شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

اسڪول جي ڪهاڻي مسافر جي زباني

اسڪول جي ڪهاڻي مسافر جي زباني

- محمد صديق ”مسافر“

(مرحوم مسافر مير کي اکين ڏٺو هو ۽ پڻ هاءِ اسڪول جي تعمير ۽ هلائڻ ۾ به ساڻس هر وقت گڏ رهيو هو. پاڻ اسڪول جي برپا ٿيڻ جو سڄو احوال تفصيل سان ڪلياتِ مسافر ۾ لکيو اٿن، جيڪو اسين هيٺ ايڊٽ ڪري نئين عنوان سان ڏئي رهيا آهيون).
سال 1919ع ۾ جڏهن هندستان ۾ قطع تعلقات يعني ترڪ حوالات جي تحريڪ زور هئي ۽ هندو مسلم اتحاد قائم ٿي ويو هو ۽ برٽش گورنمينٽ ٿرٿلي ۾ پئجي وئي هئي ان وقت حيدرآباد ۾ مولانا محمد علي ۽ مولانا شوڪت علي ۽ مهاتما گانڌي جهڙن قومي اڳواڻن ۽ سنڌ جي ڪن قومي ڪم ڪندڙن مسلمانن ۽ هندن هڪٻئي پٺيان جيڪي تقريرون ڪيون هيون، تن بابت هڪڙي ڀيري آءٌ ۽ هڪڙو نو مسلم شيخ صاحب ماستر ماسٽرس روم ۾ گفتگو ڪري رهيا هئا. هڪڙو حيدرآبادي عامل ماستر جو ڳچ وقت کان مونکي حسد جي نگاھ سان ڏسندو هو، تنهن به ساڳئي روم ۾ پري اخبار منهن کي آڏي ڏيو اسانجي گفتگو پي ٻڌي. هن اسان جي گفتگو ۾ مرچ مصالا ملائي پرنسپل صاحب جا وڃي ڪن ڀريا، ايتريقدر جو پرنسپل صاحب کي پڪ ٿي وئي ته هي ٻئي مسلمان ماستر ڪاليج جي شاگردن ۾ قتع تعلقات جو جوش پيدا ڪندا ۽ ڪاليج ۾ ڪا خرابي پيدا ٿي پوندي. پرنسپال صاحب اسان کان نڪا پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ نڪا دريافت، هڪدم اسان ٻنهي جي برخلاف ڪانفيڊينشل رپورٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب کي سخت لفظن ۾ لکي موڪليائين. شيخ صاحب جو ڪو سڄڻ ڪراچي ۾ رهندو هو، جنهن جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب وارن جي آفيس وارن سان ڳوڙهو تعلق هو، تنهن شيخ صاحب کي ساري حقيقت لکي موڪلي ۽ صلاح موڪليائين ته جيستائين انهي رپورٽ جي نتيجي بابت اوهان کي حڪم اچي پهچن، تنهن کان اڳ موڪل تي لهي پوءِ ڪو تدارڪ ڪريو.
مون ان وقت ئي ريزڪي موڪل جي درخواست ڏني، جا پرنسپال صاحب چپ چاپ ۾ منظور ڪئي. .... ٻار وٺي سڌو ڳوٺ آيس، مرحوم خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر او.بي.اي جاگيردار سان اچي ملاقات ڪيم، جئن سڀ ڪنهن موڪل جي موقعي تي اچي ڪندو هوس. مير صاحب سان انهي شرانگيزي جو احوال ڪيم، جا منهنجي خلاف ڪاليج ۾ کڙي ٿي هئي. مير صاحب بختاور ...... کل مکائي سان فرمايو ته “ماستر! مون ته اهي واٽون پئي ڳوليون، ته شل جلد خير سان نوڪري کان آجو ٿي ڳوٺ ۾ اچي رهين. تون نوڪري جو ڪو به فڪر نه ڪر، انهي ڳالھه کي انشاءَالله تعاليٰ پهچي وينداسون، پر هينئر هڪدم فرلو موڪل جي درخواست ڏياري موڪل ته هت پنهنجي ڳوٺ ۾ انگريزي اسڪول کوليون. پنهنجي گهر جو سامان سڙو وڃي حيدرآباد مان کڻي اچ.” مون ذري ساعت ماٺ ۾ رهي پوءِ عرض ڪيو ته “حاضر سائين! جيئن اوهان جي مرضي هوندي، تئن ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.”
