شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

مير غلام محمد ٽالپر، محمد صديق مسافر ۽ اڄ جي سنڌ جو وڏيرو

مير غلام محمد ٽالپر، محمد صديق مسافر ۽ اڄ جي سنڌ جو وڏيرو

- يوسف سنڌي

هينئر سنڌ ۾ ”وڏيرو“، رئيس، پير، مير، سردار ۽ جاگيردار جي معنيٰ ئي بدلجي وئي آهي، هاڻي اهي لفظ پنهنجي پويان اهو پسمنظر ڪونه ٿا رکن، جيڪو صدي سوا صدي اڳ هو، ائين به ڪونهي ته ان وقت به وڏيرو ابن الوقت، وقت جي حاڪمن جو گولو ۽ خدمتگار نه هو. جيتوڻيڪ ان وقت به سنڌ جي وڏيري، رئيس، مير، پير ۽ جاگيردار جو ڪردار ايترو ساراهه لائق ڪونه هو، هو وقت جي حاڪم جو سلامي ٿي خانبهادر وغيره جا لقب وٺندو رهيو هو، پر سندس ٻيو پهلو اهو هو ته هو پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ ڳوٺ وارن جي لاءِ ڇپر ڇانوَ ۽ ڀرجهلو به رهندو هو، سندن ننگن ۽ انگن جي حفاظت هو ائين ڪندو هو، ڄڻ اهي سندن ڪٽنب جا ڀاتي هجن، ڳوٺ راڄ جون نياڻيون سياڻيون ۽ عزتون ڄڻ هن جون پنهنجون نياڻيون ۽ عزتون هونديون هيون، وسنئون ڪنهن لُنب لُوفر کي اها مجال ئي نه ٿيندي هئي ته هو انهن ڏانهن ميري اک سان ڏسي سگهي.
انهن مان ڪي اهڙا به هئا، جن ڪيترن ئي ميدانن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. خاص ڪري تعليم جي سلسلي ۾، سنڌ ۾ هندن ته ورهاڱي کان اڳ پنهنجي ڪميونٽيءَ کي تعليم يافته بڻائڻ ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا قائم ٿيا، جن ۾ نالي ماتر مسلمان ٻارن کي به داخلا ڏني ويندي هئي، تعليم جي ميدان ۾ ٿورن مسلمان اڳواڻن به ڪردار ادا ڪيو، جن ۾ حسن علي آفندي ۽ الهه بخش اٻوجهو جا نالا ته آسمان جا جرڪندڙ تارا آهن، جن سنڌ مدرسه الاسلام قائم ڪيو، تنهن کانسواءِ سيد الهه آندي شاهه درٻيلي وارو ۽ نور محمد وڪيل حيدرآباد وارو به سدائين ياد رهندا. ان سلسلي ۾ لاڙ پٽ جي مير غلام محمد ٽالپر جون پنهنجي ڳوٺ ۽ ضلعي وارن لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، مير صاحب هڪ وڏو جاگيردار هو، پر هن تعليم جي حوالي سان جيڪا شمع روشن ڪئي، اها وسارڻ جهڙي ڪونهي، اڄ به ٽنڊي باگي ۾ ’مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول‘ سندس پاران جاري ڪيل صدقه جاريه آهي.
ٽنڊي باگي ۾ اسڪول قائم ڪرڻ جي خواهش ۽ پوءِ مير صاحب طرفان ورتل ڪوششن جون پيرائتو احوال اسان جي مرحوم ليکڪ محمد صديق مسافر پنهنجي آتم ڪهاڻي ”منازل مسافر“ ۾ بيان ڪيو آهي، مسافر مرحوم جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ مير صاحب جي ڪوششن ۽ خدمتن جو احوال پڙهي مونکي اُن نيڪ مرد جي لاءِ دل ۾ بي حد احترام وارا جذبا ٿيا ۽ مون ڪنڌ جهڪائي کيس سلام ڪيو.
مير غلام محمد خان ٽالپر، مرحيات محمد صديق مسافر کي ڳوٺ ۾ ٻارن کي انگريزي پاڙهڻ جي لاءِ سرڪاري نوڪريءَ تان موڪل وٺرائي اُستاد مقرر ڪيو ۽ مير صاحب، مسافر جي پاڙي ۾ ئي هڪ جاءِ مسواڙ تي ورتي ۽ ڪاٺ جون نيون بئنچون به ٺهرايون، ميز، ڪرسيون پنهنجي بنگلي تان کڻي ڏنائين ۽ اُن کانسواءِ ٻي سامان سڙي وٺڻ لاءِ مسافر مرحوم کي پئسا ڏنائين، اهو اسڪول جيڪو پهرين جنوري 1920ع کان شروع ٿيو، ان ۾ پهرين پنج شاگرد داخل ٿيا، انهن شاگردن جي ڪتابن ۽ کاتي پيتي جو خرچ مير صاحب ڏيندو هو، ائين هوريان هوريان شاگردن جو تعداد وڌنڌو ويو، جڏهن پندرهن سورهن پرديسي شاگرد اچي گڏيا ته مير صاحب اسڪول جي ڀرسان هڪ ٻي وڏي جاءِ بورڊنگ جي لاءِ وٺي ڏني ۽ هڪ بورچي رکي ڏنائين ۽ بورڊنگ هائوس جي سيڌي سامان لاءِ مودي رکي ڏنائين. مرحوم مسافر لکي ٿو ته: ”مير صاحب جو وقت بوقت اهو ئي چوڻ هوندو هو ته خرچ منهنجو ۽ محنت ۽ ايمانداري تُنهنجي، ڪڏهن به دل سُست نه ڪج.“
