانسواءِ ماڻهن جو سڌارو اچي نه سگهندو. ان زماني ۾ انگريزي تعليم جو وڏو چرچو هلندڙ هو. ازانسواءِ تعليمي تحريڪ جيڪا علي ڳڙھ کان سر سيد احمد خان شروع ڪئي هئي ۽ ان جي زيرِ اثر حسن علي افندي جي نگراني ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة السلام هلي رهيو هو. تنهنڪري مير صاحب کي پڻ اهو خيال دامن گير رهيو هو ته شهر ٽنڊو باگو ۾ پڻ هڪ هاءِ اسڪول کولائجي، جتي نه فقط لاڙ جا ڇوڪرا تعليم وٺن بلڪه سڄي سنڌ جا شاگرد هتان فيض ياب ٿين. انهي پنهنجي تعليم رٿا کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ ماستر محمد صديق “مسافر” سان صلاح مشورو ڪيو ويو جنهن نوڪري تان موڪل وٺي انگريزي اسڪول شروع ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. ان ريت 1920-1921 ڌاري ميمڻ پاڙي ۾ هڪ جڳھه مسواڙ تي ورتي وئي، جتي انگريزي ڪلاس مسٽر محمد صديق “مسافر” جي نگراني هيٺ شروع ڪيا ويا. ان انگريزي اسڪول سان گڏ بورڊنگ هائوس پڻ کوليو ويو. جتي ٻاهريان شاگرد رهڻ لڳا جن جي کاڌي، پيتي، گندي ڪپڙي ۽ ڪتابن وغيره جو خرچ پڻ مير صاحب پنهنجي هڙان ڏيندو هو.

هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ۽ گبسن بورڊنگ هائوس
انهي عرصي دوران ٽندي باگي شهر جي اوڀر طرف ڌني واري کاڻ جي ڪپ تي هڪ هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جي عمارت مير صاحب پنهنجي خرچ سان تعمير ڪرائي ورتي. حڪومت جي تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ هاءِ اسڪول جو نالو لارينس مدرسه ۽ هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو رکيو ويو. ۽ بورڊنگ هائوس جو نالو گبسن بورڊنگ هائوس رکيو ويو. شاگردن جي سهوليت لاءِ بورڊنگ هائوس جي ڀر ۾ هڪ عاليشان مسجد پڻ ٺهرائي وئي. سنه 1923ع ڌاري هن نئين ٺهيل هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس ۾ شاگرد اچي رهيا.
سنه 24-1923 ڌاري هن هاءِ اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر مسٽر عبدالرحيم ڪرمتي بلوچ بي.اي، ايل. ايل. بي مقرر ٿيو. جيڪو حيدرآباد ۾ وڪيل هو.

هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ جي ڀلائي لاءِ 3 لک روپيا ڊپازٽ
هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل کي هلائڻ لاءِ سرڪار وٽ ٽي لک روپيا بني وولنٽ فند Benevolent Fund ۾ سرڪار وٽ ڊپازٽ طور رکيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين محفوظ آهن. ۽ فقط انهي جي وياج مان هاسٽل ۽ بورڊنگ جو خرچ هلي ٿو.

شاگردن جي اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر موڪلڻ
مير صاحب شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر موڪليندو هو. طب ۽ جراحت جي ڪم سکڻ لاءِ لاهور ۾ هڪ ڪاليج هو جتي ٻن حڪيمن هر هڪ پير احمد شاھ ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاھ کي لاهور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن سالن جي ڪورس واسطي پنهنجي خرچ تي پڙهايو. جيڪي لاهور ڪاليج مان “ذبده الحڪماءُ” جو سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪري آيا، جن اچي پنهنجون اسپتالون کوليون. پير احمد شاھ ڪجه وقت لاءِ ٽنڊو باگو شهر بولس شفاخانه هلايو. مير صاحب کيس درماه پگهار ۽ کيس ٻيو عمله مقرر ڪري ڏنو. دوائن وغيره جو خرچ پڻ پاڻ ڀريندا هئا.
ان ريت هڪ ٻي حڪيم مولوي عبدالستار ميمڻ کي دهلي جليه ڪاليج ۾ چار سالن جو ڪورس ڪرڻ لاءِ موڪليو. جيڪو اتان فاضل طب و جراحت جو سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪري آيو. جنهن کي مير صاحب پنهنجو ذاتي حڪيم ڪري رکيو.
تعليم جي سلسلي ۾ مير بنده علي خان ٽالپر ولد مير حاجي محمد حسن خان ٽالپر ٽنڊي غلام علي واري کي پنهنجي خرچ تي اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ (لنڊن) ٽن سالن لاءِ موڪليو.
عليڳڙھ يونيورسٽي ۾ پنهنجي حاضري جي نوڪر جمع خاصخيلي جي پٽ مسٽر قادر بخش خاصخيلي کي اعليٰ تعليم لاءِ موڪليو. جيڪو پوءِ ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو.
شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه کي پڻ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪثير رقم ڏني.

۽ ٻيا نيڪ ڪم
انهي کانسواءِ مير صاحب ٻيا ڪييترا نيڪي جا ڪم ڪيا ۽ شهر ٽنڊو باگو ۾ زناني تعليم لاءِ هڪ عاليشان گرلس اسڪول تعمير ڪرايو. جتي اڄ ڏينهن تائين نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن.
ديني تعليم لاءِ مدرسن کي ساليانه گرانٽ ڏيندا هئا. مولوي محمد عثمان ڀنڀرو شادي پلي کي عربي مدرسه لاءِ هڪ هزار روپيا ساليانه چندو ڏيندو هو.

مير صاحب جو اولاد
مير غلام محمد خان ٽالپر چار شاديون ڪيون مگر ڪو به اولاد ڪونه بچيو. پاڻ بنا اولاد جي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس چاچو مير حاجي غلام خان ٿيو. جنهن کان پوءِ سندس سلسلو هلندو اچي.

وفات
مير صاحب جي وفات بابت ڪيتريون ئي روايتون آهن پاڻ 12 فيبروري 1932ع جو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري لاڙ کي هميشه جدائي جو داغ ڏئي ويا.