شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

اسان جي آئندي جا انوکا ڪردار

اسان جي آئندي جا انوکا ڪردار

- خادم حُسين ٽالپر

مير غلام محمد ٽالپر جو جنم 1876ع ۾ مير محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ ٿيو. مير صاحب جيئن ته سنڌ جي حاڪم خاندان جو اولاد هو. سندس پرورش تعيلم ۽ سياست به ان وقت جي سنڌ ۽ مشرق جي جاگيردار ڪلچر موجب ڪئي وئي. هي اهي ڏينهن آهن جڏهن سنڌ تي انگريزن ڪمشنر نمبر اٺون “سر وليم ميري ويدر” مقرر هو. سنڌ جي جاگيرداري کي مضبوط ڪرڻ. جاگيردارن کان تمام گهڻو جذبو حاصل ڪرڻ. سنڌ جي عوام کي وڌيڪ ڇڙوڇڙ، جاهل ڪمزور رکڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر جو جائزو ورتو پي ويو. ۽ عملي طرح انگريز سامراج جي ڏاڍ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پي ويو.
سنڌ جي تاريخ سميٽڻ لاءِ “ميري ويدر” سنڌ جي هڪ عالم “خداد خان” کي حڪم ڪيو ويو ته سنڌ جي تاريخ جي ماڳ مڪانن جهڙوڪ معصوم شاه جو منارو، بکر جو قلعو، رني ڪوٽ، مخدوم نوح هالائي، لاهوت لا مڪان، منگهو پير وغيره جي تاريخ لکي ڏي، خداد خان اهو ڪم هٿ ۾ کنيو “لب تاريخ سنڌ” نالي ڪتاب لکي هن پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو.
مير غلام محمد 1883 کان 1890ع تائين پنهنجي گهر ۾ ئي قرآن شريف ۽ فارسي جا ڪتاب دهرايا. گلستان بوستان ۽ سنڌي الفابيٽ ۽ ڪجهه نصابي ڪتاب پڙهي ورتا. 1885ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسي ۽ ديارام ڪاليج جو بنياد پيو. انهن مدرسن ٺاهڻ ۾ انگريز سرڪار جو ڪوبه هٿ نه هو. پر اهي مدرسا مقامي ماڻهن دنيا ۾ تبديلي ٿيندڙ صورتحال کي محسوس ڪندي انهن ديني مدرسن بجاءِ دنيا جي جديد علم، خاص ڪري، جديد سائنسي علم جي تعيلم ڏيندڙ مدرسن جو بنياد وڌو. هونئن به جديد تعليم ۾ مشرق خاص ڪري برصغير، يورپ ۽ مغربي ملڪن کان ڪافي پوئتي رهيو آهي. ڇو ته برصغير تي ڪئين صديون جن حڪومت ڪئي اهي سڀ ٻاهريان لٽيرا ۽ ڦورو هئا. عربن، کان پوءِ چنگيز خان جو اولاد منگول جيڪي مغل سڏجن ٿا. انهن کي عوام ۾ جديد تعليم بابت سهولتون يا خيال پيدا ڪرڻ جي ڪابه ضرورت محسوس ڪانه ٿي. پر پوءِ عوام مان ڪن حساس طبيعت ماڻهن پنهنجي وطن واسين جو آئندو بهتر بنائڻ لاءِ، دنيا جي جديد علم جي اهميت ۽ ضرورت محسوس ڪئي. پهرين پنهنجا ڇوڪرا يورپ ۾ تعليم لاءِ موڪليا ۽ پوءِ پنهنجي ئي ملڪ ۾ انهي نوعيت جا اسڪول ۽ ڪاليج کولڻ شروع ڪيا.
مير غلام محمد ٽالپر جڏهن پيدا ٿيو (1876ع) تڏهن سنڌ ۾ جديد تعليم جو ڪوبه مدرسو نه هو مير صاحب جي گهر ۾ دنيا ۾ ايندڙ تبديلين ۽ ترقي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻوليون ٿينديون رهندو هيون.
