انسانيت جو ڄاڻو شخص، مير غلام محمد خان ٽالپر
جيڪي ماڻهو قوم جيئاريندا آهن، پنهنجي ڌرتي پنهنجي خطي جي ماڻهن لاءِ ڀلائي ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪندا آهن، اهي ماڻهو تاريخ ۾ سدائين امر هوندا آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي ساڻيھه جي دردمند انسانن لاءِ پنهنجي ڌن ۽ دولت وقف ڪري ڇڏيندا آهن، انهن جا کوڙ سارا مثال اسان جي لاڙ پٽ ۾ موجود آهن پر اهو غلامي جو دؤر هو، جڏهن انگريز سامراج جي غلامي ۾ وڪوڙيل سماج ۾ اهي انسان جيڪي علم جي زيور کان محروم هئا، ان انڌيري دؤر ۾ لاڙ جو سخي سرواڻ، ميرغلام محمد خان ٽالپر جنهن پنهنجي ذاتي ملڪيت مان ٽنڊي باگي شهر م اسڪول جو بنياد وڌو ۽ سموري لاڙ ته ڇا پر سموري سنڌ ۾ اها علم جي شمع جلائي جيڪا صبح قيامت تائين روشن رهندي.
اڄ مونکي هي لفظ لکندي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، جو اسان مير صاحب جي زندگي بابت هڪ مڪمل ڪتاب ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڪجھه پراڻن ڪتابن جو ناياب مواد به آهي ته اسان جي سنڌ جي قلم ڌڻين جون نيون تحريرون به موجود آهن. آئون سمجهان ٿو ته هي ڪتاب آڻڻ ڪا وڏي ڳالھه ضرور ناهي ڇو جو مير صاحب جو احسان نه فقظ اسان تي پر اسان جي ايندڙ نسلن تي آهي پر وري به، اسانجي سموري ٽيم، دانش ڪمار لوهاڻه، علي اورنگزيب سمون، محمد عمر سمون، ڌرپن ڪمار لوهاڻه، پروفيسر امتياز احمد قمبراڻي، شاهجهان سمون، هي جيتري به ڪوسش ڪئي آهي، اها توهان جي سامهون آهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي تاريخ ۾ هي ڪتاب پنهنجي الڳ حيثيت رکندو ۽ هن ڪتاب ۾ ڪا ننڍي وڏي غلطي هجي ته اها درگذر ڪندا ڇو ته مير صاحب جو اسان جي لاڙ پٽ جي ماڻهن تي اهو احسان آهي جيڪو اسين لاهي ته نٿا سگهون پر ڳائي ضرور سگهون ٿا.
سي جيءَ جيارا ماڻهو هي سڀ کان پيارا ماڻهو هئا.
جن ساھ ڏئي، ويساھ ڏنو. سي دل ۾ درد دکائي ويا.
رشيد احمد ميمڻ
ٽنڊو باگو، فنانس سيڪريٽري- اولڊ بوائز ايسوسيئيشن