شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جو پوءِ وارو احوال

اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جو پوءِ وارو احوال

- مورواڻي نٿو مل

مرحوم مير صاحب جي وفات ڪري لاڙ يتيم ٿي ويو. شاگردن مٿان پدري شفقت جو هٿ کڄي ويو. هن خطي ۾ تعليمي ميدان ۾ اٿيل طوفان، في الحال ماٺو ٿي ويو. پر جيئن ته بيراڳين جون باهيون اجهاڻيون ناهن. سوال صرف اهو آهي ته وارث صالح هجن ۽ صحيح رکوالي ڪري سگھن. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ان باغ جي ڪن رکوالن کي رکوالي جو خيال جاڳيو. شايد اهو 1940ع جو مقدس سال هو، جنهن ۾ هن اسڪول مان فيضياب ٿيل ڪن شاگردن ڪنهن حد تائين اولڊ بوائز ايسوسيئيشن برپا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي. ان جو روح روان جناب محمد حسين ترڪ، سابق رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي هو. ان ايسوسيئيشن جو ڇا ٿيو، وڌيڪ معلوم نه ٿي سگھيو. ان سلسي ۾ وڌيڪ ڪوششون جيڪي درجي بدرجي ٿينديون آيون آهن، انهن جو سهرو، ڊاڪٽر يعقوب مغل، مرحوم آدم کتري، ايڊوڪيٽ علي احمد پاٽولي، پيار علي خواجه، محترم الهڏنه عباسي ۽ ٻين جي سر سونهي ٿو. ايسوسيئيشن جو صحيح بنياد 4 جون 1970ع تي پيو، جڏهن ڪم هلائڻ لاءِ ايڊهاڪ ڪاميٽي چونڊجي آئي. جئن ته منهنجي مضمون جو واسطو ايڊهاڪ ڪاميٽي جي برخواست ٿيڻ ۽ ايگزيڪيوٽو باڊي جي چونڊجڻ کانپوءِ سان آهي. تنهنڪري انهي ڳالھه کي اتي ڇڏيندي پنهنجي مقصد طرف اچان ٿو.
(ايڊهاڪ ڪاميٽي جي مڪمل ڪارگذاري جي ڄاڻ لاءِ محترم اي.ايم.عباسي جي مضمون جو مطالعو ڪندا.)
ايڊهاڪ ڪاميٽي 6 جنوري 1974 تي آئين مڪمل ڪيو، جنهن تحت 12 فيبروري 1974 تي پهرين ايگزيڪيوٽو باڊي جي چونڊ ٿيڻي هئي. جنهن جون ذميداريون مسٽر قمرالدين قاضي جي حوالي ڪيون ويون جيڪو صاحب اسڪول جو هيڊ ماستر هئڻ ڪري خود بخود ايگزيڪيوٽو باڊي جو ميمبر ٿي ويو. 2 فيبروري فارمن ڀرڻ جي آخري تاريخ هئي. مٿان 12 فيبروري ويجهي هئي. ان لاءِ زور شور سان تياريون شروع ٿيون. اخبارن، پوسٽورن ۽ ريڊئي رستي ورسي جو اطلاع، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏنو ويو. ڪئلينڊر پڻ اسڪول ۽ مير صاحب جي فوٽو سان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. 11 فيبروري کان اسٽيج جو ڪم شروع ٿيو، ويهڻ جو انتظام ڊائننگ هال ۾ ڪيو ويو. هن ڏس ۾ محترم علي نواز روستماڻي نمايان ڪم ڪيو. 12 فيبروري تي صبح کان ماڻهو اچڻ ٿيا. هيل تائين ملهايل ورسين ۾ هي پهرين ورسي هئي جنهن ۾ هيتري تعداد ۾ ماڻهو اچڻ شروع ٿيا هئا. مير جي مزار تان حاضري ڏيئي سڌو ڊائننگ هال پهتاسين. ڪاروائي قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروع ٿي، ماڻهو اڃان به اچي رهيا هئا. اندر تر ڇٽڻ جي به جاءِ ڪانه هئي. مير نور حسين خان صدارت ڪري رهيو هو ۽ مهمان خصوصي جناب نبي بخش ڀرڳڙي ايم.پي.اي هو. پوري ماحول تي سناٽو ڇانيل هو، ويتر شاگردن، اديبن، شاعرن ۽ علم دوست حضراتن جي تقريرن ۽ شعرن ماحول کي اڃا به غمزده ڪري ڇڏيو. وسريل ورق دهرايا ويا. ايئن پي محسوس ٿيو، ڄڻ لاڙ جي ابي 42 سال اڳ نه بلڪ اڄ فاني دنيا کي الوداع ڪيو آهي. سڀني عهد ڪيو ته مير جا شمع روشن ڪئي آهي انکي اجهامڻ نه ڏنو ويندو. هن ورسي ۾ ڊالو مل موتي جنرل سيڪريٽري ائڊهاڪ ڪاميٽي چئن سالن جي ڪاڪردگي تي تفصيل سان روشني وڌي. ان کان پوءِ اسٽيج سيڪريٽري راقم الحروف انهن عهديدارن جا نالا ظاهر ڪيا جيڪي ايگزيڪيوٽو باڊي تي چونڊجي آيا، سڀ عهديدار بنان مقابلي چونڊجي آيا.