اعجاز الحق قدوستي سنڌ جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته “1893ع ۾ جيمس (سنڌ جو 13 هون ڪمشنر) سکر اچي هڪ مهيني تائين ترسي پيو. ان وچ ۾ خيرپور جي پيسا وٺندڙ (وظيفي طور) ميرن کي گهرائي جيمس سندن مسئلا ٻڌا ۽ انهن سان گڏ حيدرآباد ۽ ميرپور جي ميرن جي حق ۾ هڪ تفصيلي رپورٽ ٺاهي، بمبئي جي حڪومت ڏانهن اماڻي جتان ميرن لاءِ تاحيات وظيفي سان گڏ ان ۾ واڌاري جو حڪم آيو. ان کان سواءِ مير حڪمرانن جي 15 سالن جي ڄمار جي اولاد کي سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرائڻ ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذمو حڪومت کنيو” (ص 566)
پر جيئن ته ٽنڊي باگي جا مير هئا ته جيتوڻيڪ حڪمران خاندان جو اولاد، پر هو سنڌ جي وڏن شهرن کان پري، رهيل هئا. انهيءَ ڪري انگريز سرڪار جي ڪيل نوازش کان مستفيض ڪونه ٿي سگهيا. سو مير غلام محمد جي تعليم صرف مشرق ۾ پڙهائي ويندڙ علم انشا، علم اخلاقيات، عرضي نويسي تائين محدود رهي. 1907ع ۾ سال کن پوليس ۾ ڀرتي ٿيو پر جلد استعيفيٰ ڏئي اسٽيمپ وينڊر ٿي ويو ڇو ته ان ڏينهن ۾ مير صاحب جو جاگير سرڪار وٽ گروي ٿيل هو. 1909ع ۾ جاگير سرڪار جي گروي مان آزاد ٿيو ته پاڻ اهو آباد ڪرائڻ شروع ڪيائين ان کان اڳ هڪ سال لاءِ پنهنجي گذر سفر لاءِ درخواستون وغيره به لکندو هو. انهن ڏينهن ۾ مير صاحب آس پاس جي عوام جي حالتن کان تمام گهڻو متاثر پيو ٿيندو هو. هڪ دفعي پاڻ ڪٿان گهر پي آيو ته رستي ۾ انگريزن جي پوليس ٻن جوابدارن کي پڪڙيو پئي وئي جيڪي ٻئي پاڻ ۾ پيءَ پٽ هئا. پوليس ٻنهي پيءَ پٽ کي هڪ ٻي جي بي عزتي ڪرائيندي آئي. جيڪا صورتحال ڏسي مير صاحب کي تمام گهڻو افسوس ٿيو ته هتي جي سماجي حالت جي بدتري جو بنيادي سبب اڻ ڄاڻائي آهي. اگر عوام کي جديد تعليم ملي وڃي ته ڪر ماڻهو سماجي براين کان آزاد ٿي پون ۽ غربت مان به ڇوٽڪارو ملي پوين. سو مير صاحب فيصلو ڪيو ته سڄي سنڌ جي سماجي ۽ طبقاتي صورتحال بدلائڻ لاءِ شروعات تعليم کان ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ هن اول سندس ماچوري جاگير ۾ لوڪل بورڊ جي پرائمري اسڪول کولڻ ۽ اتي غريبن جي ٻارن کي رهائڻ، مفت ۾ ماني کارائڻ جو انتظام شروع ڪيو. وري 1918ع ۾ کڏهري لڳ ڳوٺ نبي بخش رستماڻي ۾ به لوڪل بورڊ جو سنڌي پرائمري اسڪول ۽ بورڊنگ جو بندوبست ڪيائين ۽ 1920ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ هاءِ اسڪول کولڻ جي شروعات ڪيائين. هن وقت هاءِ اسڪول کي پرائمري پاس ٻارڙن جي ضرورت هئي. پر جيئن ته ان وقت ٽنڊي باگي