شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

ڀلائي جا ڀاڙا

ڀلائي جا ڀاڙا

- ڊاڪٽر اسد جمال پلي

ڪلهوڙن جي دور کي اسان جي سنڌي ادب خواه تعليم جو سونهري دور چئجي ٿو. ان جو خاص ۽ اولين سبب اسان جا مدرسا، مدرس ۽ انهن جو منظم ۽ مضبوط تعليمي نظام آهي. هن ئي دور ۾ اسان کي ابوالحسن جي سنڌي جو تحفو مليو جو اسان جي سنڌي زبان کي هڪ معتبر ۽ گهڻي سڌريل صورتخطي عطا ٿي. تمام ٿوري ڦير گهير سان هي صورتخطي اڄ به اسان جي نصاب جو معياري خط آهي. هن دور ۾ “درس نظامي” جا ڪتاب سنڌي ۾ لکجڻ شروع ٿيا. ادب جون تحريري شڪلون اچڻ شروع ٿيون ۽ رسالا وجود ۾ اچڻ شروع ٿيا.
علم جي واڌاري جو هيءَ سلسلو ٽالپرن جي دؤر ۾ اڃان به وڌيڪ سگهه سان هليو. عربي، فارسي ۽ سنڌي سان گڏ انگريزي زبان جو چؤٻول به ٿيو. انگريزن انهي عرصي ۾ مرڪزي برصغير تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ سنڌ ملڪ لاءِ غلامي جون زنجيرون اچي سنڌ جي سرحد تائين پڄايون. انهيءَ انگريزي هلچل اسان کي ڪيترن ئي انگريزي لفظن سان مانوس ڪيو ۽ جڏهن سنڌ ملڪ به انگريزن جي غلامي ۾ هليو ويو ته اسان جي تعيلم جي نظام به نئون رنگ اختيار ڪيو. اسان جي ملڪ جا ڪيترائي سمجهدار ماڻهو هن ملڪ جي حالتن مطابق هلڻ ۽ انگريزن جي غلامي جي طوق مان آجو ٿيڻ لاءِ انگريزي زبان جي ڄاڻ کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ لڳا. ٻي طرف اسان جي سماج ۾ انگريزن کان نفرت سبب، انگريزي نه پڙهائڻ تي به زور ڏنو ويو. هن صورتحال ۾ اگر ڪو ماڻهو پنهنجي اولاد کي انگريزي تعليم ڏيڻ چاهي ته به نه اسڪول موجود نه وري ڪا سستي تعليم. پوري برصغير ۾ اهڙن ماڻهن کي مايوس پي ڪيو ويوجن ان ڏِس ۾ ڪوششون ڪيون پئي پوءِ اهو پٿوري جو خانصاحب سائينداد خان ڇورو هجي، عليڳڙهه جو سر سيد احمد خان هجي يا ٽنڊي باگي جو خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر هجي. هي سڀ وڏا ماڻهو هئا. انهن جون وقتي مخالفتون ته ٿيون، پر پوءِ وقت گذرڻ سان سندن فيصلا صحيح ثابت ٿيا ۽ سندن فيصلن، ڪوششن ۽ ڪاوشن کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويو.
وقت جي حڪمرانن به هنن فيصلن تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ٻيون سڀ ڳالهيون ۽ رايا پنهنجي جاءِ تي درست مگر انگريزن حڪمرانن جي هڪ ڳالهه کي ته قبول ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي ڪونهي ته هنن سنڌي آئيوٽا کي الف اشباع مان موجوده شڪل ڏني. سنڌ ۾ سنڌي زبان کي سرڪاري حيثيت ڏئي انگريزيءَ سان گڏ دفترن ۾ رائج ڪيو، ڊڪشنريون ٺاهي سرڪاري ڪاروهنوار ۾ سنڌي زبان کي اڌو اڌ شامل ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ذاتي اڻوڻت سبب اسان اڳتي هلندي هن سفر ۾ پنهنجون منزلون منجهائي ۽ وڃائي ويٺاسين.
