شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

سدائين جيئن سي جيڪي جيئن ٻين لاءِ

سدائين جيئن سي جيڪي جيئن ٻين لاءِ

- ڀون سنڌي

ورهاڱي کان اڳ جي زماني تي نظر وجھبي ته اسان کي پتو پوندو ته هيڏي وڏي ديو جيڏي سفاڪ دشمن انگريز سامراج کي شڪست ڏيڻ ۾ جتي انهن سرويچن، سورمن، سرفروش ۽ ڪونڌرن جي ريٽي رت رنگ لاٿو، جتي اڏول انسانن، وطن ۽ قوم جي آزادي ڪاڻ جيلون ڀوڳي، بکون ڪاٽي پاڻ ملهايو، جتي آزادي جي متوالن غلامي جي زنجيرن ٽوڙڻ لاءِ اڏي تي سر ڏيئي، مظلوم ۽ بيوس انسانن کي زنده رهڻ جو حق وٺي ڏنو. اتي انهن تعليمي ماهرن، جهالت سان جنگ جوٽيندڙن، علم جي جوت جلائيندڙن، اٻوجهن، مسڪينن، يتيمن جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۽ هڙان وڙان ڏيئي سندن مدد ڪندڙن جي قرباني ۽ جذبي کي پڻ وساري نٿو سگھجي. اهي سڀ هستيون عزت ۽ احترام لائق آهن جيڪي ڦورو سماج کي ڊاهڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح حصو وٺن ٿيون، انهن جا جذبا ۽ قربانيون قابل تحسين آهن. ڪا به سڌريل قوم انهن جي ڪيل خدمتن کي وساري نٿي سگھي. انهن سڀني جي زندگي اسان لاءِ روشن ڏيئي جي مثل آهي جنهن جي روشني ۾ اسين پنهنجي طاقت، پنهنجي قوت ۽ پنهنجي وجود کي ڏسي ۽ سمجهي سگھون ٿا ۽ زنده رهي سگھون ٿا.
سنڌ ڌرتي جو سخي مرد سپوت مير غلام محمد خان ٽالپر مير محمد خان جي گهر ۾ ڄائو. سندس نسبت مير مرزو خان ماڻڪاڻي سان وڃي ملي ٿي. امام غزالي جو قول آهي ته “تعليم ئي صحيح معنيٰ ۾ انسان جي صحيح شخصيت ۽ ڪردار جي آبياري ڪري ٿي”. جاهليت جو خاتمو نه ٿيو آهي، جيستائين ماڻهو علم جي نور سان منور نه ٿيا آهن، تيستائين ڪابه قوم وڌي ويجهي ۽ خوشحال ٿي نٿي سگهي. کين غريبن ۽ مسڪين ماڻهن جي سقيم ۽ ابتر حالت ڏسي سخت پيڙاء محسوس ٿيندي هئي ۽ اها پيڙاء ئي هئي جنهن سندس اندر ۾ اڌما جاڳايا ۽ اهي اڌما عمل جو روپ اختيار ڪري ويا ۽ هن پنهنجي سموري زندگي ڀلائي ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ صرف ڪري ڇڏي. جڏهن ته ان دور جا ڪافي وڏيرا ۽ مٿيئن ڪلاس وارا انگريز سرڪار جا دلال بڻجي سرڪار جي چرچ تي ۽ پنهنجي طبقائي فطرت جي پيش نظر مسڪينن ۽ اٻوجهن کي پيڙهي، لٽي، ماري ۽ سوين تڪليفون ڏيئي ان جي بدلي وڏا انعام ۽ سندون حاصل ڪري رهيا هئا. اتي مير صاحب به وڏيرو هئڻ جي ناتي ائين ڪري سگهيو پر نه هي مرد مانجهي انهن مان نه هو. مير غلام محمد خان ٽالپر پنهنجي سموري جائداد ۽ ملڪيت انساني ڀلائي ۽ نيڪي وارن ڪمن ۾ لڳائي زندگي جو هڪ نادر نمونو پيش ڪيو.
فرانسيسي مصور پال گاگن جي مطابق ماڻهو جي هٿن جي حاصلات ئي ان ماڻهو جي صحيح تشريح آهي. سندس هڙان وڙان قائم ڪيل ڪافي ادارا اڄ به هلي رهيا آهن.
هن فقير منش انسان وڏا ڪم ڪيا پر وڏيون دعوائون نه ڪيون. ايمرسن چواڻي “عظيم ترين ذهن رکندڙ ماڻهن جون آتم ڪٿائون مختصر هونديون آهن”. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن جي ذاتي زندگي انتهائي سادي ۽ مختصر پر عمل جي حوالي سان اعليٰ قدرن جو عاليشان مثال هئي.
