قادر بخش خاصخيلي جي ياد روئاڙيو وجهي
- عثمان راهوڪڙو
قادر بخش خاصخيلي پنهنجي وقت جو ماهر استاد هو. مختلف ٻولين تي کيس عبور هو. هو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جو پارکو هجڻ سميت سنڌي ٻولي ۽ انگريزي ۾ ليڪچر ڏيڻ ۾ جيڪا کيس مهارت هئي سا ورلي ڪنهن ۾ هجي ٿي.
هن جي زندگي کي غربت جي انڌيرن مان روشني ڏياري وئي. هو جنهن گهر ۾ پيدا ٿيو اهو گهر هڪ دربان جو گهر هو جتي جي زندگي آڻين ۽ چاڙهين واري هئي. سندس والد محمد جمن وٽ نه دولت هئي نه مال هو، نه زمين هئي، هو بس لاڙ جي ان عظيم جاگيردار جي بنگلي جو دربان هو، جنهن جي سوچ جاگيردارڻي نه هئي. وٽس عزت وارا ۽ احترام لائق انسان هاري پورهيت ۽ غريب هئا. جن جي هو بنا رنگ ۽ نسل جي فرق جي خدمت ڪندو هو. کيس اولاد نه هئي. ان ڪري ۽ انگريز راڄ ۾ تعليم جو جديد ڏيئو روشن ڪرڻ لاءِ هن ٽنڊي باگي ۾ هڪ انگريز لارينس جي نالي سان جديد تعليمي مدرسو قائم ڪيو هو. جڏهن سندس دربان محمد جمن کي پٽ ڄائو ته کيس پهرين مبارڪ ان عظيم انسان مير غلام محمد خان ٽالپر ڏني ته محمد جمن جا مک ٽڙي پيا. نينگر جو نالو قادر بخش رکيو ويو. ننڍڙو قادر بخش جڏهن پنجن سالن جو ٿيو ته کيس اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي عشق ۽ علم جي گهٽين ۾ کيس مسافر سبق ڏنا. هي ٻالڪ سنڌ راڻي ۽ مير باگي جي محبتي ماڳ واري گهٽين ۾ راند ڪندو هو. جتان ڪڏهن وقت جي عاشق مير باگي ۽ سنڌراڻي جو گذر به ٿيندو هو ته انهن ئي گهٽين مان مسافر ۽ مير غلام محمد خان ٽالپر شمع روشن ڪئي هئي. اهي گهٽيون، نيري درياءُ جا ٽٽي ويل ڪپر ۽ غربت هن جي ننڍپڻ جا ساٿي هئا. هن جڏهن پرائمري پاس ڪئي ته مير غلام محمد خان ٽالپر کيس پنهنجي خرچ تي بمبئي اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ روانو ڪيو. هو بمبئي اٺن گهوڙن ۽ ٻيڙن ذريعي ايندو ۽ ويندو هو. هن ٿرن، برن، بحرن ۽ رڻن جا سفر انهن سوارين ذريعي ڪيا. مبمئي جي رنگين راتين کي شمعدانن جي روشني ۾ هن ويجھي کان ڏٺو. 19 صدي جي پهرين ڏهاڪي کان ستين ڏهاڪي تائين برصغير ۾ ٿيل سموري اوٿل ۽ پوٿل هن ماهر تعليم ۽ حساس دل انسان جي دل تي ڪيئي اثر ڇڏيا. هن پهرين مهاڀاري لڙائي، ٻي جنگ عظيم ۾ بيگناھ مارجي ويل ڪروڙين انسان جا چچريل لاش اخبارن ۽ رسالن ۾ ڏٺا، هن جديد کان جديد ڪتاب پڙهيا، جناح ۽ گانڌي سان هليو. سندس ئي ڳوٺ ٽنڊي باگي ۾ حر تحريڪ هلچل دوران جڏهن پير صبغت الله شاھ راشدي کي انگريز سرڪار گرفتار ڪري شهيد ڪيو ته ٽنڊي باگي جي صحافي مگھن لال پنهنجي اخبار ۾ شهيد