جڏهن به قومون پنهنجي ماضيءَ سان ۽ بزرگن جي ڪيل نيڪ ڪمن سان جوڳو ورتاءُ ڪنديون آهن ۽ غير سنجيده نعري بازي ۾ ڦاسي پونديون آهن ته پوءِ ايندڙ نسل انهيءَ جي سزا ضرور ڀوڳيندا آهن. اسان پنهنجي تعليمي درسگاهن ۾ انگريزي زبان کي برداشت نٿي ڪيو ۽ انگريزي زبان جي تعليم کي پنهنجي مذهب جي تعليم لاءِ هاڃيڪار سمجهيو ٿي ته اهو رويو غلط هو نه ته انگريزي اسانجي زبان نه فارسي، پر فارسي کي اسان صدين کان پنهنجي حڪمران زبان قبول ڪريو ويٺا هئاسين. جڏهن انگريزن سنڌي زبان کي اسان جي قومي زبان قرار ڏني ته به اسان وٽ ان جو ڪو قدر ۽ اڳتي ترقي نه ٿي سگهي.
اڄڪلهه اسان جي شهرن جي گهٽي گهٽي ۾ انگريزي اسڪول آهن. اسان جا ٻار پڙهن ٿا انگريزي اسين پيا احتجاج ڪريون ته سنڌي پڙهايو. انگريزن جي دور حڪومت ۾ اسان جا جيڪي به سنجيده ۽ سمجهدار جاگيردار ۽ وڏيرا هئا انهن مان ڪيترن هن سلسلي ۾ اهم ڪم ڪيا. انهن سنڌ جي لاڙ جي وڏن ماڻهن ۽ مير باگي خان جي خاندان مان مير غلام محمد خان ٽالپر صاحب جون ڪوششون تمام اهم آهن.
مير صاحب 1919ع ۾ هڪ بينچ، هڪ ميز، ۽ ٻن ڪرسين جي فرنيچر تي مشتمل هڪ انگريزي اسڪول شروع ڪيو. کيس بلاولي نسل مان سنڌي علم و ادب، جو تمام وڏو خدمتگار مرحوم محمد صديق “مسافر” جهڙو نيڪ سيرت انسان هٿ آيو، جنهن مير صاحب طرفان ڏنل ابتدائي خرچ مان مَٽ، دلا ۽ هٿ سان لکيل رڪارڊ جو رجسٽر ٺاهي هڪ مسواڙي ڪمري ۾ اسڪول شروع ڪيو. “مسافر” مرحوم ٽنڊوباگو لڳ مولوي محمد حسن لغاري جي مدرسي مان لغاري صاحب جي فرزند سميت پنج شاگرد وٺي اچي بينچ جي پورت ڪئي ۽ انگريزي پهريون درجو شروع ڪرايو. مسافر جي محنت ۽ مير صاحب جي تاڪيد، همٿ افزائي ۽ ڌڻيپ سان 1921ع ۾ هيءَ اسڪول رجسٽر ٿيو. مسواڙ وارا ڪم وڌيا، شاگرد 40 کان اضافي ٿيا ۽ فرنيچر به وڌيڪ ٺهيو، بورچي ۽ اردلي رکيا ويا، هاسٽل لاءِ مسواڙ تي جاءِ ورتي وئي. هي سڀ خرچ مير غلام محمد خان ٽالپر صاحب خوشدلي ۽ فراخدلي سان ڪندو هئو.
مير غلام محمد خان ٽالپر پنهنجي دؤر جو وڏو ماڻهو هئو. سندس انگريز آفيسرن وٽ پڻ رسائي هئي. پاڻ ان وقت جي تعليم کاتي جي آفيسرن جي صلاح مصلحت سان اسڪول جي نالي انڊومينٽ (ڌراوتي) فنڊ قائم ڪيائون. هن فنڊ ۾ پاڻ پئسه ۽ ڪجهه سرڪار طرفان مليل گرانٽ جمع ڪيائون. هي رقم ان وقت اڍائي لک روپيه هئي. هن رقم جي وياج مان اسڪول جا مڪمل اخراجات هلايا ويا ٿي.
1922ع کان اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم شروع ٿيو ۽ ان سان گڏ بورڊنگ هائوس جو ڪم به شروع ٿيو. مير صاحب جي فراخدلي، سخاوت، اڻٿڪ محنت، عشق ۽ قومي خدمت جي جذبي سان هي عاليشان عمارتون 1924ع ۾ مڪمل ٿيون ۽ اسڪول هنن نئين عمارتن ۾ منتقل ٿيو. مير صاحب پنهنجن ٻن سابق انگريز آفيسرن جا نالا هنن ٻنهي عمارتن تي رکيا. هاسٽل جو نالو “گبسن بورڊنگ هائوس” ۽ اسڪول جو نالو “لارينس مدرسو” رکيو. هي ٻئي انگريز آفيسر پنهنجن عهدن کان فارغ ٿي پنهنجي ملڪ پهچي چڪا هئا، پر مير صاحب پنهنجي دوستانه تعلقات کي “رٽائر” ٿيڻ ڪونه ڏنو هئو ۽ پنهنجن دوستن کي هميشه ياد رکيو.