جي آس پاس پرائمري اسڪول تمام ٿورا هئا. پر بدين ضلع ۾ ئي پرائمري اسڪولن مان جيڪي ٻار صرف پرائمري جا چار درجه پڙهي گهر ويهي ٿي رهيا. اهي انگريزي تعليم لاءِ ضرور به ضرور هن هاءِ اسڪول ڏانهن رخ ڪندا. ان لاءِ هن پنهنجي هاءِ اسڪول کي وقت جي حڪومت وٽ رجسٽر ڪرائڻ ۽ اسڪول ۾ ٻارن جي کاڌي پيتي ۽ رهائش جي انتظام ڪرڻ لاءِ هاسٽل ۽ بورڊنگ هائوس جو بندوبست ڪيائين. مير صاحب هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل جي بلڊنگ پنهنجي خرچ مان ٺهرائي ۽ روزانه ماني تي ايندڙ خرچ جو انتظام ڪيائين. بلڪه ڊگهي نظر رکندي. پنهنجي حياتي ختم ٿئي ته به اسڪول جي حياتي ختم نه ٿئي ان لاءِ انڊروسمنٽ فنڊ قائم ڪري ٻه لک روپيا روڪڙا جمع ڪرائي ڇڏيائين. جيئن ان جي وياج مان شاگردن جي ميس جو خرچ هلندو رهي. جيئن ته هاسٽل ۾ فري بورڊنگ (يعني مفت ۾ ماني لاءِ) 120 شاگردن لاءِ انتظام ڪيل هو. مير صاحب جي حياتي کان پوءِ دنيا ۾ تمام وڏيون تبديليون آيون. جهڙوڪ ٻي عالمگير جنگ لڳي. بر صغير جو ورهاڱو ٿيو. پاڪستان وجود ۾ آيو. لوڪل بورڊ بجاءِ، قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلي ۽ لوڪل گورنمينٽ جو وجود پيو. سنڌ ۾ ته تمام وڏي تباهي آئي. هتي هزارن سالن کان آباد غير مسلم واڻيا/ديوان. جيڪي عالم، فاضل، اديب، شاعر، سائنسدان، استاد، وڪيل، واپاري ۽ صنعت ڪار هئا. اهي سنڌ مان بي دخل ڪيا ويا. انهن جي جاءِ تي هندستان مان غير سنڌي، غير مهذب ماڻهو آڻي سنڌين مٿان اڇلايا ويا.
سنڌ تي غدار وڏيرا شاهي، ڊڪٽيٽر فوجي ۽ سول بيوروڪريسي، پنهنجي لاقانونيت ۽ جبر کي اسان مٿان مڙهيو، نتيجي ۾ سنڌي عوام جيڪا اڳ م تعليم جي زيورن کان محروم هئي اها وڌيڪ پٺتي ڌڪجي وئي.
وري به مير غلام محمد ٽالپر جي هاءِ اسڪول مان پڙهي نڪتل لائق فرزند، سنڌ جي خدمت لاءِ پيش پيش ٿيڻ لڳا. مير غلام محمد جيڪي خيراتي ڪم ڪيا. اهي صرف ثواب لاءِ نه پر سنڌي عوام جي دائمي بهتري لاءِ هئا. انهن ڪمن جو ٿورو ذڪر ڪجي.
(1) ڇوڪرن جي تعليم لاءِ ته پرائمري ۽ هاءِ اسڪول کوليائين پر نياڻين جي تعليم لاءِ، ٽنڊي باگي ۾ ئي پهرين آگسٽ 1928 تي گرلس پرائمري اسڪول به کوليائين. مير صاحب کي خبر هئي ته جيڪي ڇوڪرا پڙهندا. هو دنيا جي صورتحال کان واقف ٿيندا. اهي پنهنجي گهر ۾ پڙهيل زال جي ضرورت محسوس ڪندا. ٻيو ته سماج ترقي ڪندو ئي تڏهين جڏهين مردن سان گڏ عورتون به پڙهيل هونديون. مير صاحب سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عورتن کي تعليم ڏيارڻ جي شروعات ڪري هڪ نئون رواج شروع ڪيائين.
