شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

مير غلام محمد خانسج ٿي اڀريو

مير غلام محمد خانسج ٿي اڀريو

ڪپيل ديو سوني ٽنڊو باگو

هو هڪڙو اهڙو ڪردار هو
جنهن زندگي جي منظوم ڊرامي ۾ فلاح ۽ علم کي چونڊيو
سندس بيمثال ڪاڪردگي ۾ ڪابه انتظامي ڪوتاهي ڪونه هئي
هو ڪا ڪهاڻي ۽ ڪٿا نه آهي
عجيب قصوبه نه آهي
هو اونداهي دور ۾ سج ٿي اڀريو
هن سڀ مت ڀيد ختم ڪري
سنڌ کي موثر علمي انتظام سان سجايو
هن چاهيو ته ماڻهو عقوبت خانن ۾ دم نه ڏين
۽ بي علمي ختم ٿئي.
هو هڪ علمي داستان هو
سندس سوچ جهالت جي خلاف هئي
اها ئي وڏي ڳالهه آهي