شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

لاڙ جو ڏاتار

لاڙ جو ڏاتار

- مشڪور ڦلڪارو

حد درجي جو شوقين مير حاجي ولي محمد خان ٽالپر جيڪو پنهنجي شاهي شوقن سبب ايڏو قرضي ٿي ويو هو، جو کيس پنهنجي اباڻي جاگير به مئنيجري کاتي ۾ ڏيڻي پئي . انهي کُٽي تَر ٿي ويل مير صاحب کي ڏسندي ، ڪنهن کي اهو گمان ئي نه هو ، ته سندس پوٽو اڳتي هلي لاڙ جو ابو بڻبو. ڪنهن اهو به نه سوچيو هو ، ته پنهنجي غريب پيءَ محمدخان ٽالپر سان گڏ سڄو ڏينهن پورهئي ۾ هٿ ونڊائيندڙ سندس پٽ، اڳتي هلي نه صرف سخي ڏاتار ٿيندو پر فيل مست انگريز سرڪار به سندس قرضي بڻبي ، ۽ پنهنجي ڇاتي مٿان پيل ٿورن جي پهاڙ کي لاهڻ لاءِ کيس خانبهادر جو لقب به ڏيڻ تي مجبور ٿيندي. اهو به ڪو کوڙو ئي نه ٿي لڳو ، ته تعليمي سهوليت نه هئڻ سبب گهڻي تعليم نه پرائي سگهندڙ مير غلام محمد ٽالپر اڳتي هلي، پوري لاڙ ۾ علم جا پهريان ڏيئا روشن ڪندڙ عظيم انسان جو نه صرف تاريخي اعزاز ماڻيندو، پر سندس وفات کانپوءِ به اسڪول جو بورڊنگ هائوس سندس حياتي ۾ رکيل وڏي رقم جي منافعي مان سالن جا سال هلندو رهندو . حيرت ۾ وجهندڙ سنڌ جي تاريخ جو هي اهم ڪردار، سنڌ جي تاريخ جي ڪيترن ئي اهم ڪردارن جي قطار ۾ اڄ به سرخرو آهي . سندس يادگيري جو ڏيئو اڃان تائين هزارين ماڻهن جي روح جي گهراين ۾ روشن آهي. جنهن ڏيئي کي سندس وڇڙي وڃڻ بعد به 2017ع تائين گذريل پنجاسي سالن جا واچوڙا به وسائي نه سگهيا آهن. حالانڪه هن وقت جن ماڻهن ميرصاحب کي سندس حياتي ۾ ڏٺو هوندو ، انهن مان به ڪو هن وقت زندهه نه رهيو آهي. جنهن جي ڳالهين سان مرحوم مير صاحب جي يادن جو ويرون ورنديون هونديون. پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي ؟ جو لاڙ جي هن مرد قلندر جي نه صرف قبر تي ايندڙ هر ماڻهو عقيدت جا گل اڇلائي ٿو، پر اڄ لاڙ جي هر تعليمي اداري تي اک پوڻ سان ئي هن جي يادن جا طوفان اٿن ٿا. انهي ڪري هي لاڙ جو امر ڪردار ڪڏهن به وسري نه سگهندو .
اچو ته اهڙي لافاني امرتا ماڻڻ جي سببن تي سوچيون، ٿورو غور ڪريون. ڏسون ته امرتا ماڻڻ لاءِ ڪهڙين ڳالهين جي ضرورت آهي ، ۽ لوهه کي سون بڻجڻ لاءِ ڪهڙي پارس جي ضرورت پوندي آهي. ۽ قطري کي ملهه مهانگو ڪندڙ ڪهڙي شئي آهي. ڏسون ته امرتا جي وڏائي ڪيئن ملندي آهي ، ۽ اها ڪٿان حاصل ٿيندي آهي، ڇو ته اهو ئي زندگي جو فلسفو آهي، جنهن کي سمجهڻ تمام ضروري آهي .
ماڻهو کي وڏائي جي مڃتا ماڻڻ لاءِ جيڪڏهن حڪومتي بادشاهه هئڻ ضروري هجي ها، ته پوءِ ميراڻي حڪومت جي بنياد وجهندڙ مير فتح علي خان ٽالپر جو نالو ، هن فقير منش مير صاحب کان تمام گهڻو مٿي لکيل هجي ها. ٿيو ته ائين جو مير فتح علي خان ٽالپر جي مقبري جي به ڪنهن مرمت نه ڪرائي، يا خود لاڙ علائقي جي مير حڪمران مير ٺاري خان ٽالپر ۽ ٽنڊي باگي جو اڏيندڙ مير باگو خان ٽالپر به تمام ٿورن ماڻهن کي ياد آهي . پر خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر اڄ به هزارين ماڻهن جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو .
