شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

هڪ عظيم علم دوست انسان

هڪ عظيم علم دوست انسان

- محب ڀيل

ڌرتيءَ جي گولي تي ترقي جي ٻين ڪيترن ئي اهم سببن سان گڏ دنيا کي تيز ترين ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ “علم” جو مکيه ڪردار رهيو آهي. ڪائنات ۾ ارتقا کان هيستائين جي سفر ۾ “علم” هن دنيا جي جهالت کي ختم ڪري پڙهيل لکيل مهذب سماج اڏڻ ۽ ماڻهو کي نيم ماڻهو مان “انسان” بڻائڻ لاءِ نهايت ئي اهم بڻيل رهيو آهي. علم حيوانيت جو ضد آهي. قومن جي وجود جو بقاءَ هاڻ فقط علم سان ئي ممڪن آهي. قومن جو بُلند شعور، ادب، اخلاقيات، انسانيت جو درس، همدردي، مساوات، مهذبپڻو قوم جي علمي سگھه سان وابسطه آهن. ڪائنات کي بهتر ڊاڪٽر، انجنيئر، ملڪي فورسز، وڪيل، جج، سياستدان، پائليٽ، صحافي، ليکڪ سميت ٻين سمورن مڪتب فڪر ۽ شعبن سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجن پنهنجن ادارن کي مضبوط ڪري قومن جي خدمت تڏهن ئي ڪري سگهن ٿا جڏهن علمي سگھه ۽ تعليمي تربيت شاندار ٿيل هوندي. جنهن جي نتجي ۾ ئي فرد ادارا ۽ اڪيڊميون بڻجندا آهن.
پنهنجي شخصيت ۾ هڪ درسگاهه بڻيل شخص مير باگي خان ٽالپر جي نالي پويان اڏيل شهر ٽنڊوباگو ۾ جنم وٺي ٿو جنهن کي هن دنيا ۾ خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر جي نالي سان نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. جنهن جون علمي خدمتون سنڌ جي تاريخ ۾ وسارڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ٽالپر خاندان ۾ ٻيا به ڪيترائي مال ملڪيت، جاگيردار، پاور ۽ پئسو رکندڙ “وڏا ماڻهو” پيدا ٿيا ۽ ڪي هن وقت موجود به آهن ته ڪي وري هي جهان ڇڏي ويا آهن. پر انهن جو تاريخ ۾ ڪردار ڪهڙو آهي؟ اهي تاريخ ۾ ڪهڙي شناخت سان ياد ڪيا ويا آهن يا اهي تاريخ ۾ ڪٿي بيٺل هوندا؟ انهن کي ڪير ياد ڪري ٿو؟ پر مير صاحب ڪنهن کان وسرندو؟ سندس خدمتون ڪنهن کان وسرنديون؟ پڙهيل لکيل هڪڙو فرد ئي قومن جي تقدير کي انقلابي انداز سان بدلائي ڇڏيندو آهي. مير صاحب جو جنم لاڙ جي مٽي تي هڪ معجزو هو. جنهن لاڙ سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به علم جي لاٽ سان اُنڌاهي ٻاٽ ۾ روشني پيدا ڪئي.
جِت نه پکيءَ پير تِت ٽِمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير؟ کاهوڙڪي کير ري.
ان علمي خدمت جو ڦل ته سڄي سنڌ لاءِ هو. اڄ جي دؤر ۾ جڏهن پئسن جا پوڄاري سرمائيدار ماڻهو علم کي ڪاروبار بڻائي “پرائيوٽ اسڪولي نظام” تحت ڪروڙين روپيا ڪمائي علم جو سستو ذريعو ماڻهن کان کسڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ مير صاحب جهڙا عظيم انسان ياد اچن ٿا.
اڄ پڻ گھرجين تون بڊاماڻي پُنرا.
سنڌ جي پوئتي پيل ڳڻتي جوڳي تعليمي صورتحال ۾ هن وقت مير صاحب جهڙن علم دوست انسانن جي ضرورت آهي جيڪي سنڌ ۾ علم جو انقلاب آڻي سگهن ٿا. ماڻهو پنهنجي ذات لاءِ جيئن ٿا، مال ملڪيت گڏ ڪن، ٻنيون، جاگيرون، محل، ماڙيون ۽ بنگلا جوڙين ٿا. يعني انهن جو جيئڻ پنهنجي جند لاءِ هوندو آهي پر مير صاحب جهڙن انسانن جو جيون انسان ذات لاءِ هو. اهو ئي جيون سڦل آهي جيڪو ٻين لاءِ هجي. مير صاحب پاران جوڙايل اسڪول، هاسٽل، مدرسي جو خرچ مير صاحب پنهنجي کيسي مان ڪندو هو. ڇا هن دؤر جي مالدار ماڻهن جي سوچ اهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ۽ جيڪڏهن انهن مالدار ماڻهن جو تعليم بابت رويو مير صاحب جي تعليم دوستي جي چوٿائي جي سوين پتي جيترو هجي تڏهن به سنڌ هڪ نئين سنڌ بڻجي ويندي. جنهن سنڌ جي تعليمي شرح اسان لاءِ ترقين جا نوان گس ۽ راهون هموار ڪري سگهي ٿي. پنهنجي تعليم طرف غيرذميوارڻو رويو تعليمي تباهي جو ڪارڻ بڻيل آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن کي اسين جيستائين پنهنجي درسگاهه نه سمجهنداسين تيستائين علم جي تباهه ٿيل ٻيڙي ڪاميابي سان ڪناري تي پهچڻ تمام مشڪل عمل آهي.