سر هينري لارينس 1919ع ۾ هندستان جو گورنر هئو. رئيس شمس الدين بلبل جي به ساڻس دوستي هئي. سر هينري لارينس مسلمان ليڊرن جي رهنمائي ۾ عام سنڌي مسلمانن جي ڀلائي لاءِ ايترا سٺا ۽ جهجها ڪم ڪيا جو ان دور جا ڪي هندو عملدار کيس “اورنگزيب عالمگير” جي نالي سان سڏڻ لڳا. هڪ هندو ڪاليجي شاگرد مٿس پستول سان قاتلانه حملو به ڪيو هو پر هو هن حملي ۾ محفوظ رهيو. (بحواله: ڪتاب رئيس شمس الدين، مصنف شمس الدين ابن ضيا ابن بلبل، پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرس ڪراچي 2016ع).
سر هينري لارينس ڪيترن ئي نوجوان سنڌين کي نوڪريون ڏنيون ۽ ڪيترائي نيڪ مسلمان عملدار برصغير جي مختلف شهرن مان گهرائي سنڌ ۾ مقرر ڪيا، جن سنڌ جي مسلمانن جي وڏي خدمت ڪئي.
مير صاحب لاڙ جي هن ننڍڙي شهر جي شاگردن جي نه صرف هتي تعليم جو بندوبست ڪيو پر ٽئي درجي جي پاس ٿيندڙ ٻارن مان هوشيار ٻار منتخب ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي موڪليندو هئو. انهن جي تعليم جي خرچ کان علاوه انهن ٻارن جي ڪپڙن ۽ ڪتابن جو ذمو به مير صاحب جو هئو.
مير صاحب پنهنجي دور جو آئيڊيل جاگيردار ۽ وڏيرو هئو. قدرت کيس اڻڳڻين انساني خوبين سان مالامال ڪيو . اصل ۾ مير صاحب جهڙا ماڻهو ئي وڏيرا هئا. هن دؤر ۾ به جيڪو جاگيردار يا وڏيرو پنهنجي اندر ۾ پنهنجي ديس وارن لاءِ اهڙو ئي درد رکي ٿو اهو ئي وڏيرو آهي، باقي سڀ زميندار چئبا پر “وڏيرا” نه. “وڏيرو” اهو قومي اعزاز آهي جيڪو صرف قوم جي دردمند انسانن لاءِ مخصوص آهي. ان کان علاوه زميندار ئي آهن جن کي اسين ڀُل مان “وڏيرو” چئون ٿا. “وڏيرو” اهو جيڪو ڪم ۽ ڪردار جو “وڏيرو” هجي ڀلين وٽس زمينداري ٿوري هجي يا گهڻي. سنڌ ۾ جيڪي به اهم تعليمي سماجي ۽ بهبود جا ڪم اسانکي ماضي جي جهروڪن يا حال جي روشنين ۾ نظر اچن ٿا اهي سڀ يا وڏي ڪردار وارن وڏيرن ڪيا آهن يا انهن جي معاونت سان ٿيا آهن. انهن وڏن ڪمن جي وارثن کي اسين ڪيئن ٿا برو ڀلو چئون ۽ پنهنجي تاريخ جي روشن بابن کي اونداهو ڪريون جهڙي طرح محمد صديق مسافر مرحوم سنڌي ادب جو “وڏيرو” هئو ۽ سندس تعليمي خدمتن جي پٺيان لاڙ جي هن وڏي جاگيردار مير غلام محمد خان ٽالپر جو هٿ هئو. اهڙي طرح هنن صاحبِ ڪردار وڏيرن “سنڌ” ڌرتي جي وڏي خدمت ڪري، پنهنجي سرزمين سان عشق جو ناتو نباهيو آهي. هن وضاحت بعد اسان کي سنڌ جي وڏيرن لاءِ چيل پنهنجي جملن کي چٽو ۽ واضح ڪرڻو پوندو ته اهي “زميندار” لاءِ چيل آهن نه ڪي وڏيري لاءِ.
مير صاحب، محمد صديق مسافرجي ماهوار پنجاهه روپيه پگهار، هڪ بينچ، هڪ ميز ۽ پنجن شاگردن سان جيڪو اسڪول 1919ع ۾ شروع ڪيو، 1925ع ۾ ڏيڍ سؤ شاگردن ۽ ستن استادن تائين پهتو ۽ پنجن ڪلاسن تائين رجسٽرڊ ٿيو.
محمد صديق “مسافر” پنهنجي “ڪلياتِ مسافر بمع منازل مسافر” ۾ نه صرف هي شاندار واقعا درج ڪيا آهن، پر مير صاحب متعلق شاعري به ڪئي آهي. فرمائي ٿو ته:
سمورو جاگير ۽ زمينون، نظر سياڻپ جي سان هلايئين
هو سرس سرڪار ۾ سمانو، ابو رعيت سندو هو سو ئي

