شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

“مير مانجهي” “نظم”

“مير مانجهي” “نظم”

امرکتري

وسارڻ سان نه وسري تنهنجي ياد مير مانجهي،
غم غريبن جا لاٿئي هجين شاد مير مانجهي،
ڪئي قوم تي احسان ڏئي تعليم جي دولت،
ڪريون شڪر ٿا هر هر تنهنجي پيغام جي بدولت.
علم جو ٿي بيٺين مثال مير مانجهي،
غم غريبن جا لاٿئي هجين شاد مير مانجهي.

اتم رنگ لاتو فهم تنهنجي پَڪي.
عورت مالها پاتو علم کي ئي سُرڪَي.
ڏيئو ٿي بهشت جو رهين آباد مير مانجهي،
غم غريبن جا لاٿئي هجين شاد مير مانجهي.
مدرسا ۽ مسجد جي تو جوڙايا.

امر خدمت تنهنجي جو خلاصو ڇا ڳائي
اسپتال ۽ اجها ڏنئي امداد مير مانجهي.
غم غريبن جا لاٿئي هجين شاد مير مانجهي.