شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

تاريخ جو اڏيندڙ ڪردار

تاريخ جو اڏيندڙ ڪردار

- ڊاڪٽر دودو مهيري

انگريز بهادر سڄي برصغير کي پنهنجي حرفت ۽ چالاڪي، فني، فوجي، واپاري ۽ سياست جي نون طور طريقن سان فتح ڪري ڇڏيو.
تاريخ ۾ اڳي جيڪي به حڪمران، حملي آور ٿي آيا هئا انهن جي حڪمراني جو طور طريقو شهنشاهي، بادشاهي وارو هو جن وٽ عوام جي ڀلائي بجاءِ انهن جا شوق شڪار سان گڏ زندگي جا ٻيا مشغول پئي رهيا. جڏهن ته انگريزن 16هين صدي کان آيل انقلابي تبديلي هيٺ نئين جهان جا وارث هئا. جن وٽ حڪمراني لاءِ باقاعدي هڪ سڌريل سياسي ڍانچو هو جنهن ۾ عوامي ادارا، عدالتون، سول انتظاميه، فوجي طاقت سان گڏ ٻين ڪيترن ئي نون بنيادن تي حڪمراني ڪري رهيا هئا. اهو سبق هتي به کڻي آيا جنهن هيٺ جديد مواصلات، اريگيشن، ريلوي سسٽم، بئراج سسٽم هيٺ هن ستل دنيا کي جنجهوڙي اگهور ننڊ مان اٿاري هڪ ڀرپور زندگي سان روشناس ڪرايو.
اهڙي ريت سنڌ به انگريزن جي حڪمراني هيٺ هلي وئي جنهن سان سنڌ واسين کي نوان چئلينج سامهون آيا جنهن ۾ جديد تعليم جو اثر مسلمانن ۾ تمام دير سان آيو. ان لاءِ پهرين حسن علي آفندي سنڌ مدرسي جو بنياد رکيو. ان کانپوءِ مير غلام محمد خان ٽالپر ٽنڊي باگي جهڙي ننڍي ڳوٺ ۾ جديد تعليم لاءِ پنهنجي جائداد جو وڏو حصو وقف ڪري ڇڏيو جنهن ۾ عاليشان هاءِ اسڪول، هاسٽلون، ٻارن جي رهائش، مفت کاڌو پيتو اچي ٿو وڃي. انهن هاسٽلن ۾ هڪ هاسٽل جو نالو “گبسن” به هو. جڏهن مير صاحب ان درسگاهه لاءِ پنهنجي زمين وقف ڪري رهيو هو ته ان محفل ۾ مير صاحب زمين کانسواءِ پنج لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو. تڏهن انگريز عملدار به ان محفل ۾ هڪ لک روپين جو اعلان ڪيو. ڏسو ته سنڌ جو خيرخواهه پنج لک ڏئي رهيو هو ۽ انگريز عملدار هڪ لک روپيه ! جنهن جو انگريز سرڪار نوٽيس وٺي گبسن جو پڇاڻو ڪيو.
مير صاحب کي ڪوبه اولاد نه هو. مير صاحب وڏو ماڻهو هو. ميراڻي ريت بجاءِ سڄي سنڌ جي ٻارن کي پنهنجو اولاد سمجهي انهن لاءِ پنهنجي ملڪيت وقف ڪري هزارين ٻارن کي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين شعبن جي لاءِ اعلى تعليم يافته ٻار پيدا ڪري سنڌ جي تاريخ جي هڪ نئين روايت جو بنياد رکي ڇڏيو جنهن جو فيض صدين تائين سنڌ حاصل ڪندي رهندي.
اڃان هي مثال ته ڏسو. هيڏي اداري جي وسيع اڱڻ تي مير صاحب ۽ سندس گهر واري جون ٻه ننڍيون قبرون به سندس سخاوت، سادگي، عاجزي جو مثال ڏئي رهيون آهن.
مير صاحب تون واقعي تاريخ جي اڏيندڙن مان هڪ بيمثال ڪردار آهين.