ڪي ڪي ماڻهو مارين موت
ابراهيم “منشي”
ڪي ڪي ماڻهو مارين موت،
موت چون ٿا ماري آهي.
موت کي مارڻ وارن ماڻهن،
جڳ جي جوت جياري آهي.
هر ماڻهو جي مائٽ مٽي، مٽي جو پر مائٽ سو،
رت ڏيئي جنهن ريج مٽي کي، مٽي سان پت پاري آهي.
نينهن رکي جنهن آهي نڀايو، رت جو رشتو مٽي سان،
اهڙا ماڻهو امر سدائين، اهڙي ڀون ڀلاري آهي.
“منشي” ماڻهو روز مرن ٿا پر سي ماڻهو مرڻا ناهن،
سرڏيئي سوغات به جن هت، سنڌ سنواري آهي.