اخبار الوحيد سنڌ آزاد نمبر 1936ع جو ايڊيٽوريل
خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر او- بي- اي ٽنڊو باگو جو مشهور مخير هڪ وڏو زميندار ۽ مسلمانن جي ترقي لاءِ درد رکندڙ بزرگ هو. شروعاتي زندگي ۾ هن تڪليفون به ڏٺيون، پر پوء جڏهن سندس اونچ ۽ اقبال جو زمانو آيو تڏهن پنهنجي دولت کي صحيح نموني ۾ خرچ ڪرڻ جي توفيق نصيب ٿيس.
مرحوم مير صاحب کي سڀ کان وڌيڪ مسلمان ٻارن جي تعليم جي ڳڻتي هوندي هئي جنهن لاء هن ٽندي باگي ۾ اي- وي اسڪول کوليو ۽ اهو سندس ئي حياتي ۾ ترقي ڪري هاءِ اسڪول جي درجي تي آيو ۽ ان تي سمورو خرچ پنهنجي هڙان ڪندو رهيو. ان کان پوء ڇوڪرين لاء گرلس اسڪول قائم ڪيا ۽ زالن جي علاج لاءِ ويم گھر کولايائين. ويم گھر سان گڏ زالن کي دائپي سيکارڻ جي فن جو ڪلاس به هو جتي ڪيتريون زالون انهي فن ۾ مهارت حاصل ڪري لاڙ ملڪ ۾ عورتن جي خدمت ڪنديون رهيون. مير صاحب جون مخفي اسڪالرشپون نه فقط مسلمان شاگردن لاء وقف هونديون هيون پر بعض حالتن ۾ مسڪين هندو شاگرن کي به تعليمي وظيفن سان مدد ڪندو هو.
مليريا جي موسم ۾ گشتي ڊاڪٽر مقرر ڪري غريبن جي علاج سان پرگھور لهندو هو. مير صاحب جي سخاوت گھڻو ڪري مخفي هوندي هئي. سندس خرچ سان ڪيترا شاگرد طبيه ڪاليج دهلي مان سندون حاصل ڪري پنهنجي روزگار سان گڏ خلق خدا جي خدمت ڪري رهيا آهن. مير صاحب مرحوم جو الوحيد سان خاص تعلق ۽ خاص محبت هئي. ڪيترن ڏکين وقتن تي الوحيد جي امداد فرمائي. هن بزرگ هن قومي امانت جي حفاظت فرمائي.
مرحوم مير صاحب جي شخصيت سنڌ جي مسلمانن لاءِ عموماً ۽ لاڙ ملڪ وارن لاء خصوصاً هڪ عظيم الشان نعمت هئي جنهن جو نظير زميندار طبقه ۾ ملڻ بلڪل محال آهي. رهڻي جو تمام سادو ۽ غريبن سان گڏجي گذاريندڙ، سادو کائيندڙ ۽ سادو هنڊيندڙ، رلڻو ملڻو، نيڪ نمازي ۽ تمام خوش اخلاق انسان هو.
سنڌ جو هي سخي مرد 12 فيبروري 1933ع ۾ هن دنيا فاني مان نرينه اولاد ڇڏڻ کانسواءِ وفات ڪري ويو.
“ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب جي ٿورن سان مليل”