تاريخ جي عدالت وڏي بي رحم عدالت آهي، هن عدالت جا فيصلا به سدائين حيران ڪندڙ رهيا آهن . پنهنجي وقت جا شاهي حڪمران تاريخ جي عدالتي ڪٽهڙي ۾ هيٺ ڪنڌ جهڪائي بيٺل هوندا آهن ، پر پنهنجي وقت جا فقير ۽ مسڪين ماڻهو تاريخ جي عدالتي ڪٽهڙي ۾ نه صرف اوچي ڳاٽ بيٺل هوندا آهن، پر کين مليل شان تي سندن ڪيترائي نسل ۽ سندن قومون فخر ڪنديون آهن.
تاريخ جي عدالت ۾ سرخرو ٿيڻ جي ساهمي ۾ نه عمر توري ويندي آهي، نه دولت جا گڏ ڪيل قاروني انبار ئي مهانتا جو سبب بڻبا آهن. پر عمر موجب ڪيل عملن جا قدم ڳڻيا ويندا آهن. پوءِ ليکو ڪرڻ بعد قدم ڳڻي، انهي برابر قد ڪڇي پوءِ امرتا جو تاج پارايو ويندو آهي. انهي لاءِ زندگي جي امرتا ڪنهن به رنگ، نسل، طبقي، اميري يا غريبي کي ڏسڻ بجاءِ عملي قدمن جا رَندَ ڏسي، پيرا ڳڻيا ويندا آهن . پوءِ وقت جي پيري جي کنيل پيرن جي ڌُر ڪرڻ واري مَنزل تي، ليکو چوکو ڪري پوري حساب موجب مَڃتا جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو آهي. تاريخ فردن کي مليل اهڙن مڃتا جي سرٽيفڪيٽن جو جنرل رجسٽر آهي. جنهن ۾ خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جو نالو به اهڙي شان سان لکيل آهي، جو هو سدا امر انسانن جي قطار ۾ اوچي ڳاٽ سان بيٺل رهندو .
امرتا جي سببن ڄاڻڻ لاءِ، ڏسڻو اهو آهي ته، مير صاحب جي مڃتا جي سرٽيفڪيٽ ۾ اهي سندس ڪيل ڪهڙن ڪارنامن جون مارڪون آهن. جن کيس سرخرو ڪري مَهانتا بخشي آهي. انهي لاءِ اسان کي مير صاحب جي زندگي جو مختصر اڇو چٺو پڙهڻو پوندو ، پوءِ ئي اسان کي حيراني پيدا ڪندڙ سڀني سوالن جا جواب آساني سان ملي پوندا، ۽ امرتا ماڻڻ جي گس جو پتو پوندو .
انهي لاءِ اسان کي تاريخ جي صفحن کي پڙهڻو پوندو. تاريخ ۾ مير صاحب جي سڦل زندگي بابت ڪجهه پنا موجود آهن. پوءِ اهي پنا پڙهي، خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي جنم واري سال 1876ع کان سندس وفات فيبروري 1932 تائين وارن سالن جو ليکو چوکو ڪري، پوءِ ڏسبو ته مرحوم مير صاحب جي وڏائي جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. جو هن جي مهانتا کي سون جيان ڪو ڪس نه ٿو لڳي .
