لاڙ جو ابو _ مير غلام محمد خان ٽالپر
- محمد خان سمون
سنڌ جي لوڪ داستان مير باگو ۽ سنڌ راڻي جي ڪردار مير باگو خان ٽالپر جي نالي سان قائم ٽنڊي باگي شهر جي سڃاڻپ مختلف حوالن سان رهندي آئي آهي . هتي خليفو نبي بخش لغاري به آهي جنهن ڪيڏارو لکيو ، 1947 ۾ مير خدا بخش ٽالپر پاران جوڙايل صاحبه محل به هن علائقي جي سڃاڻپ رهيو آهي.ان کان علاوه هن علائقي جي جاگيردار پاران جوڙايل لارينس مدرسه اسڪول سڄي سنڌ ۾ پنهنجي نمايان حيثيت رکندڙ اداري طور مڃيو وڃي ٿو. ڪلهوڙن کان حڪومت ڇڏائڻ وقت هڪ سپه سالار حڪومت ۾ حصيدار ٿيڻ بدران سنڌ راڻي (سونيتي اڍيجڻ ) سان لانئون لهي ڦليلي واهه مان باگو واهه کوٽرائي ٽنڊو باگو شهر اچي آباد ڪيو هو. 1806 ۾ سندس وڏي فرزند مير ولي خان ٽالپر ٽنڊي باگي ۾ جنهن هنڌ تي پنهنجي ڪوٽ ۽ ديري جي تعمير ڪرائي هئي ته کيس ڪهڙي خبر ته سوا سؤ سالن کان پوء سندس ايندڙ نسل مان مير غلام محمد ٽالپر انهي جاء تي اسڪول قائم ڪندو 1876ع ۾ ٽالپرن جي ماڻڪاڻي پاڙي جي فرد مير محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مير غلام محمد خان ٽالپر پنهنجي ويهارو کن ڀائرن ۾ آخري بچي ويل پٽ هو، جنهن کي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپايو ويو هو.جاگيرداري قرض سبب سندس ڏاڏي مير ولي محمد خان ٽالپر جي سموري زمين مئينجري کاتي ۾ هلي ويئي، جيڪا 1909 ۾ واپس ٿي. انهي عرصي دوران مير صاحب پوليس کاتي ۾ سپاهي جي نوڪري به ڪئي ۽ پوء مختلف مجبورين سبب استعفى ڏني ۽ اسٽئمپ وينڊري جو پيشو اختيار ڪيو.1911ع ۾ سندس والد جي وفات بعد اها جاگير سندس ورثي ۾ آئي ۽ ڪجهه قرض کڻي اهي زمينون آباد ڪيائين ۽ هڪ دفعو وري سندس ڳڻپ پنهنجي علائقي جي نالي وارن جاگيردارن ۾ ٿيڻ لڳي. مسڪيني جي حالت کي پنهنجي اکين سان ڏسندڙ هن خدا ترس سخي انسان علائقي جي ٻين غريب ماڻهن جي درد کي سمجهندي انهن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ واسطي اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هي اهو دور هيو، جڏهن پوري حيدرآباد ڊويزن ۾ فقط ٽي انگريزي اسڪول هلي رهيا هئا. انگريز سرڪار جي دور ۾ جڏهن صرف علائقي ۾ جاگيردار ئي سڀ ڪجهه هئا ۽ اهي فقط پنهنجي مفاد لاء سوچيندا هئا، مگر اهڙي دور ۾ جاگيردار ذهنيت کان هٽي ڪري، مير صاحب اهڙو ادارو قائم ڪري هن علائقي کي سموري سنڌ سان ڳنڍي ڇڏيو. انهي اسڪول قائم ٿيڻ پويان به ڪئين قصا شامل آهن. جڏهن مير صاحب اسڪول کولڻ جو ارادو ڪيو ته پوء حيدرآباد جي ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج ۾ پڙهائيندڙ استاد محمد صديق مسافر کي بدلي ڪرائي ٽنڊي باگي وٺي آيو. کيس پنجاه روپيا ڀاڙي جا ڏيندي چيائين