مير صاحب جي وفات تي به مسافر غم ۾ مبتلا آهي ۽ هينئن ٿو اظهار ڪري ته
اي قلم! تحرير ڪرڻون، توکي اڄ تازو الم،
خابنهادر مير صاحب جو وسرڻو ناهه غم.
ڇا سندس رخ نور ڀريل، ڇا سندس دل صاف نيڪ،
ڇا سندس هئا عقل ۽ ويچار وارا نيڪ ڪم!

ٽنڊي باگي جي قمبراڻين جي مُکي ۽ ننڍي گلاب جي وڏي پڳدار مرحوم محمد صديق مسافر پنهنجن هنن شعرن ۾ مير صاحب جي نيڪ ڪمن جي خوب جهلڪ پسائي آهي. پوءِ اڳتي هلي مير صاحب جي شخصيت، ڪردار ۽ نيڪي ۽ ڀلائي واري ڪمن کي ذهن ۾ رکي جيڪو نظم لکيو آهي اهو نظم ته اسين پرائمري ۾ جهومندي پڙهندا ۽ ياد ڪندا هئاسين ته :

ڪرڻ آهي بهتر سڀن سان ڀلائي
چڱي ڳالهه اهڙي نه ٻي آهي ڪائي
ڏني مهر سان جي ڌڻي توکي مايا
ته ڪر تون غريبن، يتيمن تي ڇايا
ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو
ڀلائي جا ڀاڙا، ڌڻي توکي ڏيندو

مير صاحب جي شڪل شبيهه به الله پاڪ سهڻي ٺاهي ته اندر ۾ هڪ نيڪ ۽ صاف دل به رکي. سنڌ ڌرتي، سنڌي زبان ۽ سنڌي سماج جي ترقي لاءِ پاڻ جيڪي ڪم ڪيائون اهي سندس اندر جي ڪردار جا گواهه آهن. لارينس مدرسه کانسواءِ پاڻ جيڪو ٻيو اهم ڪم ڪيائون اهو آهي گرلس پرائمري اسڪول جو قيام. مير صاحب جنهن دؤر ۾ اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون پيو ڪري، ان دؤر ۾ اسانجي معاشري ۾ اها سوچ رکڻ به وڏي ڳالهه هئي بلڪه اهڙو خواب ڏسڻ به عجيب ٿي لڳو. هن سخي مرد، محمد صديق مسافر جي حمايت سان ڇوڪرين جو اسڪول کولايو. حيدرآباد مان محترمه مائي کتو (خديجه) احمد يونساڻي کي ماسترياڻي طور گهرايو. سندس گهر واري کي گڏ آڻي ٽنڊي باگي ۾ رهايو ۽ اهو اسڪول به اڄ قائم آهي ۽ جيڪي به نياڻيون هتان پڙهنديون هيون اهي مسافر جي جستجو مائي (کتو) جي نياڻين جي تعليم لاءِ کنيل قدم ۽ مير صاحب جي نيڪين جي ضرور تعريف ڪنديون. هن اسڪول بعد مير صاحب جي ٻي خواهش هئي ته هڪ بس “لاري” جو بندوبست ڪجي جيڪا ڀرپاسي جي ڳوٺن مان نياڻين کي وٺي اچي ۽ موڪل بعد واپس ڳوٺ پهچائي. بس جي هن سفر جو سوچيندي، مير صاحب جو روح پنهنجي ابدي سفر تي روانو ٿي ويو. پاڻ 12 فيبروري تي هن دار فاني مان دار البقا ڏي راهي ٿيو. سندس نيڪ ڪمن ۽ نيڪ ڪردار جي خوشبوءَ هميشه سنڌ ڌرتي تي گهُلندڙ هوائن ۾ مهڪندي رهندي.
ڪجهه عرصو پهرين مون محترم فيض کوسو ، محترم پروفيسر ضرار رستماڻي سان گڏ جڏهن هي ٻئي بلڊنگون ڏٺيون ۽ ماڻهو جي قد کان وڏا لاڻا ڏٺا ته ڀٽائي جو بيت دل تي تري آيو ته:
آڻي ٻڌم وڻ جاءِ، ته مان مکڙيون چري،
ڪڌا تورو ڪرهو، لڪيو لاڻي کاءِ،
ان مئي سندي، ماء! مونکي ڳالهڙين ڳوڙها ڪيو!

هيءَ اسان جي سماجي روش سڄي سنڌ ۾ هڪجهڙي آهي. اسين پنهنجن وڏن جي ڪردار کي وساري ويٺا آهيون. ايندڙ نسلن کي انهن بابت ڪا به آگاهي نٿا ڏيون. اسين پنهنجي بزرگن جي وڏين قربانين سان برپا ڪيل ادارن سان ڪهڙو رويو رکون ٿا، ڪٿي ايئن ته ڪونهي ته ڪُڌا ڪرتوت ڪرهي وانگيان اسين مکڙيون ڇڏي، لڪيو لاڻي پيا کائون.