سيڪريٽري ايجوڪيشن عبدالعزيز عقيلي صاحب جو مير غلام محمد خان ٽالپر گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوباگو جو دؤرو
- دانش ڪمار لوهاڻه
26 آگسٽ 2017ع ڇنڇر جي ڏينهن سيڪريٽري ايجوڪيشن عبدالعزيز عقيلي صاحب مير غلام محمد خان ٽالپر گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوباگو جو تفصيلي دؤرو ڪيو. ان دؤري دؤران سيڪريٽري صاحب هن اسڪول جي عمارت جي مختلف مسئلن تي اولڊ بوائز ايسوسيئشن جي سموري ٽيم سان ملاقات پڻ ڪئي. ان ملاقات دؤران اولڊ بوائز جي ٽيم کيس هيٺين مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ کانئس انهن جي تڪميل جو واعدو پڻ ورتو .
1. هن اسڪول جي تاريخي زبون حال ڊائننگ هال جي نئين سر مرمت ڪرائي ڏني وڃي.
2. اسڪول جي پراڻي هاسٽل جنهن جا پهرين 3 ڪمرا ٺهيل هئا، انهن جي نئين سر ساڳي ڊزائين تحت ڪنسٽرڪشن ڪرائي ڏني وڃي.
3. اسڪول ۾ 2200 شاگردن جي لاءِ ليٽرين (باٿ روم) جي قلت تي پڻ زور ڏنو ويو.
4. هن اسڪول جو نالو سرڪاري سطح تي هن عظيم انسان جي نالي پٺيان مير غلام محمد خان ٽالپر هائير سيڪنڊري اسڪول ئي رکيو وڃي.
5. لاڙ جي هن عظيم انسان جي ڪيل خدمتن عيوض سندس نالي سان هڪ مضمون (سبق) سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل کي هن عظيم انسان جي ڪردار جي خبر پئجي سگهي.
6. هن عظيم درسگاهه ۾ 2200 شاگردن کي پڙهائڻ جي لاءِ صرف 39 استاد مقرر ڪيل آهن جيڪي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته وڌيڪ استادن جي ضرورت آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.
مٿين سڀني ڳالهين کي مدِنظر رکندي عقيلي صاحب سمورين ڳالهين ۽ مسئلن کي حل ڪرائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.
غور ويچار کانپوءِ اها تاريخي ڳالهه سامهون رکي وئي ته هن اسڪول جو بنياد مير صاحب ان دؤر ۾ رکيو جنهن دؤر ۾ هر طرف جهالت هئي. 1920ع ۾ مير صاحب اهو ئي سوچي ڪري هن اسڪول جو بنياد رکيو ته جيڪڏهن اسان جو ملڪ آزاد ٿي وڃي ۽ اسان جو ماڻهو غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هجي ته هو آزاد ٿي به آزادي جهڙي نعمت کان محروم رهندو. ان وقت ۾ هڪ سر سيد احمد خان هو جنهن سنڌ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جو بنياد وڌو. انهي سلسلي کي جاري رکندي مير صاحب جي سوچ ۾ به اها ئي ڳالهه هئي ته اسان جي لاڙ جا ماڻهو تعليم کان محروم ڇو هجن؟ جنهن ڳالهه جي ڪري هن عظيم درسگاهه جو بنياد وڌو مطلب ته هن عظيم انسان نه صرف لاڙ خطي پر پوري سنڌ جي ماڻهن لاءِ هي علم ڪدو کوليو جنهن مان ڪيترائي شاگرد علم حاصل ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مير صاحب جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
آئون اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي صدر جي حيثيت ۾ هن اسڪول جي مختلف مسئلن لاءِ هر وقت پنهنجي ڀرپور ڪوششن سان مسئلن جي حل لاءِ مير صاحب جي ڇڏيل مشن کي اڳتي هلائڻ لاءِ دل ۽ جان سان محنت ڪري رهيو آهيان ۽ آئون سيڪريٽري ايجوڪيشن جناب عقيلي صاحب کي هي سڀ مسئلا ٻڌائڻ کانپوءِ ان حد تائين مطمئن آهيان ته عقيلي صاحب جي ڪرسي تي جيڪو به اهلِ دل انسان ايندو ته اهو به پنهنجي روح جي سچاين سان هن سخي انسان جي درسگاهه جي ڄاڻايل مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون ضرور وٺندو ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل هن درسگاهه مان فائدو وٺي سگهي.