(1) خواجه پيارعلي. صدر
(2) ڍالو مل موتي جنرل سيڪريٽري
(3) محمد حسن ميمڻ نائب صدر
(4) نٿو مل مورواڻي جوائنٽ سيڪريٽري
(5) علي محمد کتري. خزاچي
(6) علي نواز رستماڻي ميمبر
(7) محمد اقبال ميمبر
(8) ڀون داس جي راماڻي ميمبر
(9) غلام مصطفيٰ ميمڻ ميمبر
(10) الهر کيو ميمڻ ميمبر
(11) محمد طالب لوهار ميمبر
مهمان خصوصي چونڊيل عهديدارن کي بيج هنيا ۽ کانئن قسم کڻايا. عهديدارن عزم ڪيو ته هو کنيل مقصد کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ هر ممڪن جدوجهد ڪندا. آيل دوستن کي مير جي ماني کارائي ويئي ۽ اهڙي طرح هي پروقار تقريب اختتام تي پهتي.
وقت به وقت ايگزيڪيوٽو باڊي جا ميمبر ۽ عهديدار پاڻ ۾ ملندا رهيا. ائسوسئيشن جي واڌاري ۽ هٿ ۾ کنيل مقدس مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مشورا ٿيندا رهيا. هن ڏس ۾ سڀ کان اڳ انهن ڪمن کي هٿ ۾ کنيو ويو جن جي شروعات اڳ ٿي چڪي هئي. ائسوسئيشن کي رجسٽر ڪرائڻ لاءِ اپاءُ ورتا ويا ۽ ائسوسئيشن کي رجسٽر ڪرايو ويو. جن صاحبن هن ڪم ۾ موکيو انهن ۾ نمايان نالا جناب قمرالدين قاضي ۽ پيار علي خواجه صاحب جا ڳڻي سگهجن ٿا. استادن جي کوٽ ۽ مقامي استادن کي آڻڻ لاءِ موثر اپاءُ ورتا ويا. هن ڏس ۾ ڊائريڪٽر تعليم ۽ وزير تعليم جناب پيار علي الانه سان مختلف وقتن تي ملاقاتون ڪري سندن ڌيان تعليمي مسئلن ڏانهن ڇڪايو ويو. انهن ڪوششن جو اهو نتيجو نڪتو جو ڊائريڪٽر تعليم جناب حبيب الله ميمڻ پاڻ روبرو اچي حالتن جو جائزو ورتو. هنن ڪوششن جي نتيجي ۾ اسان گرلس مڊل اسڪول کي ان آفيشلي هاءِ اسڪول منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ۽ پڻ مقامي استادن هڪ محترم الهڏنه عباسي کي نندي شهر مان بدلي ڪري ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول تي رکيو ويو ۽ پڻ راقم الحروف کي امن آباد مان ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول ۾ ڊيپوٽيشن تي رکيو ويو. هن سموري ڪوششن ۾ جن صاحبن پنهنجو پورهيو ڏنو تن ۾ جناب پيار علي خواجه، ڍالو مل موتي، راقم الحروف، قاضي قمرالدين، ۽ طالب لوهار جا نالا قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ ائسوسئيشن ٻين معاملن ۾ به خاموش نه رهي، جهڙوڪ مير صاحب جي زندگي تي ڪتاب شايع ڪرڻ، لائبريري کولڻ، ٽنڊو باگو ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ وغيره. انهن ڪمن کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ڪاميٽيون ٺاهيون ويون ليڪن اهي ڪاميٽيون ائسوسئيشن جي ڪم کي بر ثواب ڪري نه سگھيون. انهي جو سبب يا ته ڪاميٽي ميمبرن جي خيالن ۾ هڪجهڙائي نه هئڻ يا ته ذميواري جي سلسلي ۾ ڪوتاهي سندن ناڪامي جو باعث بني.