مير صاحب بروقت مَس قلم ۽ اڇو پنو اندران بنگلي مان گهرائي ورتو ۽ فرمايائين ته “فرلو موڪل جي درخواست لک”. ان وقت درخواست جا ٻه فرد تيار ڪيم .... درخواست ۾ جيڪي جڙتو خانگي سخت ضرورتون ڏيکاريون هيم، سي پڙهي مير صاحب مرحوم ڏاڍو کليو ۽ خوش ٿيو. لفافا مير صاحب وٽ ميز جي خاني ۾ موجود هئا، بر وقت درخواستون لفافن ۾ بند ٿيون، ائڊريسون لکيون، ٻئي لفافا مير صاحب پنهنجي نوڪر کي پوسٽ رجسٽر ڪري اچڻ لاءِ ڏنا. مير صاحب ان وقت پنجاھ رپيا مونکي ڏنا ۽ چيائين ته “حيدرآباد مان وڃي پنهنجي گهر جو سامان کڻي اچ.”
ٻه ٽي ڏينهن ڳوٺ ترسي حيدرآباد آيس. اتي ڪن مهربانن جي وسيلي احوال معلوم ڪيم ته منهنجي بدلي ٽريننگ ڪاليج مان ڪري، ڳوٺ ٻهارا جي لوڪل بورڊ سنڌي اسڪول ۾ هيڊ ماستر جي حيثيت ۾ ڪئي وئي آهي.... اها ساري حقيقت ڪاليج ۾ نوڪري ڪندڙن ڪن سڄڻن کان معلوم ڪري پنهنجي گهر جو سامان ٻيڙي ۾ چاڙهي اچي ڳوٺان نڪتس.
جيستائين آئون حيدرآباد مان پنهنجا ٽپڙ ٽاڙي کڻائي آيس، تيستائين مرحوم خانبهادر مير صاحب، منهنجي پاڙي ۾ اسڪول لاءِ هڪڙي جاءِ مسواڙ تي ڪري ڇڏي ۽ چار پنج ڪاٺ جا نوان بئنچ به واڍن کان ٺهرائي ڇڏيا. ميزون ۽ ڪرسيون ته مير صاحب جي بنگلي ۾ اڳ ئي موجود هيون.
حيدرآباد مان موٽڻ شرط مسواڙ ڪيل جاءِ، بئنچ، هڪ ميز ۽ ٻه ڪرسيون مير صاحب منهنجي حوالي ڪيون. اسڪول ۾ پاڻي موجود رکڻ لاءِ مٽ، دلا، ڪرا ۽ ڪاغذ پٽ خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڏنائين ۽ فرمايائين ته هاڻي شاگرد هٿ ڪر ۽ بسم الله ڪري اسڪول چالو ڪر. شهر جي ماڻهن کي ته اعتبار ئي نه پيو اچي، ته ٽندي باگي ۾ ڪو انگريزي اسڪول هلي سگهندو. انهي ڪري اُٺ ڀاڙي ڪري ٽنڊي باگي کان ڏھ ميل پري ٿهي ڳوٺ ۾ ويس، جتي وڏو رجسٽرڊ مڪتب سجهندو هوم. اتي ميان محمد حسن خان لغاري، جو هلڪو زميندار به هو ۽ هڪڙو وڏو مڪتب پاڻ ۽ سندس وڏا شاگرد هلائيندا هئا ۽ سرڪار مان مڪتب لاءِ چڱي گرانٽ ملندي هيس. ميان محمد حسن خان سان ڪجھه واقفيت اڳ به هئي، ان سان گڏ خانبهادر مير صاحب جي ارادي جو احوال ڪيم، هو علم وارو ۽ سمجهو انسان هو، سو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي چيائين ته هن مڪتب ۾ هيترا شاگرد ويٺل آهن، تن جو امتحان وٺي جيڪي به ڇوڪرا پسند اچنو سي وڃي اسڪول ۾ داخل ڪريو. مون امتحان وٺي في الحال پنج ڇوڪرا پسند ڪيا. اهي پنج شاگرد ساڻ ڪري مون تاريخ هڪ جنوري سن 1920 تي اسڪول اچي کوليو.
