سوين سورج مکي کڙن
انسان جو دنيا ۾ اچڻ ۽ وڃڻ عام روايتپڻي کي ڇڏي تاريخ فرد ٺاهيندا آهن. ڪنهن ڏاهي چيو ته تاريخ هيرا ٺاهيندي آهي يا هيرا تاريخ ٺاهيندا آهن. جديد سنڌي شاعريءَ جي ديوتا شيخ اياز جي انهي قول کي کڻي اڳتي تاريخ تي ڳوڙهي نظر وجهبي ته اياز جي ئي لفظن ۾ جواب ملندو ته شخصيتون تاريخ جا پير هونديون آهن. انهن کانسواءِ تاريخ لولي لنگڙي هوندي آهي. هي دنيا جيڪا هلچل جي بستي آهي. مڃون ٿا ته ماڻهو ايندا ۽ ويندا آهن پر قوم جيارڻ وارا ماڻهو، اڪيلي ۾ به وڏي دنيا هوندا آهن.هُو ڪائنات کان وڏا هوندا آهن پر هو پنهنجو پاڻ کي ننڍڙو محسوس ڪرائيندا آهن. هو پرڀاتين جا پنڌ کڻي سوين سجن جي راسين جا تمنائي رڻن مان رقصان ٿي هر رُت مٿان رم جهم هوندا آهن. اهي تاريخ جي طويل تشريح ٻن لفظن ۾ هينئن ڪندا آهن ته،
پهاڙ اسان جي پيرن ۾، منزل اسان جي مومل
مير غلام محمد خان ٽالپر هڪ حَسين خواب کڻي وڏي صداقت ۽ روح جي سچائي سان اٿيو، روشني جيان ڦهلجي ويو ۽ هن شهر جي نه پر هن ديس جي ماڻهن جي مسيحائي جو اهو ادارو ارپي ويو جو اڄ اسين سڀ ان جي تاريخ کي سهيڙڻ لاءِ وڏي محنت کي محبوب ڪريون ٿا، فرض سمجهون ٿا پر لاڙ جي هن محبوب مير جي تاريخ اڃا اُن مُڪلمتا کي شايد نه به پهتي هجي. اسان پنهنجي طرفان دوستن، شاعرن، اديبن، پراڻن شاگردن پنهنجي محسن استادن جي رهنمائي ۾ هي ڪتابي ڪم هٿ ۾ کڻي پنهنجي طرفان ڀرپور پاڻ موکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪمي ڪوتاهي اوڻائي پوڻائي آهي ته ان لاءِ وري به دل سان معذرت. اسان هن پنهنجي پوري ٽيم طرفان پنهنجي دل سان روح جي سچاين سان مير صاحب جي انتهائي وڏي شخصيتن کي مختلف دوستن کان تحريري روپ ۾ توهان جي ڄاڻ ۾ اضافي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ڇو ته هو اسانجي سڃاڻپ هو.
محمد عمر سمون
جنرل سيڪريٽري اولڊ بوائز ايسوسيئيشن