(2) مير صاحب ڏسندو هو ته. ڪيتريون عورتون صحيح علاج ۽ ڊاڪٽرياڻين جي مدد نه ملڻ سبب ڊليوري/ويم ۾ گذاري وينديون هيون. نتيجي ۾ ان گذاري ويندڙ عورتن جا جيڪي پيدا ٿيل ٻارڙا هوندا هئا اهي ماءُ جي شفقت کان محروم ٿي يتيم ٿي ويندا هئا. مير صاحب انهي لاءِ 1931ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ هڪ زنانه اسپتال / ميٽرنٽي هوم ٺهرايو، جيئن ان وقت جا ٻيا وسوارا ماڻهو به اهڙو ڪم ڪن. عورتن پنهنجي معصوم ٻارڙن کان جدا نه ٿي سگهن.
(3) ٽنڊو باگو تن ڏينهن ۾، زمين رستي، جهڏو، ٿر، پنگريو، ڪڇ ڏانهن ويندڙ شهرن، اولهه طرف بدين، تلهار ۽ حيدرآباد ڏانهن ويندڙ مسافرن جي آماج گاهه هوندو هو. اهي مسافر جڏهن ٽنڊي باگي کان گذرندا هئا ته، ضرور به ضرور پري جي مسافري ۽ ٿڪاوٽ سبب، رات جو ٽنڊي باگي ۾ رهي پوندا هئا اگر ڪنهن ماڻهو جو، ڪو واقف ٽنڊي باگي ۾ رهندو هو ته هُو ان وٽ اچي ترسندو هو نه ته ائين ميدان تي رات جو گذارو ڪري صبح جي هليا ويندا هئا. مير صاحب اهڙن مسافرن جي پريشاني محسوس ڪندي هن هڪ مسافر خانو ٺهرايو، ان ۾ رات جو رهندڙ سمورن مسافرن کي مير صاحب جي گهران ماني ملندي هئي. ٽنڊي باگي ۾ رات رهڻ ۽ اتي جي حالتن کان واقفيت حاصل ڪندي. اهي ماڻهو هاءِ اسڪول ۾ هلندڙ تعليم بابت آگاهه ٿيندا هئا. اهي ڳالهيون ۽ خبرون لاڙ ڪڇ جي پري پري جي علائقي تائين پيون پکڙنديون هيون. اتان کان شاگرد ڪهي اچي ٽنڊو باگو جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺندا هئا. اهڙي طرح روشني جا ڪرڻا پري پري تائين پکڙندا رهيا.

مير غلام محمد ٽالپر جي تعليم جو سنڌ تي اثر
تقريبن هڪ سو سال اڳ سنڌ جنهن سماجي ۽ سياسي صورتحال جو شڪار هئي. انهيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، سنڌين جي ڌارين خلاف نفرت ۽ بغاوت سبب، سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري هن کي بمبئي صوبي سان ملايو ويو هو. سنڌ جا صوبائي فيصلا سڀ بمبئي ۾ ٿيندا هئا ٻي عالمگير جنگ کان اڳ سنڌ ۾ نوان جيل خانه ٺاهيا ويا. مارشلائون لاڳو ڪيون ويون. هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي بهاني سان قتل عام ڪيو ويو.
سنڌ ۾ 1931ع ۾ سکر بئريج ان ڪري ٺاهيو ويو ته سنڌ جي زراعت ترقي ڪري. جيئن انگريز سامراج جي اپت ۾ وڌارو اچي. ان لاءِ هن سنڌ ۾ سکر بئريج ٺاهڻ سان ڌاريا ماڻهو لڏرائي اچي سنڌ ۾ آباد ڪيا. مقامي ماڻهن ۾ احساس محرومي پيدا ڪئي جاگيرداري ڪلچر کي ذوو وٺرايو ۽ زرعي سڌارا نه آندا. زراعت جي شين جي اگهن ۾ ڪوبه واڌاريو ڪونه ڪيو. هارين ۽ مزدورن سان ظلم ڪيا ويا. سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ قبائلي ڪلچر کي وڌائڻ، مذهبي ڌرين پيدا ڪرڻ لاءِ هنن ڪيترائي مسجد منزل گاهه جهڙا واقعا ڪرايا. سنڌ جي الهبخش سومرو جهڙي وزير اعليٰ کي قتل ڪرايو ويو. مٽياري، ٺٽه، نصرپور جهڙن شهرن ۾ ملان ازم کي زور وٺرايو ويو جيئن مذهبي مت ڀيد ۾ واڌارو اچي.
