شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

محسنِ سنڌ

محسنِ سنڌ
- پروفيسر عبدالله ملاح

تاريخ جي عبادت ڪدي ۾ جلوه افروز هڪ شخص
ڪردار جي قد ڪاٺ جي ماپ تور جا ماپا ماڻان انساني تاريخ جي ڪاتب وٽ ٻيا آهن ۽ دربارن جي ٽڪرن تي پيٽ پاليندڙن ابن غلام قاضين وٽ ماپ تور ٻي آهي. وقت جي حاڪمن جي دربارن جي درن تي نراڙ گسائيندڙن قاضين جي ڪتاب جا هيرا انساني تاريخ جي بي ريا ڪاتبن جي تاريخ ۾ انسان دشمن ۽ انساني حقن ۽ انساني پرامن تهذيبن جا غدار نڪتا.
جن ماڻهن تي پنهنجي دور ۾ قصيدا پڙهيا ويا . اهي سڀ تاج ڌڻي، انساني تاريخ جي ماپ تور ۾ کُٽي پيا. انساني تقدس جي تاريخ جي تاج محلن جي چائنٺن تائين نه پهتا. تخت تاج محل ماڙيون سونا تخت طائوس تاريخ جي قبوليت جي ميلي ۾ پل ڀر قبول نه ڪرائي سگهيا. وقت جي دريا جي سيلابن سامهون صاحب ڪردار انسان جبلن جيان اڄ به قائم دائم آهن. مئي کان پوءِ سندن مقامن تان هوائون به هيٺ ڪنڌ ڪري احترام سان گذرن ٿيون. ميرباگي جي رت سان تعلق رکندڙ مير محمد خان ٽالپر جو پٽ مير غلام محمد ٽالپر انهن تاريخ جي ملوڪ مهانڊن راول راڻن مان هو پاڻ 1876ع ۾ ٽنڊي باگي جي شهر ۾ مير محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ ڄائو ته سندن زمين هند سرڪار وٽ گروي هئي سنڌ غلام هئي انگريزن جي بادشاهي جو زمانو هو. انگريزن 1843ع کان 1947ع تائين سنڌ تي بادشاهي ڪئي. ان سئو سالا تاريخ ۾ هنن هن سنڌ ۾ هڪ به ڪاليج قائم نه ڪيو، هڪ به يونيورسٽي قائم نه ڪئي. هو سنڌ ۾ ۽ پوري هند ۾ اونداهي جا طلبگار هئا.
جبل مان گس جوڙي جيڪڏهن ٻي پار کان ڪنهن جو گهر لٽجي ته ان کي ترقي نه چئبو آهي. ريلوي رستا، پلون، هنن هند سنڌ مان گهر ڌڻين کان ڦريل ملڪيتون پنهنجي اصل گهر پهچائڻ لاءِ ٺاهيا ۽ هند سنڌ جي ماڻهن کي غلام رکڻ لاءِ گس گهڙيا. چور کاٽ هڻندا آهن ڀاڳئي جي گهر ۾ بتي نه ٻاريندا آهن.
هي لک مهربانيون چند علم پرور انسانن جون، جن هت علم جا ٻه چراغ ٻاريا ورنه نسلن جا نسل جهالت ۽ لاعلمي جي غارن ۾ انڌن واريون هٿوراڙيون هڻي مري وڃن ها. مير غلام محمد ٽالپر انهن مهربانن سنڌ جي ضميرن مان هو. جن بر ۾ برهه جون باهيون ٻاريون. سندس ڄائي ڄم کان سندن زمين گروي هئي پاڻ 1876ع کان 1909ع تائين عمر جا 34 سال پورهيا ڪيا. هر هلايا، کانٽيون کنيون، هرلا هلايا، عرضي نويسيون ڪيون، پوليس واري نوڪري ڪئي ۽ پوءِ جڏهن زمين تان گروي لٿي ته ڊاڪٽر محمد يعقوب چواڻي ته پاڙي جي زميندار کان 4000 هزار قرض کڻي ٻني آباد ڪئي فصل لٿا ته نه گاڏيون ورتيون نه بنگلن مٿان بنگلا اڏايا محمد صديق مسافر کي حيدرآباد مان سرڪاري نوڪري تان موڪل وٺائي اچي 1920ع ۾ انگريزي اسڪول قائم ڪيو. محمد صديق مسافر چواڻي ته ”مير صاحب پنهنجي بنگلي جون ڪرسيون کڻي اچي منهنجي حوالي ڪيون. چيائين ته اسڪول هلائي. خرچ پکي لاءِ مودي رکي ڏنائين. پگهار تي بورچي رکي ڏنائين، شاگردن جي رهائش، ڪتابن ۽ کاڌي پيتي جو خرچ پاڻ ڏيندو هو. 1922ع ۾ لارنس مدرسي جي هن عظيم عمارت جي تعمير