خانبهادر مير صاحب انهن ڇوڪرن جي انگريزي پهرين درجي جي ڪتاب گهرائڻ جو حڪم ڏنو. هفتي جي اندر حيدرآباد مان ڪتابن جي جي وي- پي اچي نڪتي جنهن جا پئسا مير صاحب بر وقت ڏنا. اهي شاگرد منهنجي اوطاق ۾ رهندا سهڙندا هئا ۽ سندن ماني ٽڪي منهنجي گهر ۾ رجهندي پچندي هئي. پوءِ ته جيئن وقت گذرندو ويو تيئن شهر جا هندو خواه مسلمان ڇوڪرا به اسڪول ۾ داخل ٿيندا رهيا ۽ ٻهراڙي جي اسڪولن ۽ مڪتبن مان به ڇوڪرا ايندا رهيا. جڏهن پندرهن سورهن پرديسي ڇوڪرا اچي گڏ ٿيا، تڏهن مير صاحب اسڪول جي ڀرسان هڪڙي ٻي وڏي جاءِ به بورڊنگ هائوس لاءِ مسواڙ تي وٺي ڏني ۽ هڪڙو پگهاردار بورچي رکي ڏنائين ۽ بورڊنگ جي سيڌي سامان لاءِ مودي رکي ڏنائين. بورڊنگ هائوس جي روزمره جو خرچ باقاعده لکبو هو. سڀ ڪنهن مهيني جي پهرين تاريخ مير صاحب جي اڳيان حاضر ڪبو هو ۽ وري ٻي مهيني جو خرچ هلائڻ شروع ڪبو هو.
مرحوم خانبهادر مير صاحب جو وقت به وقت اهو ئي چوڻ هوندو هو ته “خرچ منهنجو محنت ۽ ايمانداري تنهنجي، ڪڏهن به دل سست نه ڪج.!!”
سال 1921ع جي شروع ۾ اسڪول ۾ چاليھه کن شاگرد ٿي ويا، جنهن مان ڏهاڪو کن شهر جا باقي سڀ ٻاهر جا شاگرد هئا.
مارچ 1921ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مسٽر ريو صاحب گشت ڪندي ٽنڊي باگي ۾ منزل انداز ٿيڻو هو. مير صاحب اڳواٽ مون کي گهرائي پنهنجي راءِ ڏني ته “ڪمشنر صاحب کي وٺي اچي اسڪول ڏيکارجي ۽ اسڪول جي مستقبل بابت ٻه ٽي ڳالهيون عرض رکي کانئس انهن جي برثوابي لاءِ مدد گهرڻ گهرجي.” مونکي مير صاحب جي اها راءِ تمام پسند آئي. مير صاحب بر وقت ڪجھه پئسا ڏنا ته اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس کي دهلي دروازن سان سينگاري تيار ڪر. مون اها سرانجامي ڪئي، ڪمشنر صاحب هڪڙي ڏينهن ٽنڊي باگي ۾ آيو ته ٻئي ڏينهن صبح جو مير صاحب کيس پاڻ سان اسڪول ۾ وٺي آيو. ڪمشنر صاحب سنڌي ٻولي به سمجهندو ۽ ڳالهائيندو هو. اسڪول ۾ سادي لباس وارا ٻهراڙي جا ڇوڪرا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ٻئي درجي وارن ڪن شاگردن کان انگريزي ۾ سليس سوال ڪيائين، انهن سوالن جا درست جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. مير صاحب جي عرض ڪرڻ تي بورڊنگ هائوس هلي ڏٺائين. وري اسڪول ۾ اچي ڇوڪرن جي حاضري جو رجسٽر ڏٺائين جو شروعات کان وٺي اڇن پنن جو ٺاهي ليڪي ڪم آندو ويو هو. حاضري جو رجسٽر ڏسي وري اسڪول بورڊنگ هائوس ۾ خرچ جي داخلا وارا ڪتاب ۽ ووچر گھريائين جي باقائدي لکيل هئا ۽ پيش ڪيا ويا. وري وزيٽرس بڪ گهريائين جو پڻ اڇن پنن جو ٺهيل پڪي جلد سان موجود هو. پوءِ ان وزيٽرس بڪ جا ٻه صفحا ڀريائين. ان ريمارڪ ۾ خانبهادر مير صاحب جي دريا دلي جي نهايت عمدن لفظن ۾ تعريف ڪيائين ۽ لاڙ جهڙي ڏتڙيل ملڪ ۾ ههڙي بندوبست ۽ انتظام سان انگريزي اسڪول چالو ٿيڻ تي نهايت گهڻي خوشي ظاهر ڪيائين. مير صاحب اسڪول جي مستقبل بابت جيڪي مکيه ٽي ضرورتون پيش ڪيون هيس، تن جي تمام زوردار لفظن ۾ پٺڀرائي ڪيائين.