ته وڃ، پنهنجو حيدرآباد ۾ پيل سامان کڻي هتي اچي اسڪول شروع ڪر. ان کانپوء محمد صديق مسافر اٺ ڀاڙي ڪري ٽنڊي باگي کان ڏهه پنڌرنهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قائم هڪ ڳوٺ ٿهي ۾ پهچي ٿو، جتي ميانجي محمد حسن خان لغاري جي مدرسي مان پنج شاگرد هٿ ڪري اچي ٿو ۽ ٽنڊي باگي جي شيدي پاڙي ۾ پهرين جنوري 1920ع ۾ هي اسڪول شروع ڪيو وڃي ٿو. مير صاحب جي خرچ تي انهن شاگردن جي لاء انگريزي جي پهرين درجي جا ڪتاب حيدرآباد مان گهرائجن ٿا. جڏهن پندرهن سورهن پرديسي شاگرد ٿي ٿا وڃن ته مير صاحب اسڪول ڀرسان هڪڙي ٻي جاء اسڪول جي بورڊنگ هائوس لاء مسواڙ تي وٺي ٿو ڏيئي، بورچي به ملي ٿو ۽ بورڊنگ جو خرچ به ملي ٿو. مير صاحب مسافر کي چيو هو ته خرچ منهنجو ،محنت تنهنجي، ڪڏهن به دل سست نه ڪجان. مارچ 1921ع ۾ ان وقت جو سنڌ جو ڪمشنر ريو صاحب جڏهن گشت ڪندي ٽنڊي باگي ۾ منزل انداز ٿيو ته ان کي هي اسڪول ڏيکاريو ويو. ڪمشنر صاحب سنڌي ٻولي سمجهندو به هو ۽ ڳالهائيندو به هو، تنهن پنهنجي وزٽ نوٽ ۾ مير صاحب جي دريا دلي جي نهايت تعريف لکي ۽ لاڙ جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ اهڙي بندوبست ۽ انتظام سان انگريزي اسڪول شروع ٿيڻ تي نهايتي خوشي جو اظهار ڪيائين. مير صاحب کيس هن اسڪول کي رجسٽر ڪرڻ لاء چيو، جنهن کان پوء هن اسڪول کي باقائده رجسٽر ڪيو ويو. پهرين مها ڀاري لڙائي دوران مير صاحب هڪ لک روپيا جنگي قرض طور ان وقت جي سرڪار کي ڏنا هئا، سي واپس نه ورتائين ۽ اهي منافعي سميت ايجوڪيشن انسپيڪٽر کي بورڊنگ هائوس ۽ اسڪول جي خرچ لاء ڏياريائين. 1922ع جي شروع ۾ مير صاحب اسڪول جي نئين بلڊنگ ٺهرائڻ شروع ڪئي.1923ع ۾ موجوده اسڪول جي بلڊنگ، يعني پنج ڪلاس روم، هڪ هيڊ ماستر جي آفيس، ماسٽرس روم، بورڊنگ هائوس جي اتر طرف واري لائين، بورچيخانو، ڊائيننگ روم، جامع مسجد ۽ ٻين شهرن مان آيل استادن جي رهڻ جي لاءِ ڪوارٽر ٺهي چڪا هئا. مير صاحب اسڪول تي نالو ان وقت جي ڪمشنر لارينس جي نالي پٺيان رکيو ۽ بورڊنگ هائوس تي گبسن هائوس رکيائين، جيڪو پڻ حيدرآباد جو اڳوڻو ڪليڪٽر هو ۽ ٻئي سندس دوست هئا. 1924ع ۾ اسڪول نئين بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ مير صاحب نئين بلڊنگ جي تعمير لاء مليل گرانٽ به اسڪول جي انڊومينٽ فنڊ ۾ جمع ڪرائي ۽ هڪ لک روپيا نقد به ايجوڪيشن انسپيڪٽر جي روبرو ڪراچي ۾ ڏيئي انڊومينٽ فنڊ جي ڪل رقم اڍائي لک روپيا قائم ڪيائين. مير صاحب ان دور ۾ به ڇوڪرن جي تعليم سان گڏ نياڻين جي تعليم لاء پڻ ڪوشان رهيو. 1928ع ۾ ڇوڪرين جي اسڪول لاء پڻ پڪين سرن سان هڪ پڪي جاءِ ۾ تعمير ڪرايائين ۽ محمد صديق مسافر معرفت حيدرآباد جي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ آپا ختو يوسفاڻي کي بدلي ڪرائي پهرين آگسٽ 1928ع ۾ ڇوڪرين جو اسڪول قائم ڪيو ۽ ماسترياڻي صاحبه جو ڪٽنب سميت رهائش جو بندوبست پڻ ڪيو. مير صاحب ٽنڊي باگي تعلقي جي ماچوري ۽ کڏهرو ڳوٺ ۾ اسڪول پڻ قائم ڪرايا. 