سورهيه بادشاھ جي شهادت ۽ حرن تي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ته کيس به انگريز سرڪار گرفتار ڪري گم ڪرائي ڇڏيو. ٽنڊو باگو لڳ ميرو فقير نظاماڻي کي شهيد ڪيو ويو. 1947ع جي ورهاڱي دوران سندس استاد ۽ دوست وطن جا وڻ ڇڏڻ تي مجبور ٿيا ۽ نئين ملڪ پاڪستان ۾ جڏهن ون يونٽ ٿيو ته به هن جي دل دانهن ڪئي. گلن ۽ ٻارن سان محبت ڪندڙ قادر بخش خاصخيلي محمد صديق مسافر ۽ مير غلام محمد خان ٽالپر کان ننڍپڻ کان جيڪي سبق سکيا ۽ غربت جي انڊلٺي رنگن ۾ پليل هي ماڻهو جڏهن مئٽرڪ ۽ بي ٽي ڪري سنڌ آيو ته هن کي تعليم کاتي ۾ استاد جو پيشو اختيار ڪرايو ويو. قادر بخش تعليمي آبڪاري ۾ ٽنڊو جان محمد ۾ جيڪا تعليمي خدمت ڪئي ۽ ٽنڊي باگي ۾ محمد صديق مسافر بعد هڪڙو يادگار باب آهي، پاڻ بدين، حيدرآباد جي اسڪولن ۾ به پڙهايو، پنهنجي پوري زندگي سکڻ، سيکارڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ صرف ڪندڙ هن تعليم جي ماهر استاد جي خواهش هئي ته تعليم ذريعي لاڙ ۽ سنڌ ۾ تبديلي اچي، فل سوٽ پائي هلندڙ قادر بخش اندر جو اجرو هو. روزا رکندو ۽ نماز پابندي سان پڙهندو هو. انگريزي، سنڌي ۽ اردو اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهندو هو. پنهنجي پوري زندگي غريبن، هارين ۽ پورهيتن جي ٻارن کي ڪتاب، ڊريسون ۽ هاسٽلن جي في ڏئي پڙهائڻ واري عمل ذريعي گذاريائين. ڪڏهن به مومل جي فريبي ڪاڪ تي اٺ نه جهڪائين، هو زندگي جي فريبي درياءُ واري ڪپ تي اڃيو ئي رهيو. ڪڏهن به مايا جي پويان نه لڳو. کيس مايا نفرت هئي سندس ڪل دولت سکڻ ۽ سيکارڻ هئي. پاڻ شفيق استاد سان گڏ شفيق انسان به هو. ڪنهن سان به زندگي ۾ ٻاڙو نه ٻوليائين. 12 فيبروري 1970ع ڌاري دل جو دوري پوڻ سبب وفات ڪيائين. سندس ٻه ڀيرا خاصخيلي جماعت طرفان ورسيون ملهايون ويون. سندس قبر/ مزار ٽنڊي باگي جي بکردار قبرستان ۾ زبون حالي جو شڪار ٿيل آهي. تعليم کاتي کيس مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو. سندس هزارين شاگردن به کيس ڪڏهن ڪنهن زندگي جي گهڙي ۾ ياد نه ڪيو. سندس پٽ محمد جمن جمعون ۽ ڌي صابل حيات آهن. جيڪي سندس اڏيل لانڍي نما گهر ۾ رهن ٿا، پاڻ شاعري ڪندا هئا. سندس ڪهڙا دوست هئا. انهن بابت ڄاڻ ملي نه سگهي آهي. سندس زندگي جا روشن صبح ممبئي ۽ ٽنڊو جان محمد ۾ گذريا پر اڄ به ٽنڊي باگي جو اهي اداس گهٽيون جتان ڪڏهن سنڌ راڻي، مير باگي، محمد صديق مسافر ۽ مير غلام محمد خان ٽالپر جو گذر ٿيڻ بعد سندس گذر ٿيندو هو، تن مان گذرندي سندس ياد الاجي ڇو روئاڙيو وجهي!