12 فيبروري 1975ع به مٿان اچي پهتي. ويتر مالي پريشاني به پريشان ڪري ڇڏيو. ان وچ ۾ گرونانڪ لائبريري به ڪن مشڪلاتن سبب بند ٿي چڪي هئي جنهن ڪري ائسوسئيشن لاءِ آفيس جو مسئلو به پيدا ٿي چڪو جو اڳي اتي ائسوسئيشن جي آفيس قائم هئي. اسڪول جي هيڊماستر جناب قاضي قمرالدين هن ڏس ۾ ائسوسئيشن جي مدد ڪئي ۽ هاسٽل جو هڪ ڪمرو بطور آفيس جي استعمال لاءِ ڏيئي زنده دلي جو ثبوت ڏنو. مالي مسئلو اڃان به درپيش هو ..... هن ڏس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهي مسئلي جي حل لاءِ ٻاهر جو تفصيلي دورو ڪجي ۽ پڻ هر پراڻي شاگرد کان 10 رپيه ساليانو چندو وٺي مسئلي کي ماٺيڻو ڪجي. انهي ڪم لاءِ مسٽر علي محمد کتري کي مقرر ڪيو ويو جنهن صاحب تمام وڏي محنت ڪري چندا وصول ڪيا. ٻاهر جي ڪم جو ذمون پيار علي خواجه ۽ راقم الحروف تي رکيو ويو. اسان پنهنجي مدد لاءِ ٽي شاگرد، غلامي مجتبيٰ قاضي، محمد اسماعيل ميمڻ، سپاف ٽنڊو باگو جو صدر ۽ گلاب راءِ صوفي ساڻ ڪري روانا ٿياسين. جس هجي انهن شاگردن کي جن بکون ۽ اڃون ڪاٽيون پر همت نه هاريائون. سندن بي لوث خدمت جو اسان کي اعتراف آهي. اسان تعاون جي سلسلي ۾ ڏيئي، پنگريو، نندو شهر، تلهار، بدين، اڇ ۽ ٻين شهرواسين جون خدمتون پڻ نٿا وساري سگهون جن صاحبن ائسوسئيشن جي مالي مدد ڪري دريا دلي جو مثال پيش ڪيو. جڏهن اسين واپس موٽياسين ته اسان وٽ پنج هزار روپيه هٿ ۾ هئا ۽ هاڻي ائسوسئيشن کي ڪوبه مالي مسئلو درپيش نه هو. پويان جناب قمرالدين قاضي ۽ جناب علي نواز رستماڻي صاحب ورسي جا انتظام مڪمل ڪري چڪا هئا. ورسي هاڻي بند ڪمري بجاءِ کلي پنڊال ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏا پوسٽر ڇپرايا ويا. اخبارن رستي سنڌي عوام کي ورسي جو اطلاع ڏنو ويو. آئين جو ڪاپيون سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڇپرايون ويون. ڪارڪن وڏي اتساه سان ڪم ڪري رهيا هئا. اسڪول جي احاطي ۾ اسٽيج ٺاهي ويئي، وڏا شاميانا لڳايا ويا. نيٺ تيارين ڪندي، اهو ڏينهن به اچي ويو جنهنجو انتظار هو. صبح کان ئي ٻاهرين دوستن، شهرين ۽ شاعرن، اديبن ۽ علم دوست حضراتن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. هن ورسي جي اها خصوصيت هئي جو پراڻا شاگرد جن مير کي اکين ڏٺو هو وڏي وڏي تعداد ۾ آيل هئا. اسڪول جي پراڻي شاگرد ايڇ ايم خواجه جو انتظار هو. بهرحال پوري مدرسي ۾ گهماگهمي هئي. اسڪول جو پراڻو شاگرد نورمحمد خواجه ٽائيم فوٽو وارو به اچي چڪو هو. ايتري ۾ خواجه صاحب جي ڪار هارون وڄائيندي اسڪول جو گيٽ پار ڪري اندر داخل ٿي. حاضرين خواجه صاحب سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌيا. خواجه صاحب سڀني سان گلي لائي، ڀاڪر پائي مليو. سڀ اتان مرحوم مير جي مزار تي هليا. عظيم محسن تي گلن جي ورکا