شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

قديم اکين جو جديد خواب

قديم اکين جو جديد خواب
پرنسيپل مير غلام محمد خان ٽالپر هائير سيڪنڊري اسڪول، ٽنڊوباگو

- عبدالعزيز خواجه

جڳ مشهور دانشور پاولو فريڊي چواڻي “تعليم جيئن ته محبت جو هڪ عمل آهي ان ڪري بهادريءَ جو عمل به آهي”. پنهنجي قوم سان اها محبت اهي انسان ئي ڪري سگهن ٿا جيڪي ٻين جي خاطر جيئن ٿا. پنهنجي ذات ۽ مفادن کان مٿانهون ٿي سوچين ٿا ۽ اهڙا انسان تاريخ ۾ به هميشه زنده رهن ٿا.
خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جو شمار به اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو. سنڌ ۾ جاگيرداري جي انهيءَ عروج واري دؤر ۾ جڏهن سنڌ جو مٿيون طبقو ڌن، دولت ۽ مايا جي موهه ۾ منڊجي چڪو هو، انهيءَ دؤر ۾ مير صاحب سنڌ جي انهيءِ مستقبل تي سوچي رهيو هو جيڪو نئين دؤر جي چيلينجن کي منهن ڏئي سگهي ۽ پنهنجي اعلى تعليمي معيار سان پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي. مير صاحب پنهنجي انهيءَ سپني کي ساڀيان ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ عملي طور ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون. مير صاحب کي اهو فڪر نه هو ته انهيءَ ڪم ۾ منهنجي ڪيتري دولت خرچ ٿيندي، مير صاحب کي بس اهو ئي فڪر هو ته منهنجي انهيءَ دولت سان انهن غريب ماڻهن جا ٻار علم جي دولت سان مالامال ٿين، جيڪي معاشي مسئلن جي ڪري تعليم نٿا پرائي سگهن يا علم جي اهميت ۽ افاديت کان اڻواقف آهن. مير صاحب جي دُور رس نگاهن ۾ اهو هڪ اهڙو ڪم هو جيڪو ان وقت به اهميت جو حامل هو ۽ مستقبل ۾ به ان جا مثبت اثر پوڻا هئا، اهڙي ريت مير صاحب هڪ اهڙي درسگاهه تعمير ڪري ڏيکاري جنهن نه فقط هن لاڙ جي خطي ۾ علم جا ڏيئا روشن ڪيا پر آهسته آهسته اها روشني پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويئي ۽ مير صاحب جي هن درسگاهه مان اهڙا ڪيترائي شاگرد تعليم پرائي نڪتا جن اڳتي هلي هن سماج جي تبديلي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي مثالي خدمتن ذريعي پنهنجو نالو به روشن ڪيو.
اسان جيڪڏهن ٻئي رخ سان ڏسون ته ان وقت سنڌ ۾ ٻيون درسگاهون هيون پر انهن درسگاهن ۽ هن درسگاهه ۾ فرق اهو آهي ته اهي سرڪاري يا ٻين مخير ماڻهن جي تعاون سان هلي رهيون هيون جڏهن ته هن درسگاهه جي تعمير توڻي تعليمي سلسلي ۾ فقط مير صاحب جو ئي پئسو هو.
آئون سمجهان ٿو مير صاحب جو يقيناً اهو ئي مشن هوندو ته اڳتي هلي هي درسگاهه ائين يونيورسٽي جو درجو ماڻي جيئن سر سيد احمد خان جو علي ڳڙهه ۾ قائم ڪيل اسڪول يونيورسٽي ۾ تبديل ٿيو. پر اها وقت جي ستم ظريفي ئي چئجي جو مير صاحب جو قائم ڪيل هي اسڪول يونيورسٽي جو درجو ناهي ماڻي سگهيو. اگر اسان کي مير صاحب جي مشن کي اڳتي وڌائڻو آهي ته اسان تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته اسان پنهنجون ذاتي ڪوششون وٺي مير صاحب جي قائم ڪيل درسگاهه کي هڪ اهڙي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرايون جيڪا جديد دؤر جي تعليمي معيار تي پوري لهي. سائنس، ٽيڪنالاجي، فلسفي توڻي ادب کان وٺي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ڪلچر کي هٿي وٺرائي دنيا جي بدليل نين حالتن ۽ سائنس جي هن عروج واري دؤر ۾ اسان پنهنجي ايندڙ نسل جو مستقبل فقط انهيءَ تعليم جي ذريعي ئي محفوظ ڪري سگهون ٿا ڇو ته جيڪي به قومون تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪن ٿيون اهي ئي نه فقط پنهنجو وجود بچائي سگهن ٿيون پر هڪ شاندار ۽ باوقار طريقي سان جديد دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلن ٿيون. آئون جڏهن به مير صاحب جي زندگي تي نظر ڊوڙايان ٿو ته مونکي ڪنهن انگريز شاعر جون هي سٽون ذهن تي تري اينديون آهن.
Lives of great men all reminds us,
We can make our lives sublime,
And departing leave behind us,
Foot-prints on the sands of time.