ڪرائي. شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ گبسن هاسٽل تعمير ڪرائي. اسڪول کي هلائڻ لاءِ سرڪاري گرانٽ ۽ پنهنجا اڍائي لک روپيه ملائي انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو. جنهن جي اصل موڙي اڄ به قائم آهي. ان فنڊ جي وياج مان سندس جيئري ۽ مئي کان پوءِ هي اسڪول هليو اهيو فنڊ اڄ به قائم آهي. هو علم پرور شخص هو. هن نه رڳو پنهنجي اسڪول ۾ ٻار پڙهايا پر سندس اسڪول مان پاس ٿي جيڪي شاگرد مسلم علي گڙهه يونيورسٽي ۽ دهلي جي طيبه ڪاليج ۾ پڙهڻ ويندا هئا انهن کي سندن پڙهائي جو خرچ پکو ڏيندو هو. سنڌ جي وزيراعليٰ مير بنده علي ٽالپر کي ٻاهر پڙهڻ لاءِ ٽن سالن جي اسڪالرشپ ڏني. دائود پوٽو صاحب ڊاڪٽريٽ لاءِ ٻاهر ويو ته کيس اسڪالرشپ ڏني. سنڌ ۾ ان وقت جيڪي اسڪول مدرسه هلندا هئا انهن کي ماهوار وظيفو ڏيندو هو. ڊاڪٽر يعقوب مغل صاحب ڄاڻائي ٿو ته عثمان ڀنڀري ۽ مولوي حاجي احمد ملاح جي مدرسن کي ماهوار وظيفو مير صاحب ڏيندو هو. ڏيپلي واري هاءِ اسڪول کي ان وقت 5000 هزار ڏنائين 1927ع ۾ ٽنڊي باگي م گرلس اسڪول قائم ڪرايائين، اسڪول جي عمارت قائم ڪرائي لوڪل بورڊ حوالي ڪيائين گشتي دوا خانون قائم ڪرايائين. پنهنجي حاضري جي نوڪر جمع خاصخيلي جي پٽ قادربخش خاصخيلي کي لاهور ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو خرچ ڏنائين. پنهنجي زمينن، ماچوري ۽ کڏاهري ۾ پنهنجي هارين جي اولاد لاءِ پرائمري اسڪول قائم ڪرايائين، جيستائين جيئرو هو انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي ڪپڙي گندي، ماني ٽڪي ڪتابن جو خرچ پاڻ ڪندو هو. مينهن وسندا هئا بيماريون اچي منهن ڪڍنديون هيون نه سواريون نه رستا نه اسپتالون مسڪينن جو الله کان سواءِ ٻيو ڪير، مير صاحب ڊاڪٽر گهرائي پنهنجي هڙان وڙان دوائون وٺي ٻهراڙي ۾ گشتي دواخاني ذريعي ماڻهن جا علاج ڪرائيندو هو. گرلس اسڪول ۾ نياڻين کي هنرمند بنائڻ لاءِ هر مهيني هرک ۽ بافتي جا ٻه ٿان موڪليندو هو ته ڇوڪريون ڀرت ڀرڻ سکن. نه رڳو هن ٽنڊي باگي ۾ ويم گهر قائم ڪيو پر ان ويم گهر لاءِ دائين کي سکيا ڏياري. مڙس ٿڪو ڪونه. رڻ ۾ علم جا شهر اڏي ڇڏيا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، شيخ محمد سومار، ايم ايڇ پنهور، حفيظ لغاري، هن اسڪول مان پڙهيا، دلين جي سخاوت ۽ علم پروري جو جت به جڏهن به ذڪر ٿيندو ته شروعات هن سخي دل انسان جي نالي سان ٿيندي. روح جي سرن سان لارينس مدرسي جو هن بنياد رکيو. ماڻهن جا سنگ مرمر جا محل مساڻ ٿي ويا. هن عمارت جي چانٺ تي اڄ به حياتي جي آسمان جا چنڊ سجدي ۾ آهن. محل ڌڻين ملڪيتن تي ساهه ڇڏيندڙن تخت ڌڻين جو ڪو نالو وٺڻ وارو ڪونهي. هن شخص جي ڪردار جي سونهن جا چراخ انساني تاريخ جي عبادت ڪدي ۾ جلوه افروز آهن جيستائين. انسانيت ۽ علم پروري ۾ نالو هن دنيا ۾ باقي آهي ايستائين هن سخي مڙس جي. انساني خدمتن جا قصه اڀرندڙ لهندڙ سج پيا ڳائيندا. خدا کيس جنت ۾ جايون ڏي.، هن جي مهربانين سان هن پٽ جي پٺن اگهارن پورهيتن جي پٽن اڇا ڪپڙا پاتا.