اهي ٽي صورتون هي هيون.
(1) اسڪول رجسٽرڊ ٿئي.
(2) ماستر محمد صديق گورنمينٽ سرونٽ آهي، ان جي سروس باقائدي سان اسڪول لاءِ مون کي لينٽ تي ملي ۽
(3) آئون خاصي رقم تعليم کاتي ۾ اينڊومينٽ طور رکان. ان اينڊومينٽ (ڌراوت) جي وياج مان ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب اسڪول بورڊنگ هائوس جو خرچ هلائي.
ڪمشنر صاحب وزيٽرس بڪ تي ريمارڪ لکڻ، ۽ مير صاحب جا گهرايل مٺائي جا پڙا پنهنجي هٿ سان شاگردن کي ورهائي ڏيڻ ۽ باقي پڙا منهنجي حوالي ڪري، خير سان بنگلي ڏانهن روانو ٿيو.
ٻي ڏينهن، خانبهادر مير صاحب مون کي پاڻ سان ڪري وزيٽرس بڪ کڻائي ڪراچي هليو. سال 1921ع جي پڇاڙي ڌاري ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جو پرنسپل اسسٽنٽ مسٽر نورالدين نانا صاحب مقرر ٿي آيو جنهن منهنجي برخلاف ديوان پريمچند صاحب پرنسپال واري رپورٽ پٺيان منهنجي بدلي رد ڪرائي وري ساڳي جاءِ تي، ساڳئي پگهار ۽ حقن سان ٽريننگ ڪاليج ۾ مقرري جو حڪم ڏياري موڪليائين، مرحوم خانبهادر مير صاحب مونکي ٽريننگ ڪاليج ۾ وڃڻ نه ڇڏيو مٿي بيان ڪيل ڪمشنر صاحب جا ريمارڪ کڻي خانبهادر مير صاحب سان گڏجي جڏهن ڪراچي ويس، تڏهن مير صاحب انگريزي ۾ هڪڙي وڏي درخواست ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب جي نالي ٽائپ ڪرائي ۽ ڪمشنر صاحب وارو ريمارڪ به ٽائپ ڪرائي درخواست سان شامل ڪيائين. درخواست ۾ خاص طرح ٽن ڳالهين تي زور رکيائين.
(1) اسڪول رجسٽر ٿئي.
(2) مسافر جي سروس باقائدي روءِ اڌاري ملي ۽
(3) انڊومينٽ سرڪار پاڻ وٽ رکي ۽ ان جي وياج مان ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ هلائي.
اها درخواست مير صاحب ۽ آئون ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب جي آفيس ۾ کڻي وياسين. ڪراچي کان موٽي اچڻ کان پوءِ جلد ئي حيدرآباد ضلع جي ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب پنهنجو اسسٽنٽ ٽنڊي باگي موڪليو، جنهن نئين جاري ٿيل اسڪول جي شاگردن جو امتحان دستور موجب اچي ورتو. اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو رڪارڊ نظر مان ڪڍيائين ۽ آئنده لاءِ سڀ رڪارڊ ڇاپي فارمن ۾ رکڻ لاءِ صلاح ڏنائين. وزيٽرس بڪ تي تمام سٺو رمارڪ لکيائين. جلد ئي اسڪول رجسٽرڊ ٿي چڪڻ جو آرڊر خانبهادر مير صاحب کي اچي پهتو.