ڪئي ويئي. اتان ٿي قافلو مسافر جي آخري آرامگاه تي پهتو. مسافر جي قبر به مسافر وانگر سماج جي بي قدري سبب اجڙيل هئي. حاضري ڀري اسڪول پهتاسين. جتي خواجه صاحب اسٽال جو معائنو ڪيو، جتي مير صاحب جا فوٽو، آئين جون ڪاپيون، ڪئلينڊر ۽ ائسوسيئشن جا ميمبرشپ فارم رکيل هئا. خواجه صاحب پاڻ ميمبرشپ فارم ڀريو، کيس ان ڏينهن جو اخبارون پڻ پيش ڪيون ويون جن ۾ مير جي زندگي تي مضمون شايع ٿيا هئا. ورسي شروع ٿي، صدارت جا فرائض مير صاحب جي خاندان جو چشم و چراغ مير نياز حسين سر انجام ڏيئي رهيو هو ۽ مهمان خصوصي جي ڪرسي تي خواجه صاحب براجمان هو. هن ورسي ۾ لاڙ جون نامياريون سياسي شخصيتون آيل هيون، جن ۾ جناب پير علي بهادر شاه، جناب نبي بخش ڀرڳڙي، جناب سيد مقبول احمد شاه جا نالا قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ اخباري نمائندا، فوٽو گرافر، اديب، شاعر جن ۾ جناب منشي ابراهيم، مجذوب لاشاري، غلام احمد بيدم، بشير سيتائي، ڪنول لهاڻو. محمد صديق مرهم، ڀون سنڌي، چرياڻ خاصخيلي، ميوو خان لاشاري، محمد هاشم خادم ۽ ٻيا علم دوست حضرات وڏي تعداد ۾ آيل هئا. پوري ماحول تي خاموشي طاري هئي. مرحوم مير کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. هن ورسي ۾ به نوان عهد و انجام دهرايا ويا. تعليمي آفيسرن جي سرد مهري ۽ اسڪول جي زبون حالت تي ماتم ڪيو ويو. پراڻن شاگردن جي بيوفائي کي ورجايو ويو، جيڪي هينئر وڏن عهدن تي فائز آهن، پر اسڪول لاءِ ڪجھه نه ڪيو اٿن، ورسي جي اختتام کان پوءِ مير جي ماني ٿي ۽ هرڪو پنهنجي ماڳ ڏانهن روانو ٿيو.
ائسوسئيشن طرفان سال 1975ع لاءِ ڪجھه واعدا ڪيا ويا. انهن جي حصول لاءِ وري به دستوري ۽ هنگامي ميٽنگون ٿينديون رهيون. اسڪول جي عمارت جيئن ته گهڻي وقت کان مرمت نه هئڻ سبب زبون حال ٿي ويئي هئي. شاگرد آسمان جي هيٺ وڻن جي سهاري تعليم وٺڻ لڳا. دليون تڙپي اٿيون، ڏاڍو ڏک ٿيو. تعليم کاتي جي آفيسرن کي اخبارن رستي، تارن رستي پڪارون ڪيون ويون. ڊائريڪٽر صاحب پهتو پر افسوس جو ڊائريڪٽر صاحب به عمارت وانگر پنهنجي بي وسي جو احساس ڏياري هليو ويو. زبون عمارت جا فوٽو ورتاسين ۽ اڃان به مٿي بالا اختياري وارن ڏانهن راهي ٿياسين. وزير تعليم سان ملياسين کيس روبرو حقيقتون ٻڌايونسين ۽ فوٽو پڻ پيش ڪياسين. ان کانسواءِ انڊوومينٽ فند جيڪو مير صاحب اسڪول جي سڌاري ۽ هلائڻ لاءِ سرڪار وٽ رکيو هو ٽن سالن کان جنهنجو وياج نه مليو هو، ان جي ملڻ لاءِ عرض ڪيوسين. جنهن لاءِ وزير تعليم صاحب اسان کي اڪائونٽنٽ جنرل ڏانهن لکي ڏنو جتان ڪاغذ مڪمل ڪراياسين ۽ وياج نئين سر جاري ٿيو. اسڪول جي خسته حالي لاءِ وزير تعليم صاحب ڊائريڪٽر ڏانهن لکي ڏنو. ڊائريڪٽر صاحب سان حيدرآباد ۾ ڳالهيون ڪيونسين. وڌيڪ ڳالهين ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽر صاحب ٽنڊي باگي اچڻ جو واعدو پڻ ڪيو ليڪن نوڪري سندس وڌيڪ ساٿ ڏئي نه سگهي۽ سندس جاءِ تي جناب مراد علي نظاماڻي مقرر ٿي آيو. اسانجون ڳالهيون اڌ ۾ رهيون وري به وفد پيار علي الانه صاحب سان ملڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ کيس مسئلن کان واقف ڪيو. جنهنجي نتيجي ۾ نئون ڊائريڪٽر ٽنڊي باگي آيو ۽ خود حالتن جو جائزو ورتائين.مرمت جو ڪم جيڪو اڳ شروع ٿيو هو ۽ بند ٿي چڪو هو. تنهن کي وري نئين سر چالو ڪرايو ويو. هن ڪم ۾ جن صاحبن مدد ڪئي ۽ ڪراچي تائين وفدن جي صورت ۾ هليا تن ۾ جناب پيار علي خواجه، ايڊوڪيٽ علي احمد پاٽولي، جناب منظور علي لاکاڻي ايڊمنسٽريٽر ٽنڊو باگو ٽائون ڪاميٽي، جناب محمد حسين ميمڻ ۽ راقم الحروف جا نالا قابل ذڪر آهن.
هن بعد ائسوسئيشن کي ٻي به هڪ معاملي کي منهن ڏيڻو هو، جيڪو هو گبسن بورڊنگ هائوس کي نئين سر منظوم ڪرائڻ. جنهن جي ميٽنگ 1967 کان ٿي نه سگھي هئي، هن ڏس ۾ هيڊ ماسترن به پنهنجي وقت ۾ ڪوششون جاري رکيون. ائسوسئيشن هن معاملي کي، منظم نموني هٿ ۾ کنيو. گبسن بورڊنگ هائوس جو چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر هوندو آهي ۽ هن بورڊ جو مقصد اسڪول جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سوچڻ ۽ رٿائون ٺاهڻ هوندو آهي. ائسوسئيشن بدين ضلعي جي پهرئين، ۽ لاڙ جي هر دلعزيز ڊپٽي ڪمشنر جناب غياث الدين جوڻيجي صاحب کي هن معاملي ۾ عرض ڪيو. جنهن صاحب دلي تعاون ڪيو ۽ بورڊ کي نئين سر منظم ڪري ڏنو. ازانسواءِ ائسوسئيشن پنهنجو هڪ نمائندو پڻ بورڊ تي کڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي ۽ اهڙي طرح هي سالن جو رهيل مسئلو به حل ڪيو ويو. هن ڏس ۾ پيار علي خواجه جي خدمتن کي داد ڏيندي نٿا رهي سگهون.
ان کانسواءِ ائسوسئيشن کي مير صاحب جي نالي لائبريري ۽ آفيس قائم ڪرڻ، سال 1976 جو ڪئلينڊر ڇپائڻ، ۽ پڻ مرحوم مير جي سوانح حيات کي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائي عوام جي آڏو پڌرو ڪرڻ جو ڪم پڻ آڏو هو. جئن ته انهن ڪمن لاءِ ڪيتريون ئي ڪاميٽيون ٺهيون ۽ ڊهيون هيون ۽ ڪم ٿي نه سگهيو هو، تنهن ڪري فيصلو ڪيو ويو ته ڪاميٽين جي جاءِ تي هر هڪ ڪم لاءِ هڪ ماڻهو منتخب ڪيو وڃي. راقم الحروف کي لائبرري ۽ آفيس جي ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو. مون اهو سمورو ڪم مڪمل ڪيو، ۽ دفتر کي اسڪول مان منتقل ڪري نئين آفيس ۾ منتقل ڪيو ويو.
سال 1976 جي ڪئلينڊر جو ڪم جناب ڍالو مل بخوبي انجام ڏنو. ڪتاب لاءِ محترم ڀون سنڌي کي مرتب مقرر ڪيو ويو. جنهن صاحب ڪوشش ڪري ڪتاب جو مواد وغيره گڏ ڪري، ان کي ترتيب ڏيئي ڇپايو، جيڪو توهانجي هٿن ۾ آهي. اهڙي ريت ائسوسئيشن 12 فيبروري 1975 تي جيڪي واعده ڪيا هئا، سي خير خوبي سان پورا ڪيا.