انهن سمورين ڳالهين مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ جي علمي، سماجي، سياسي ۽ شعوري ترقي کي تباهه ڪيو ويو. اهڙي حالت ۾ سنڌي عوام جي ڀرجهلو صرف تعليم ئي هئي. جيڪا به سنڌ جا وڏيرا شاهي، پير ۽ مير روڪي رهيا هئا ته سنڌين کي تعليم نه ملي. ان هوندي به سنڌ جي ڪجهه خير خواهن، مير غلام محمد ٽالپر، محمد ابراهيم ٿيٻو، الهڏنو شاهه ۽ نور محمد وڪيل جهڙن ماڻهن ڪجهه اسڪول کولرايا. عوام دشمنن پاران آندل طوفان جو مقابلو ڪيو ته اهو تمام وڏو ڪارنامو آهي. ۽ سنڌ جو هاڻوڪو نسل انهن عظيم انسانن جو احسانمند آهي.

آئنده ڇا ڪرڻ گهرجي
دنيا بدلجي وئي آهي. دنيا جون سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون ۽ تقاضائون تبديل ٿي ويون آهن. سنڌ جو اڄ به وڏيرو حاڪم يا سياسي اڳواڻ، عوام کي ڦري، لٽي دولت ٻاهرين ملڪن ڏانهن کڻي وڃي رهيو آهي. سنڌ اڄ به ڪنهن نه ڪنهن غلامي جي قيد ۾ آهي. سنڌ روز به روز بدتر ٿيندي وڃي. بي روزگاري، غربت، جهالت، ڌارين جي آبادڪاري جهڙيون بيماريون وڌندڙ آهن. انهي لاءِ ضروري آهي ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ايماندارانه ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ان لاءِ تجويزون آهن ته 1. هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو ۽ سنڌ ۾ هلندڙ سمورن هاءِ اسڪولن ڪاليجن ۽ پرائمري اسڪولن جي مالڪي، عوام ڪري. ٻارڙن جي والدين خود اچي اهو ڏسن ته اسڪول صحيح هلن ٿا يا نه. اگر ڪوبه اسڪول يا ڪلاس صحيح نه هلندو هلي ته ان لاءِ ذاتي طور پنهنجو اهم مسئلو سمجهي. ان کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
2. هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو جي هاسٽل هر حالت ۾ بحال ڪرڻ گهرجي ان لاءِ مخير حضرات سياسي سماجي تنظيمون، سياسي ليڊر حڪومت جا نمائندا، ذاتي دلچسپي وٺي هاسٽل بحال ڪرائن، غريب شاگردن جي رهائش ۽ ماني جو بندوبست ڪجي. ان سان گڏوگڏ هاسٽل ۾ رهڻ سان تعليم جو معيار بهتر ٿئي ٿو. ان جو جوڳو بندوبست ڪجي.
3. مير صاحب جي ورسي، صرف روايت برقرار رکڻ لاءِ نه پر هڪ سنڌ جو بهترين تعليمي سيمينار ڪري ملهائجي، ان لاءِ سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ اهڙو پروگرام ڪيو وڃي. ان ۾ عالمي ليول جا اسڪالر، تعليمدان ۽ مفڪر گهرائجن.
4. مير صاحب جي هن اسڪول ۾ هر مهيني جي تقريري مقابلا هم نصابي ڪمن ۾ مقابلا تعليمي، نصابي ڪمن ۾ مقابلا ڪرائجن، جيئن هوشيار شاگردن ۽ استادن ۾ حوصلو وڌي، پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي سنڌ، ملڪ جو اسٽڊي ٽوئر ڪرائجي.
5. تعليم کاتي تي زور ڏجي ته ٽنڊو باگو ۾ هو هر سال تعليمي ميلو ڪري جنهن ۾ سائنسي نمائش، جديد سائنسي اوزارن جي نمائش ڪتابن جي نمائش ڪئي وڃي.
6. مير صاحب جي هن هاءِ اسڪول کي فوري طور ڊگري ڪاليج تائين ترقي وٺرائي وڃي.