شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

انسان تون عظيم

انسان تون عظيم

اشوڪ ڪمار ”آزاد“

اي لاڙ جا ابا، انسان تون عظيم،
اي عام جا اجها، انسان تون عظيم!

هن دور ۾ ته ماڻهپو، ماڻهن ۾ ڪونه آهي،
تو ۾ ڏٺم ڏيا، انسان تون عظيم!

تنهنجو مدرسو، علم بي بخشي ٿو روشني،
اي نيڪ با صفا، انسان تون عظيم!

نياڻين کي ڀي نوازيو، تعليم سان توئي،
اي مير باوفا، انسان تون عظيم!

تنهنجو خلوص قرب، ياد آ اشوڪ کي،
ڳيت ڳائي ڪيترا، انسان تون عظيم!