اي لاڙ جا سخي
- ڍالو مل “موتي”
اي لاڙ جا سخي! تون انسان نه پر فرشتو آهين.
تنهنجا نيڪ ڪم ٻڌي ۽ ڏسي آئون تعجب جي عميق ۾ غرق ٿي ٿو وڃان ته اتي به تنهنجي چڱاين کي ڏسان ٿو.
اي غريبن، مٿي اگهاڙن، اٻوجهن ۽ يتيمن جا غمخوار ۽ مددگار تون ماڻهو جي روپ ۾ فرشتو آهين. منهنجون اکيون جڏهن تنهنجي روشن مينار تي پون ٿيون، منهنجون نظرون جڏهن گرلس اسڪول تي پون ٿيون، مون کي جڏهن تصور ۾ اهي گشتي شفا خانه اچن ٿا جيڪي تپاولي جي موسم ۾ بيمارن جي دوا درمل لاءِ گشت ڪندا هئا، تڏهن بي اختيار منهنجي زبان مان نڪريو وڃي ته “اي لاڙ جا حاتم! لاڙ جا سخي!! لاڙ جا حڪيم!!! تون انسان نه پر فرشتو آهين.” هي “موتي” توتي عقيدت جا گل چاڙهي ٿو ۽ تنهنجي عظمت آڏو سر جهڪائي ٿو.