1931ع ۾ مير صاحب ٽنڊي باگي ۾ زناني اسپتال ۽ ويم گهر پڻ قائم ڪرايا. اتي موجود اسٽاف ۽ دوائن جو خرچ به مير صاحب پاڻ ڀريندو هو. مختلف ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي گهر ويٺي صحت جون سهولتون ڏيڻ واسطي هڪ گشتي دواخاني جو پڻ بندوبست ڪيو. ان وقت جي سرڪار پاران مير صاحب کي آرڊر آف برٽش ائمپائر (او بي اي) جو خطاب پڻ مليل هو. مير صاحب اسڪول قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ غريب ۽ هوشيارشاگردن کي پنهنجي خرچ تي سنڌ مدرسة السلام ڪراچي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ وڌيڪ تعليم لاء موڪليندو هو. مير صاحب پاران قائم ڪيل تعليمي اداري مان جتي علائقي واسين کي فائدو ٿيو، اتي ٻاهر جا به گهڻا شاگرد فيضياب ٿيا. سندن رهائش، کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو مير صاحب جي ذمي هوندو هو. مير صاحب سنڌ جي شاگردن کي ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. جن ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، مير بنده علي ٽالپر جيڪو سنڌ جو وزير اعلى پڻ رهي چڪو آهي وغيره شامل آهن. اڄ به بدين جي پي ايڇ ڊي شخصيتن توڙي اعلى عهدن تي رهندڙن جي اڪثريت هن درسگاهه مان تعليم پرائي آهي. مير غلام محمد خان ٽالپر 12 فيبروري 1932ع تي وفات ڪئي. جيتوڻيڪ هن کي پنهنجو اولاد نه هو، پر هو سڀني شاگردن کي پنهنجو اولاد سمجهندو هو.1921ع ۾ ڪمشنر ريو سندس مهمان هو، رات جو کاڌي جي ميز تي ڪمشنر کانئس پڇيو ته مير صاحب توهان کي ڪيترو اولاد آهي، مير صاحب کيس چيو ته آئون پنهنجي اولاد سان توهان کي صبح جو ملائيندس، صبح جو اسڪول جي وزٽ دوران اسيمبلي ۾ پهچي رات واري سوال جو جواب ڏيندي مير صاحب شاگردن ڏانهن اشارو ڪندي ڪمشنر کي ٻڌايو ته هي آهي منهنجو اولاد. هڪ دفعي ڪنهن شاگرد کي ڪجهه پئسن جي ضرورت هئي، هو مير صاحب وٽ آيو، مير صاحب ڪجهه رقم هن کي ڏني، جيڪا هن بي ترتيب انداز سان اتي مير صاحب کي واپس ڪئي. ڪچهري ۾ ويٺل ماڻهن کي حيراني ٿي، انهن سمجهيو ته مير صاحب کي ڪاوڙ لڳي هوندي، مگر مير صاحب ٻيهر ان شاگرد کي اندر گهرائي شفقت سان سندس ضرورت موجب رقم ڏني. انهي تي موجود ماڻهن مير صاحب کي چيو ته توهان ته ويتر هنن کي خراب پيا ڪيو، ان تي مير صاحب وراڻي ڏيندي چيو ته هي سڀ منهنجو اولاد آهن ۽ اولاد جا انگل مائٽ نه کڻندا ته ٻيو ڪير کڻندو.!!!!