مير غلام محمدخان ٽالپر 1876ع ۾ جڏهن جنم ورتو هو ، ته سندس پيءَ جي ويهارو کن پيدا ٿيل ٻارن ۾ هي اڪيلو ٻار هو، جيڪو زنده بچيو هو. انهي ڪري پنهنجي پيءُ ماءُ جو هي ڪيترو لاڏلو هوندو، انهي جو اندازو لڳائڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي. سندس ڏاڏو ميرحاجي ولي محمد خان ٽالپر قرضي هئڻ سبب پنهنجي جاگير مئنيجري کاتي ۾ ڏيئي، پاڻ ته 1893ع ۾ وفات ڪري ويو. پر جاگير جي نه هئڻ سبب سندس والد مير محمدخان ٽالپر باوجود غربت ۽ ڏکين حالتن جي به مٿس ڪک نه سهندو هو. پر هي سڀاڳو نوجوان جلد ئي پنهنجي پيءُ جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو، هن پوليس ۾ سپاهي جي نوڪري ڪئي، پر سندس انسان دوست طبيعت کي انهي نوڪري دوران به سڪون نه مليو، ان بعد هن ڪجهه عرصو عريضي نويسي جو ڪم به ڪيو. پر پنهنجي ميراڻي خاندان کي اٻالائي جو داغ لڳڻ نه ڏنو. سادگي ۾ رهندي به ٻاهريون ميراڻو ٺٺ برقرار رکيو. اهو به سندس ئي ڀاڳ هو، جو هن جو خاندان سندس جوان ٿيڻ بعد اميري طرف وڌڻ لڳو. هن خاندان جا ڏکيا ڏينهن پنهنجي پڄاڻي کي پهچندا رهيا. سندس سڀاڳ کي ڏسندي، جڏهن 1909ع ۾ سندس پيءُ کي جاگير واپس ملي، ته هن ان جو سمورو ڪار وهنوار سندس حوالي ڪري ڇڏيو. نئين آزاد ٿيل جاگير کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ گهر ۾ ڪا رقم موجود نه هئي. انهي ڪري مير صاحب ڪنهن واقفڪار کا ن چار هزار رپيا اڌارا کڻي، پنهنجي جاگير جون زمينون آباد ڪرايون. ڏينهن رات محنت ڪري نه صرف رهيل سمورا قرض لاٿا، پر پنهنجي جاگير کي به جديد زرعي اصولن سان آباد ڪرڻ لڳو. هي شايد سنڌ جو پهريون جاگيردار هو، جنهن ڪمداري سسٽم کي ختم ڪري، سڌو سنئون پنهنجي هارين سان رابطو رکيو. هارين جي ڏکن تڪليفن ۾ ساڻن اولاد جيان پيار ڪرڻ لڳو. ائين هن پنهنجي جاگير جي هارين جي دلين تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪري ورتي. سندس محبت کي ڏسندي، هاري به سندس جاگير جي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ لڳا. هن سڀاڳي نوجوان جواني ۽ جوڀن جي سمورن شاهي شوقن کي ڇڏي، پنهنجي راڄ ڀاڳ جي پرگهور لهڻ شروع ڪئي. ڏسندي ئي ڏسندي هي امير ترين سخي ڏاتار ٿي ويو. سندس اميري عوام آزار نه پر مسڪين ماڻهن جو ڀرجهلو ٿي پئي .
1914ع ۾ پهرين مهاڀاري جنگ دوران برطانوي حڪومت طرفان زميندارن ۽ جاگيردارن کي قرض ڏيڻ جي اپيل تي، هن حڪومت کي هڪ لک رپيا قرض ڏيئي، سڀني زميندارن ۽ جاگيردارن کان پهريون نمبر کڻي خانبهادري جو لقب ماڻي ورتو. جنهن سبب هن جو شمار برطانوي سرڪار جي انتهائي اهم ماڻهن ۾ ٿيڻ لڳو. هن انهي مليل شان جي عيوض سرڪار کان ڪي به ذاتي فائدا نه ورتا. پر هن فرعونيت پسندي کان پاسو ڪندي، عوام جي دردن جي مستقل درمان لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا. هن ذاتي مفادن تي اجتماعي مفادن کي ترجيح ڏني. جنهن مان سندس ايمانداري، حب الوطني ۽ غريب پروري جي پروڙ پئي ٿي. اهو پاڻ ارپڻ وارو جذبو ئي هو. جنهن کانئس وڏا ڪم ڪرايا. جن ڪمن جي بنياد تي ڳوٺن ۾ سندس ڳالهيون ڳائجن پيون .
