شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

ٿورا نه ٿورا ڪجهه ڪتاب بابت

ٿورا نه ٿورا ڪجهه ڪتاب بابت

- قاضي سڪندر اعظم

اولڊ بوائز ايسوسيئيشن پاران ٿيندڙ ڪچن ڦڪن عملن کي هروڀرو ايڪسپوز ڪرڻ واري رجحان کان هٽي ڪري رڳو ايسوسيئيشن جي وجود، ڪارج ۽ ان جي ڦهلاءُ بابت جيڪي ڪجهه حقيقتون آهن، تن کي ٻڌائڻ لاءِ هن ڪتابچي جو سهارو ورتو اٿئون. هونئن به هر هڪ ماڻهو يا اداري آڏو ٿيندڙ ڪمن جي زباني اپٽار ڪرڻ هن دؤر ۾ مشڪل ئي نه پر ناممڪن به آهي. تنهنڪري ايسوسيئيشن پاران ڪيل تڪڙي فيصلي موجب مختصر عرصي اندر ڪتابچو ڇپرائڻ واري وڌل ذميواري کي نڀائڻ لاءِ مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي. اهي فرد جيڪي پبليڪيشن جي دنيا سان لاڳاپيل آهن تن کي چڱيءَ پر معلوم آهي ته هي عمل ڏينهن تي نه پر مهينن تي محيط هوندو آهي پر پوءِ به وڌل ذميواري ۽ ڪيل ڪمٽمينٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي مختصر عرصي ۾ مون مهينن وارو سفر پورو ڪرڻ لاءِ تکي ڊوڙ وڌي آهي. جنهن ڪري آئون هن سفر ۾ ڪٿي نه ڪٿي ضرور آٿڙيو هوندس ۽ منهنجي ان آٿڙڻ جو سبب وقت جي ڪمي ۽ منهنجي اڻ ڄاڻائي ئي آهي، جنهن کي بهرحال تنقيد جي ٽياس تي ٽنگڻ کان پاسو ڪيو ويندو.
هن ڪتابچي جي ڇپائي جي سلسلي ۾ منهنجي ويجهي رشتيدار قاضي منظور حسين، ضرار رستماڻي، سليمان سمون، ڪريم بخش پنهور، آفتاب عالم کتري ۽ بيشم ڪمار آزاد قرب ڀريو تخليقي تحريري عملي سهڪار ڪيو ۽ منهنجي ايتري مدد ڪئي جو آئون هن دستاويزي ڪتابچي کي اوهان آڏو آڻڻ ۾ سوڀارو ٿيو آهيان.
(نوٽ: 1996ع ۾ شايع ٿيل رسالو “لاڙ جو ابو” جو مهاڳ )