مير غلام محمد خان ٽالپر مرحوم جي نيڪين ۽ خوبين جو ذڪر سن جو سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “جنب گذاريم جنسين” ۾ ڪندي لکي ٿو ته ملڪ ۾ گهڻا پر مير غلام محمد خان پنهنجو مٽ پاڻ هو. سنڌ جا اڪثر زميندار پئسي ۽ زمين وڌي وڃڻ بعد عياشي يا عيش حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي صرف ڪندا آهن. ليڪن ڌڻي تعاليٰ هن مير صاحب جي دل انساني درد سان ڀري رکي هئي. جنهن ڪري پنهنجي پئسي جو استعمال صرف خلق خدا جي ڀلي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين سندس ذاتي خرچ تمام معمولي هوندو هو. سفيد پٽڪو ۽ پهراڻ پهريندو هو. بلند اخلاق، حليم، محبتي، خلق جو خير خواھ انسان هو.
ڪنفيوشس چواڻي “ڪردار جي تشخيص چڱن اصولن تي هلڻ سان ٿيندي آهي”. مير صاحب سڄي عمر انهن اصولن تي هليو ۽ جڳ جو ڀلو چاهيو. سنڌ جو ارڏو ۽ قومپرست سياستدان مرحوم حفيظ قريشي ٽنڊي باگي اسڪول ۾ پنهنجي وقت جو يادگريون سموئيندي لکي ٿو ته هڪ ڀيري مير صاحب هڪ مئٽرڪ جي شاگرد کان پڇيو ته امتحاني في ڇو ڪونه پياري اٿئي؟ شاگرد پئسا نه هئڻ جو جواب ڏنو. ان تي مير صاحب وراڻيو ته بابا تعليم جو خرچ مفت ۽ معاف آهي، پر امتحان جي في ته ڀريو؟ پئسه ناهن ته ڪو ڳھه گروي رکي پئسه کڻي اچ. شاگرد جواب ڏنو سائين مئٽرڪ پڙهي هاڻ غيرت ٿي اچيم ته ڪو اڀرو سڀرو ڳهه گروي رکان. انهي جواب ٻڌڻ سان مير صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين. “هي خرچ انهيءَ لاءِ ته ڪيا اٿم ته من ڪو اهڙو جواب ملي. منهنجو خرچ سجايو ويو آهي. هن کان سواءِ مير صاحب نه صرف سندس في ڀري پر ٽيھه رپيا انعام به ڏنائينس. ڪاش هن دنيا جي اڪابرن ۽ رهبرن کي مير صاحب جي اها ڳالھه سمجھه ۾ اچي وڃي ته هو جيترا اختيار گڏ ڪري رهيا آهن اوترا جي اسڪول قائم ڪن ته ڪر دنيا سک، امن ۽ آشتي جو گهوارو بڻجي وڃي.
مير صاحب کان جڏهن به سندس اولاد بابت پڇيو هو ته هي نيڪ مرد اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن ڏانهن منهن ڪري چوندو هو ته هيءِ منهنجو اولاد آهن. انهي رشتي جي گهڻن ئي شاگردن وارثي ڪئي پر سڀ کان وڏو نالو هن اسڪول مان پڙهندڙ شاگرد ايڇ ايم خواجه ڪڍيو، جنهن کي سڄي سنڌ خصوصاَ نوابشاھ جا ماڻهو علم جو ابو ڪري ڀيٽا ڏين ٿا.
سچ پچ ته ههڙائي انسان نئين سماج جي پيڙھ رکندا آهن. هي درويش صفت انسان 12 فيبروري تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، پر جيڪي انسان فطرت جيان شفاف ۽ سخي هوندا آهن اهي فطرت جيان سدائين حيات هوندا آهن. سندس نيڪيون ۽ چڱايون اڄ به قائم ۽ دائم آهن. جيسين تائين نيڪيون رهنديون، دنيا ۾ مير صاحب وارا به سندس ٻاريل شمع مان انسانن لاءِ تنوير عباسي جي شاعري جون هي سٽون خوب ٺهي اچن ٿيون.
ڪجھه ڏئي وينداسين، ڪجھه نه کڻي وينداسين،
ٻور آهيون ڏيئي ميوو، ڇڻي وينداسين.

(نوٽ: رسالي “ههڙا مانجهي مرڻا ناهن” جو مهاڳ )