سندس ڪچهري ۽ ساٿ ۾ به محمد صديق مسافر جهڙا اهل علم ۽ اهل قلم ماڻهو شامل هئا. جن جي صحبت ۽ رهنمائي سان هن تاريخ ساز ڪم ڪيا. مثال طور هن مرحوم محمد صديق مسافر جي صلاح سان ٽنڊي باگي ۾ انگريزي اسڪول 1920ع ۾ هڪ مسواڙي جاءِ ۾ پنجن ٻارن جي داخلا سان شروع ڪرايو. هڪ سال اندر انهي اسڪول ۾ چاليهارو کن ٻار داخل ٿي ويا. مير صاحب اسڪول لاءِ چئن سالن ۾ هڪ عاليشان عمارت به تعمير ڪرائي ورتي. نتيجي طور 1924ع ۾ هي مسواڙي جاءِ ۾ شروع ڪيل اسڪول، سنڌ لارينس مدرسي جي عاليشان عمارت ڏانهن منتقل ٿيو. جتي شاگردن لاءِ عاليشان هاسٽل به ٺهرائي ويئي هئي، جتي پوري لاڙ جا ٻار اچي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. پڙهندڙ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو انتظام به ڪيو ويو. جاگيرداري آمدني جي گهٽ وڌائي ڪري، متان پڙهندڙ شاگردن جي مدد ۾ ڪا ڪوتاهي ٿي وڃي. انهي خدشي کي مستقل طور حل ڪرڻ لاءِ، مير صاحب اڳ ڳڻتي جي بنياد تي سڄاڻ دوستن جي صلاح سان اڍائي لک رپيا به بئنڪ ۾ هاسٽل جي خرچ پکي لاءِ رکي ڇڏيا، جيئن انهن پئسن جي منافعي واري رقم مان بورڊنگ هائوس هلندو رهي ، ۽ شاگردن کي ڪا تڪليف نه پهچي .
ميرصاحب انتهائي رحمدل ۽ خداترس انسان هو. هو علائقي جي بيمار ماڻهن جو علاج حيدرآباد جي اسپتالن ۾ پنهنجي خرچ تي ڪرائيندو هو. ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر نه هئڻ سبب مسڪينن جي بي موت مرڻ کي ڏسي نه سگهندو هو . انهي وقت لاڙ ۾ ڪي تربيت يافته حڪيم به موجود نه هئا. انهي ڪري هن سنڌ ۾ علاج جي سهوليت کي عام ڪرڻ لاءِ تربيت يافته حڪيمن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ڪيو. انهي مقصد لاءِ طبيه ڪاليج دهلي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند سنڌي نوجوانن کي اسڪالرشپون به ڏيڻ شروع ڪيون. جيئن وڌ ۾ وڌ حڪيم طبي تعليم وٺي اچي شفاخانا کولين. ۽ علاج جي سهوليتن جي کوٽ پوري ٿي سگهي. گڏوگڏ عليڳڙهه يونيورسٽي ڏانهن سنڌ جي غريب شاگردن کي موڪلڻ لاءِ مالي امداد پڻ شروع ڪري ڇڏي . ٿر ۾ تعليم جي روشني پکيڙڻ لاءِ هن ڏيپلي هاءِ اسڪول لاءِ پڻ مالي امداد ڪئي . بدين ۾ مولوي احمد ملاح جي تعليمي مدرسي جون به مالي مددون جاري رکيون .هر سال مولوي احمد ملاح جي مدرسي لاءِ امداد طور ساليانو پنج سئو رپيا به باقاعدي مقرر ڪري ڇڏيا. مير صاحب کي نياڻين جي تعليم جو به اونو هوندو هو . انهي مقصد لاءِ هن 1928ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ گرلس اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ لوڪل بورڊ کي نه صرف عمارت ٺهرائي ڏني. پر پري کان ايندڙ ماسترياڻين لاءِ پڻ خاص الائونس پنهنجي کيسي مان ڏيڻ شروع ڪيو. شاگردياڻين ۾ علمي چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ هن نياڻين کي اسڪالرشپون پڻ ڏيڻ شروع ڪيون. هن لوڪل بورڊ گرلس اسڪول ۾ هنري سکيا پڻ شروع ڪرائي. جنهن ۾ نياڻين کي ڀرت سان گڏ، چرخن تي سُٽ ڪَتڻ جي تربيت ڏني ويندي هئي. هن گرلس اسڪول ۾ پڙهندڙ نياڻين جي ڪتيل سُٽ مان، مير صاحب گلم ٺهرائي واپس اسڪول جي نياڻين کي تحفي طور ڏيڻ شروع ڪيا. جيئن نياڻين ۾ هنر سکڻ جو شوق پيدا ٿئي. نياڻين کي ڀرت ڀرڻ لاءِ ڪپڙا پڻ وٺي ڏيندو هو. جيئن نياڻيون تعليم سان گڏ هنر سکي سماج ۾ شانائتي نموني جيءَ سگهن، ڳوٺن ۾ به گهرو هنرن جو شوق پيدا ٿئي، ۽ ٻهراڙين مان غربت به ختم ٿئي .
1927ع هن ٽنڊي باگي ۾ هڪ خيراتي اسپتال پڻ “بولس شفاخانو” جي نالي قائم ڪئي. جتي مريضن جي علاج جو سمورو خرچ، دوائون، رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست مير صاحب جي طرفان ڪيو ويندو هو. 1931ع ۾ مير صاحب هڪ انگريز ليڊي ڊاڪٽر گهرائي هڪ زناني اسپتال به قائم ڪرائي. جتي مريض عورتن جي علاج جو سمورو خرچ مير صاحب پاڻ ڀريندو هو .
مير صاحب، بيوهه عورتن، يتيمن، محتاجن لاءِ به باقاعدي وظيفه ۽ امدادون به پنهنجي آمدني مان مقرر ڪيون. سندس در تان ڪڏهن ڪو به سوالي خالي نه موٽيو. هي پنهنجي دور جو هڪ اهو سخي ڏاتار هو . جنهن صرف خيراتون ڏيئي پينوءَ فقير پيدا نه ڪيا، پر غربت کي دور ڪرڻ لاءِ مستقل بنيادن تي، نه صرف ادارا ٺاهيا، پر انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جا به جتن ڪيا. هن پنهنجي ڀر ۾ چاپلوس ماڻهن کي ويهارڻ بجاءِ محمدصديق مسافر جهڙن پرخلوص انسانن کي نه صرف مان ڏنو، پر سندن قيمتي مشورن تي عمل به ڪيو. اهڙن مخلص ماڻهن جي نيڪ صلاحن سندس زندگي جي عرصي ۾ ڪارنامن جا اڻ مٽ رنگ ڀريا.
مير صاحب جي ذهن ۾ اڃان به الاجي ڪيترائي روشن خواب ۽ تعميري منصوبه هئا. پر افسوس 1932ع ۾ سندس وفات بعد اهي سڀ خواب اڌورا رهجي ويا .
اهو ئي تاريخ جي صفحن ۾ مير صاحب جي حياتي جو اڇو چٺو هو. هاڻي انهي چٺي جي بنياد تي اچو ته ليکو چوکو ڪريون. جيئن سندس مهانتا جي راز کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي .
مير صاحب 1876ع ڌاري جنم ورتو ، ۽ 12 فيبروري 1932ع ۾ ڇاونجاهه سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. مير صاحب جي جواني جا سال غربت ۾ گذريا. سندن خاندان جي غربت جو اهو حال هو، جو جڏهن 1909ع ۾ کين جاگير واپس ملي، ته ان کي آباد ڪرڻ لاءِ وٽن ڪا رقم موجود نه هئي. مجبوري جي حالت ۾ سندن جاگير کي آباد ڪرڻ لاءِ به مير صاحب کي هڪ واقفڪار کان قرض کڻڻو پيو. انهي ڪري 1914ع جي مهاڀاري جنگ ۾ سرڪار کي قرض ڏيڻ واري حيثيت حاصل ڪرڻ بعد ئي هن کي سندس خدمتن واري دور جي ليکي جي حساب ۾ ڳڻبو. هاڻي جيڪڏهن 1915ع کان پوءِ سندس باقي زندگي جو ڳاڻيٽو ڪبو، ته سندس خدمتن ڪرڻ جي لائق حياتي جا باقي سترهن سال بچن ٿا. صرف سترهن سالن جي ننڍڙي عرصي ۾ سندس ڪيل خدمتن جا آسمان جي بلندين کي ڇهندڙ ڪارناما ئي آهن، جن مير صاحب کي هميشه لاءِ حيات جاوداني بخشي آهي. سندس ڪارنامن جي لسٽ سندس سَرنديءَ وارن سترهن سالن کان تمام گهڻي ڊگهي آهي. انهي ليکي ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي، ته هو هڪ پل به خدمت خلق ڪرڻ کان غافل نه رهيو. اها ئي ميرصاحب جي وڏائي هئي، جنهن هن کي تاريخ جي بي رحم عدالت ۾ سرخروءَ ڪيو آهي. واقعي! هو وڏو سخي نه، پر وڏو ڏاتار هو . شال سنڌ وري ڪنهن اهڙي سخي ڏاتار کي جنم ڏيئي سگهي. جيڪو تاريخ جي بي رحم عدالت جي ڪٽهڙي ۾ اوچي ڳاٽ سان بيهي، سنڌ جي مٽيءَ جو مان مٿانهون ڪري. شاهه صاحب اهڙن ئي امر ڪردارن بابت چيو هو ته :
پَرچي ته پٽَ ڀَري، ڏَمرجي ته به ڏي ،
جُنگ جَکري کي، ٻئي چَڱايُون چِتَ ۾ .