شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

روشني جو مينار

[b] مهاڳ[/b]
برِصغير جي جديد تعليم جي تاريخ انتهائي دلچسپ آهي ۽ ڪالونيل دور کان اڳ وارو تعليمي نظام، نصاب، طريقي ڪار ان کان به وڌيڪ دلچسپ آهي. جنهن جو هڪ مثال اهو آهي جو لارڊ ميڪالي جنهن برصغير ۾ جديد تعليمي سڌارا پئي آندا. ان پنهنجي سفارشي نوٽس ۾ لکيو ته “اسان هتي اهو نصاب پڙهائي نٿا سگهون جنهن موجب هڪ هڪ راجا ٽيھه هزار سالن تائين حڪومت ڪري رهيو هو.” برصغير ۾ جديد تعليم طرف ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت ڪو ڌيان نه ڏنو پر جيئن ئي برطانوي حڪومت سڌو سنئون اقتدار سنڀاليو ته ان کي هيڏي وڏي آبادي واري ملڪ هلائڻ آبادي جي ڪجھه پڙهيل لکيل طبقي جي ضرورت پئي. جيڪو حڪومتي ڪاروبار، ڪارونهوار ۾ حڪومت جو هٿ ونڊائي سگهي. يورپين کي علم جي طاقت جو اندازو هو دنيا تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ علم جي اهميت کان خوب واقف هئا ۽ هن ڪالونائيزيشن جي عمل ۾ علم تي ڪتاب آندو هو. جديد تعليم ذريعي هنن کي هڪ اهڙو ڪلاس گهربل هو جيڪو باقي ريت ۽ حڪمرانن جي وچ ۾ پُل بڻجي سگهي. هندستان ۾ غير مسلم ڪميونيٽي طرفان ارڙهن سئو ستونجاهه جي جنگ کان پوءِ انگريز سرڪار مسلم ڪميونٽي کان وڌيڪ شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳي هئي جنهن ڪري برطانوي سرڪار کي مسلم ڪميونٽي مان پڙهيل لکيل وفادار ڪلاس جي ضرورت پيش پئي. نتيجي ۾ برطانوي سرڪار مسلم اشرافيه کي جديد تعليم طرف قائل ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ طرف انهن لاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو قيام عمل ۾ اچڻ لڳو ته ٻئي طرف مسلم ڪميونيٽي ۾ جديد تعليم جي حاصلات لاءِ تحريڪون جنم وٺڻ لڳيون. سر سيد احمد خان وقت جي رجعت پرستن جون فتوائون کڻي علي ڳڙھ جي اداري جو بنياد وڌو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته سرسيد احمد خان تي قتل جي فتوي لاءِ هندستان مان صاحب نڪتا ۽ سعودي عرب (حجاز) مان اها فتوى وٺي آيا هئا، ٻئي ڳالھه نوٽ ڪرڻ جهڙي هئي ته سر سيد احمد خان عام مسلمانن جي تعليم بجاءِ مسلمان جي فقط اشرافيه طبقي يا هندستان جي، اقتدار کان محروم ٿي ويل ثابت حاڪم نوازي طبقي جي تعليم لاءِ ڪوششون وٺي رهيو هو. گڏوگڏ سر سيد احمد خان طبقاتي اوچ نيچ ۽ حسب نسب خاندان ۽ شجري جو قائل هجڻ سان گڏ عورتن جي تعليم جي به حق ۾ نه بهرحال سرسيد احمد خان جي تحريڪ پنهنجي دور جي اهم ۽ اثرائتي تحريڪ هئي جنهنکي جلد يا دير سان هندستان جي هن ڪميونٽي تي اثر ڇڏڻا هئا. جنهن ڪميونيٽي ۾ جديد تعليم نه جي برابر هئي ۽ تعليم جو بنياد وجهندڙ تعليمي طبقي کي هن وقت جي رجعت پرست طبقن جي مزاحمت کي به منهن ڏيڻو پيو. انهي تسلسل ۾ سنڌ جي مسلمانن ۾ حسن آفندي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة السلام قائم ٿيو ۽ تعليمي سجاڳي جي ان لهر جي تسلسل ۾ مير غلام محمد ٽالپر صاحب هڪ هاءِ اسڪول جو بنياد وڌو. هن اسڪول جي قيام وقت جيڪڏهن سنڌ جي سماجي سياسي صورتحال جو جائزو وٺجي ته عجيب صورتحال اڳيان ايندي مثال طور سنڌ ۾ ڪانگريس، جميعت العلماءِ هند، خلافت تحريڪ، خاڪسار تحريڪ ۽ مسلم ليگ وغيره سياسي منظر تي نظر اينديون پر انهن جو ڪنهن به طرح سان جديد ادارا