لاڙ جي سڃاڻپ
- ڍالو مل موتي ــ ايڊوڪيٽ (اولڊ اسٽوڊنٽ)
اسانجي لاڙ جو هي خوبصورت خطو فطرتي سونهن سان سينگاريل ڍنڍن ڍورن ۽ واهڻ وستين کان علاوه علمي خانقاهي، درگاهن، آستانن، سُخن ۽ سخاوتي، مصنفي ۽ نقادن، ادب ۽ عجائبن و مانائتو ماضي رکڻ سان گڏ تاريخي ۽ تمدني آثارن سان به مالامال رهيو آهي. روپاماڙي، سومرن جو پهريون تخت گاھ، اگھاماڻون، علي بندر ۽ سيف الملوڪ جي واءِ تاريخ ساز ماڳن جي ڊگھي لسٽ مان ٻه چار مثال آهن.
ٻئي طرف تهذيبي ۽ تمدني ورثي تان نظر گهمائي سخت ادب ۽ علم لاءِ جاڳرتا ۽ جاکوڙ ڪندڙ لاڙ جي سچي سڃاڻپ مير غلام محمد خان ٽالپر هر نئين سال لاءِ اتساھ جو انوکو مثال آهي. جنهن کي لاڙ واسي لاڙ جو ابو چئي هميشه ياد رکندا پيا اچن.
هن برٽش دور ۽ انگريزن خلاف آزادي واري ويڙھ جي انيڪ مورچن مان سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ اثرائتو جهالت خلاف علم جي روشني ڦهلائڻ جو عزم کڻي ايشيا جي هن اونڌاهي ۽ دريائي پڇڙي واري پٺتي پيل علائقي ۾ تعليمي انقلاب آڻڻ جو پختو پھه ڪيو.
مير صاحب 1920ع ۾ ٽنڊي باگي شهر ۾ 5 شاگردن سان اسڪول جو بنياد وڌو. ساڻس ان نيڪ ڪم ۾ عظيم عالم ۽ استاد محمد صديق مسافر پيش پيش هيا. مسافر جهڙو سچو ٻانهن ٻيلي ۽ هڏ ڏوکي ساٿي مير صاحب جي سخا ۽ لاڙ لاءِ تبديلي جي تڙپ ٽن سالن جي مختصر عرصي يعني 1923ع ۾ هڪ عاليشان لارينس مدرسي جي شڪل ۾ سامهون ٿي. ان اونداهي دور ۾ هاسٽل ۽ فري بورڊنگ هائوس سميت علم جي مينار جيان اهو مدرسو سڄي سنڌ ۾ علمي انقلاب جو پهريون ڏاڪو بڻجي اڀرڻ لڳو.
مير صاحب پنهنجي دور جي ٻين همعصر سماج سڌارڪ ۽ علمي درسگاهن قائم ڪندڙن وانگيان هتان هتان، امدادون، خيراتون، سرڪاري گرانٽون ۽ مخير حضراتن جي خوشامدن بدران پنهنجي هڙان وڙان سب ڪجھه ڪرڻ ۽ پاڻ ارپڻ جو پڪو پھه ڪري ڇڏيو هو.
مرحوم مير صاحب فقط ڇوڪرن جي تعليم لاءِ اسڪول کولڻ کي علمي انقلاب نٿي سمجهو پر مرد پڙهيو ته گهر جو هڪ فرد پڙهيو پر نياڻي جي تعليم پوري خاندان جي علم پرائڻ برابر آهي. واري حقيقت کي آڏو رکي برابري جي بنياد تي ڇوڪرين لاءِ پڻ زنانو اسڪول جو بنياد رکرايائين.
اسڪول جي مستقل انتظام هلائڻ لاءِ ان وقت ٽي لک رپيا بينڪ ۾ ڊپازٽ ڪرايائين ته جيئن شاگرد سدائين ان وياج مان تعليم پرائيندا رهن.
مير صاحب ڄاتو ٿي ته صحتمند جسم ئي صحتمند معاشري کي جنم ڏيندو آهي. لاڙ جهڙي هيٺائين واري علائقي ۾ سهولتن جي اڻلڀ کي محسوس ڪندي شفا خانه، عورتن لاءِ زناني اسپتال ۽ ميٽرنٽي هوم ۽ آسپاس جي ڳوٺ لاءِ گشتي دواخانه جنهن کي اڄڪلھه موبائل ڪلينڪ چئجي ٿو، جو بندوبست ڪيائين. علم جي ڦهلاءُ لاءِ برانچ اسڪولن ۽ مدرسن لاءِ باقائده گرانٽون مقرر ڪيون هئائون. بي پهچ ۽ غريب شاگردن جي علمي سهائتا لاءِ اسڪالرشپون، فري بورڊنگ ۽ بنا في جي تعليمي اسڪول جهڙيون اسڪيمون سڄي سنڌ مان شاگردن کي علم پرائڻ لاءِ اڪساهينديون هيون.
علامه دائود پوٽو، مير بنده علي ۽ قادر بخش خاصخيلي، علي ڳڙھ ۽ لنڊن مان مير صاحب جي مدد سان اعليٰ تعليم جي زيور سان آراسته ٿيا.
عظيم مير صاحب هن غريب علائقي جي دردن ۽ دکن کي دل سان محسوس ڪندا هئا. انهيءِ لاءِ بيواهن، يتيمن ۽ مسڪينن لاءِ بيت المال جي طرز تي مستقل وظيفو مقرر ڪيو هئائون ۽ عيد برات تي سندن پرگهور لهڻ کي عبادت سمجهندا هئا.
مير صاحب جي اکين ۾ هڪ خواب اسڪول کي عظيم يونيورسٽي ۾ بدلائڻ لاءِ تڙپندو رهيو، پر افسوس 12 فيبروري 1932ع ۾ پاڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.