مير صاحب ڇوڪرن جي حاضري جو رجسٽر، وزيٽرس بڪ، آمدني ۽ روانگي رجسٽر، روزنامچو، رسيد بڪ، فارم وغيره حيدرآباد جي پريس مان ڇپرائي منهنجي حوالي ڪيا، جن تي داخلائون شروع ڪيون ويون.
جولاءِ 1921ع ۾ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب کان ٻيو آرڊر مير صاحب کي پهتو ته “محمد صديق جي سروس توهان کي لينٽ (اڌاري ڪري) ڏجي ٿي. جنهن جي پگهار (ستر رپيا ماهوار) نان ٽريننگ ڪاليج مان فرلو موڪل تي لٿل آهي، سو ماهوار پگهار ان کي ڏيندا رهجو ۽ پنج رپيا ساليانو اضافو سال سال ڏيندا رهجو ۽ ان جو پنشن فند توهان کان وقت بو وقت ورتو ويندو.”
مٿين آرڊر اچڻ کان پوءِ خانبهادر مير صاحب هڪ لک رپيا، جي جنگي قرض طور سال 1941ع واري عالمگير جنگ وقت سرڪار کي ڏنا هئا ۽ اڄ تائين موٽائي نه ورتا هئائين، سي وياج سميت ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر کي ڏياريا ۽ ٻي رقم به ترت ڏيڻ جو واعدو ڪيائين ۽ لکي موڪليائين ته انڊوومينٽ (ڌراوت) سان ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ هلائي. جيڪا سرڪاري گرانٽ ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ گرانٽ اسڪول کي سال به سال ملڻي هجي سا به انهي دراوت ۾ شامل ٿيندي رهي.
انهي انتظام ٿي رهڻ کانپوءِ سال 1922ع جي شروع ۾ خانبهادر مير صاحب اسڪول جي نئين بلڊنگ ٺهرائڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ اڄ تائين اهو اسڪول گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي صورت ۾ هلندو رهي ٿو.
سال 1923ع ۾ موجوده بلڊنگ جو خاص ڀاڱو يعني پنج ڪلاس روم، هڪ هيڊ ماستر جي آفيس، ماسٽرس روم، بورڊنگ هائوس جي اتر طرف واري لائين ۽ بورچي خانو، ڊائننگ روم، پرديسي ماسترن جي رهڻ لاءِ ڪواٽر ۽ جامع مسجد تيار ٿي چڪي هئي.
خانبهادر مير صاحب اسڪول تي نالو رکيو “لارينس مدرسو” ۽ تيار ٿيل بورڊنگ هائوس تي نالو رکيو گبسن بورڊنگ هائوس.
جنوري 1924 ۾ مونکي مير صاحب حڪم ڏنو ته “اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس واريون مسواڙي جايون ڦٽيون ڪري، نئين تيار ٿيل بلڊنگ ۾ اچي اسڪول هلائي”. نئين بلڊنگ ۾ آفيس جو فرنيچر سڀ تيار ڪرايو ويو هو. بورڊنگ هائوس جا کٽولا به موجود رکيا ويا هئا. پوءِ جيئن شاگردن جو تعداد ۽ ماسترن جو تعداد ويو وڌندو، تيئن تيئن مير صاحب بلڊنگ ۾ ويو واڌارو ڪندو. تان جو بلڊنگ هاڻوڪي موجوده صورت ۾ قائم ٿي وئي.
نئين بلڊنگ جي جيڪا گرانٽ مير صاحب کي ملي، سا به اينڊومينٽ ۾ داخل ڪرايائين ۽ هڪ لک روپيا نقد ٻيا به ايڊيوڪيشنل انسپڪٽر صاحب کي روبرو ڪراچي ۾ ڏيئي، اينڊومينٽ فند جي ڪل موڙي اڍائي لک روپيا قائم ڪيائين.
اپريل 1924ع کان وٺي اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو سڀ خرچ هر مهيني ايجوڪيشنل انسپڪٽر صاحب کان برابر ملندو هو. امتحان به تعليم کاتي جا آفيسر اچي وٺندا هئا. جيڪي ڇوڪرا ٽيو درجو پاس ڪندا هئا تن مان غريب ۽ هوشيار شاگردن کي مير صاحب پنهنجي خرچ سان سنڌ مدرسه ڪراچي يا گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ موڪليندو هو. بورڊن جو جيڪو تعداد سال به سال ايجوