مانجهي مرد
- عبدالعظيم (نين سمون)
سنڌ ڌرتي جتي قدرتي خزانن سان مالامال آهي ته اتي سنڌ ڌرتي جي ڪُک سورهين سرويچن کي به جنم ڏنو آهي. جن ماڻهن پنهنجي ڌرتي جي حفاظت خاطر پنهنجا سر ڪپايا پر ڌرتي جو تحفظ ڪيو ته وري سخين جي سرزمين سنڌ اهڙا نيڪ سخي مرد به پيدا ڪيا آهن جن جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي پوءِ اهي ماڻهو سخاوت ۾ ڪي اشرف ٿيٻو جهڙا نيڪ مرد هئا ته ڪي وري اهي ماڻهو جن پنهنجي قوم جي شعور جا ڏيئا روشن ڪيا. اهڙن ئي سخي مردن مان مير غلام محمد خان ٽالپر جنهن پنهنجي سنڌ ۽ لاڙ جي ماڻهن لاءِ پنهنجي سخاوت جو در کوليو ته جيئن هتان جا غريب مسڪين ماڻهو علم پرائي سڌي واٽ تي هلي سگهن.
مير غلام محمد خان ٽالپر 1923ع ۾ هي اسڪول جوڙايو. هن اسڪول جي غريب شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو مفت بندوبست پڻ ڪيو. شاگردن جي اعلى تعليم جو مير صاحب کي وڏو فڪر هوندو هو ۽ ان لاءِ هن غريب شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جهڙا موقعا پڻ فراهم ڪيا.
مير صاحب بنا ڪنهن رنگ نسل جي هر ماڻهو جي لاءِ هي تعليمي ادارو جوڙايو ته جيئن هر ٻار مفت تعليم حاصل ڪري سگهي. مير صاحب نه فقط هي اسڪول جوڙايو پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي ماڻهن لاءِ مسافرخانه،گشتي شفاخانه، عورتن لاءِ ميٽرنٽي هوم ۽ نياڻين لاءِ الگ اسڪول جوڙايو.
مير صاحب جي سخاوت کي لفظن ۾ بيان ئي نٿو ڪري سگهجي. سندس سخاوت کي زمانا پيا ياد ڪندا.ههڙا ڪردار اسان جي سڃاڻپ آهن.
مونکي پنهنجي محسن مير غلام محمد خان ٽالپر لاءِ ڀٽائي جون هي سٽون پيون ياد اچن ته:
مونکي جياريو پرينءَ جي ڳالهه ڪري
ڊٺو اڄ اڏيو هينئڙو ڪوٽ بُرج جيئن.