شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

ڊائري جا ورق “عقيدت جا آنسو”

ڊائري جا ورق “عقيدت جا آنسو”

- قادر بخش خاصخيلي “ناشاد”

(جن شاگردن کي مير صاحب اعليٰ تعليم لاءِ سنڌ کان ٻاهر موڪليو، انهن مان قادر بخش خاصخيلي (سابق هيڊ ماستر) به هڪ آهي. مرحوم مير جي وفات سندس دل تي گهرا گهاو ڇڏيا. هتي اسين سندس ذاتي بياض مان ڪجھه ٽڪرا پيش ڪري رهيا آهيون).

(1)
راتيون ختم ٿينديون ٿيون وڃن، ڏينهن گذرندا ٿا وڃن، مگر هاءِ پياري پياري صورت اکين کان اوجهل ٿي ويئي ۽ کِلمُک چهرو قبر ۾ وڃي سمايو. ها شمع وسامي ويئي آهي، ليڪن دونهن دکي رهيو آهي. گل ڪومائجي ويو آهي مگر خوشبوءِ اڃا موجود آهي. هاءِ! ٽنڊي باگي جي سر زمين! تنهنجو سهاڳ اجڙي ويو، مگر تنهنجي انهي رنڀڻ ۾ اڄ به انهي چنڊ جهڙي سهڻي صورت جا نشان موجود آهن.
(2)
تون دور ماضي کي دور جهالت سڏين، يا دور ظلمت، ليڪن وضعداري جو شاداب ٻوٽن ۾، خوشتعلقات جا اهي سدا بهادر ڦول ٽڙيل هئا، جي ٽنڊي باگي جا باشندا هزار سر ڦوڙين، مگر اهو رنگ هرگز نيست و نابود نه ٿيندو. خلوص جي ديوي جي صاف ۽ شفاف کير جي نهر ٽنڊي باگي جي گهٽين مان وهندڙ هئي. جواني جي سر تي انسانيت جو سهرو ٻڌل هو.

(3)
خوش نصيب اي ٽنڊ باگي جي سرزمين! تنهنجي خاڪ مان اهو گل ڦٽو، جنهن کي خزان اڄ تائين مرجهائي نه سگھي آهي ۽ نه سگهندي. ٽنڊي باگي جي هستي جا نظر محمد اولياءَ جي ايوان ۾ آرام ڪري رهي آهي ان جا نيڪ عمل، ان جون روز رهاڻيون ۽ رات جون مجلسون اڄ به هُن کي هِنن اکين اڳيان حيات نو بخشي رهيون آهن.
(4)
هي اکيون تنهنجي منور صورت جي تلاش ۾ رهن ٿيون. هي ڪن تنهنجي سخن جي ٻڌڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن. هي دل تنهنجي وصال لاءِ تڙپي رهي آهي. اي گهري ننڊ ۾ سمهڻ وارا مير! عقيدت جا هي چند ڦول ادب سان پيش ڪريان ٿو.
(5)
*بنگلي تي هلو!! هاءِ بنگلي جو نالو وٺندي ڪليجو گهٽجيو وڃي. زبان خشڪ ٿيو وڃي. هاءِ اهو بنگلو ۽ اهي ڏينهن ڪيڏانهن ويا. مگر نه، سڀ ڪجھه آهي. جو اڳي هو سو هاڻ به آهي. بنگلو به اهو آهي، ساز ۽ سامان به اهو آهي. ڏينهن به اهي آهن ۽ راتيون به اهي آهن. فقط هڪ شئي گم آهي. خلوص! خلوص!! انسان اهو ئي آهي، دل به اها ئي آهي مگر صداقت دلين مان رخصت وٺي ويئي، محبت جي جڳھه نفرت ورتي. ايثار جي بدلي خود غرضي موجود ٿي ۽ سچائي، مڪر ۽ دغا جي پوشاڪ پهري.
(6)
اي دل اٿ! اٿي کڙي ٿي!! خيالستان جي سر زمين تي هڪ جنازه ۾ شريڪ ٿي. جنهن هن جهنگل کي منگل بنايو.
(7)
اي ناشاد پنهنجي جگر جو ناسور ٻين کي ڏيکاري، انهن کي پريشان ڇو ٿو ڪرين.