جوڙڻ ۾ ڪو حصو پتي نه رهيو. هندو ديوانن، گواجي عيسائين، پارسين شڪارپور کان حيدرآباد ڪراچي تائين تعليمي ۽ صحت جي ادارن جوڙڻ ۾ ڪردار ادا پئي ڪيو. باقي سنڌي مسلم برادري جو حال اهو هو جو جديد تعليم حاصل ڪيل، گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ ۽ اسيمبلي ميمبر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جڏهن سنڌ ۾ تعليمي سڌارن، ادارا قائم ڪرڻ لاءِ زميندارن تي في ايڪڙ هڪ رپيو تعيلم لاءِ ٽيڪس مقرر ڪرڻ جي تجويز اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ته اسان جي ڀوتار بزرگن اها تجويز اڪثريت سان رد ڪري ڇڏي هئي. صحت جي شعبن ۾ سنڌ ۾ جيڪي اسپتالون ۽ ٽي بي سينيٽوريم پئي ٺهيا تن سان انهن وڏيرن ڀوتارن جو نه واسطو نه لاڳاپو، بس ڀوتارڪو ڪلاس پاڻ عطائي حڪيم رکيو سونن ڪکن تي زور ڏيو ويٺو هوندو هو. باقي خلق جي زندگي موت سان ڪهڙو واسطو؟ پر ٻئي طرف سنڌ جي ان ساڳي دور ۾ هڪ انسان آهي جيڪو هڪ دنياوي دولت ۽ ٻيو درد جي دولت سان مالامال آهي ۽ جڏهن دولتمند وٽ انسانذات لاءِ ڪا دردمند دل هجي ٿي ته هو ان دولت تي ٻين جو حق سمجهي ٿو ۽ اهو هو مير غلام محمد خان ٽالپر. هن پنهنجي دور ۾ تعليم ۽ صحت جهڙن شعبن تي غور ڪيو، ادارا ٺاهي عمل ڪري ڏيکاريو. مير صاحب جا اهي جيڪي انساني ڀلائي جا ڪم هئا انهن ۾ هي ڳالهيون هُن کي منفرد بنائن ٿيون هڪ ته هن پنهنجي انهن فلاحي ادارن ۾ پنهنجو پئسو ڏنو ٻيو ته هن ڪا رواجي تعليم حاصل به نه ڪئي هئي. نه وڪيل، نه بئريسٽر، نه عالم نه صاحبِ ڪتاب پر ان جو تعليمي شعور بلندين تي پهتل هو، هن دور رس نظر، مستقبل بيني پنهنجي تر کي منفرد ۽ مختلف ڏسڻ ٿي چاهيو. انهن ساڳين وزيرن کي ڪجھه ڏهاڪن کان پوءِ جنهن انسان ساڳئي تر ۾ اڳتي وڌايو، جوت مان جوت جلائي سو هو قاضي محمد ابراهيم ٿيٻو سعيدپور ٿيٻا جو.
ٽي ڳالھه اها منفرد هئي ته مير صاحب وٽ اهو تصور ئي نه هو ته هن جي قائم ڪيل تعليمي ادارن ۾ فقط حاڪم طبقن، وڏيرن، ڀوتارن جا ٻار پڙهندا ۽ انگريزن جون نوڪريون ڪري انهن اڳيان سرخرو ٿي کين پنهنجي وفاداري جو يقين ڏياريندا.
چوٿين ڳالھه ته هن جنهن شهر جي چونڊ ڪئي اهو ڪو وڏو شهر نه هو، پوئتي پيل علائقي جو پوئتي پيل اهڙو شهر هو جنهن ۾ هندو، مسلم، غريب، مسڪينن ڪميونيٽيز ئي رهنديون هيون. هن جي سوچ پڙهيل طبقن کي تعليمي طريقي سان آزاد ڪرائڻ جي هئي ۽ تعليم جيڪڏهن درست رخ ۾ ٿئي ته اها انسان کي واقعي آزاد به ڪرائي ٿي. ان ڪري اوهان ڇھه ست ڏهاڪا پوئتي وڃي جهنگلن ۾ قيد ٿيل عام ماڻهن جي حالت ڏسو ۽ اتي ڪنهن اسڪول جي قيام جو تصور ڪيو ته اوهان کي اونداھ ۽ روشني جهالت جي انڌيري ۾ گهيريل خلق ۽ روشني جي بنياد جو پتو پئجي ويندو ۽ هن تر پوري ملڪ جي ماڻهن لاءِ روشني جو بنياد جوڙڻ جو ڪم مير غلام محمد صاحب جي حصي ۾ آيو ۽ ان روشن راھ تان هلندي ڪيترا انسان پنهنجي منزل ماڻي چڪا آهن ۽ مير صاحب کي تاريخ پنهنجي صفحن ۾ اعليٰ صفتن جي مالڪ طور جڳھه ڏئي چڪي آهي. هن جي روشن ڪيل ان علمي لاٽ وارين روشن راهن تان اڃا ڪيترن ئي نسلن کي گذرڻو آهي. ضرورت هن ڳالھه جي آهي جو انهن نسلن مان ڪي ماڻهو مير صاحب کي رول ماڊل بڻائي اهڙا ادارا جوڙين ۽ انهن ادارن جي وارثي ۽ سنڀال ڪن جيڪي مير غلام محمد ٽالپر جهڙين شخصيتن جوڙايا آهن.

حفيظ ڪنڀر
2017-06-09
ابوظهبي