پوءِ جڏهن اسڪول ۾ ٻارن جو تعداد وڌيو ته هڪ ٻي استاد کي به مدد واسطي مقر ڪيو ويو، ائين اهو اسڪول مَچندو وڌندو ويو ۽ پوءِ هڪ ڀيري جڏهن سنڌ جو ڪمشنر ’ريو صاحب‘ گشت ڪندي ٽنڊي باگي ۾ منزل انداز ٿيو ته خانبهادر مير صاحب کيس اهو اسڪول وزٽ ڪرايو، ڪمشنر صاحب کي اسڪول جي ڪارڪردگي ڏاڍي وڻي ۽ هن واکاڻ ۾ وزيٽر نوٽ لکيو ته خانبهادر ڪمشنر صاحب جي اڳيان ٽي گذارشون رکيون ته اسڪول رجسٽرڊ ٿئي، ماستر محمد صديق گورنمينٽ سرونٽ آهي، ان جي سروس باقاعده سان اسڪول لاءِ لينٿ ٿي ملي ۽ آئون خاصي رقم تعليم کاتي ۾ ايڊومينٽ طور رکان، ان ايڊومينٽ جي وياج مان ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ هلائي.
مير صاحب جو ٽئي گهرون منظور ڪيون ويون ۽ مير صاحب ان دور ۾ اڍائي لک رپيا ’ايڊومينٽ فنڊ‘ ۾ رکيا ۽ پوءِ ان رقم جي وياڄ مان اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ هلندو رهيو، ان وقت يعني 22-1921ع ۾ اڍائي لک رپين جو ڪاٿو اڄ جي اڍائي ڪروڙن کان به وڌيڪ هو، منهنجي خيال ۾ اها رقم اڄ به اسڪول جي ايڊومينٽ فنڊ ۾ موجود آهي، اڳتي هلي اهو اسڪول هاءِ اسڪول ٿيو ۽ سرڪار پاران ان جي بلڊنگ به ٺهي، خانبهادر مير صاحب اسڪول تي نالو ”لارينس مدرسو“ ۽ بورڊنگ هائوس جو نالو ”گبسن بورڊنگ هائوس“ رکيو. لارينس ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو ڪمشنر هو ۽ گبسن ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر هو ۽ ٻئي مير صاحب جا دوست هئا، اڳتي هلي مير غلام محمد ٽالپر مرحوم جي جهان ڇڏڻ کان پوءِ اسڪول جو نالو بدلائي ’مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول‘ رکيو ويو، جيڪو هڪ سٺو قدم هو.
مرحوم محمد صديق مسافر جي آتم ڪهاڻي ”منازل مسافر“ جي ڇهين منزل ان اسڪول جي برپا ٿيڻ ۽ ان لاءِ مير صاحب جي ڪوششن جي داستان تي ٻڌل آهي. ”منازل مسافر“ ڪافي اڳ ڇپيو هو ۽ هاڻي ڪن اسڪولن جي لائبريرين ۾ ته موجود آهي، پر مارڪيٽ ۾ موجود ڪونهي، جيڪڏهن سنڌ جو ڪو به پبلشر اهو ڇپائي ته اسان جو نئون نسل گهڻين شين کان واقف ٿي پوندو، خود اسان جي محمد صديق مسافر جي زندگيءَ به اُتساهه جو سبب آهي، سندس وڏا زنجبار ]جيڪو هاڻي آفريقا کنڊ جي هڪ زمبيا ۾ شامل آهي[ مان غلام ٿي آيا، پهرين هو ٺٽي ۾ غلام ٿي رهيا ۽ پوءِ آزاد ٿي ٽنڊي باگي ۾ اچي رهيا، مرحوم محمد صديق مسافر پڙهيو ته هن نه رڳو علم ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي، پر شيدي برادريءَ ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ انجي اصلاح ۽ بهبود جي لاءِ پڻ وڏي جاکوڙ ڪيائين، مٿس مقامي شيدي برادريءَ جي پٽيل جي پڳ به هئي، مرحوم مسافر سٺ کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا، جيڪي ڪيترن ئي موضوعن تي آهن ۽ انهن مان ڪي ته هينئر وري به ڇپيا آهن. سندس هڪ ڪتاب ”شيدين جي غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ ڪرشما“ ته منهنجي پسند جي ڪتابن مان آهي ۽ اُن ڪتاب کي آئون آمريڪي شيدي ليکڪ ’اليڪس هيلي‘ جي ڪتاب ”روٽس“ سان ڀيٽيندو آهيان.
پاڻ اخبار تعليم جو ايڊيٽر به رهيو ۽ ان دوران پاڻ جيڪي اخبارن تعليم ۾ مضمون لکيائين، اهي هاڻي اسان جي دوست محترم عبدالجبار قاسم نظاماڻيءَ سهيڙي ”سنڌي ادبي بورڊ“ کي ڏنا آهن، جيڪو ڪتاب انشاءَ الله اتان جلد ڇپجي پڌرو ٿيندو، عبدالجبار نظاماڻي مسافر مرحوم بابت لکيل ليک به هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”محمد صديق مسافر: هڪ مطالعو“ جي عنوان سان ڇپائي پڌرا ڪيا آهن ۽ پاڻ مرحوم محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي به ڪري رهيا آهن، تنهن کان سواءِ جناب عبدالجبار نظاماڻي، مرحوم محمد صديق مسافر پاران ’شاهه جي رسالي‘ جي مختلف سُرن جي ننڍن ننڍن ڪتابن کي به سهيڙي هڪ جلد ۾ آڻي رهيو آهي، جيڪا هڪ وڏي خدمت ٿيندي.