شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

منظوم ڊرامي مان ٻه ٽڪرا ورتل

منظوم ڊرامي مان ٻه ٽڪرا ورتل

گلزار هاليپوٽو

ڳوٺاڻو:
هڪ صدا اُتاولي صدي جي
هڪ دور جنگ جي زوراوري
بي نور ڏينهن هر رات اماوس
ان اماوس جي چمڙي کي تو
تڙيو وڏي طمراق سان
تو اختلاف ٿي رکيا هن ڪوڙ منڊل جي ڪاڪ سان
نينهن به ڳالهه ڳاتي تنهنجي نديءَ جي
هڪ صدا اُتاولي صدي جي

جواب:
مير غلام محمد خان ٽالپر
ڪا به اک آلي نه رهندي
علم جا آبشار چاهيان ٿو
ڏس ته ڪيئن بدلبي دنيا ساري
ڊوهه ڊوهين جا سڀ ڊاهيان ٿو
هن دودي جي نگري ۾
ڪو مسافر مون ساڻ آهي
هي دنيا علم ڪدو ٿي ويندي
سو هن ديس جي گهر گهر مان
نور علم جون لاٽُون ڏسندو زمانو
چاندي چاندي واٽُون ڏسندو زمانو.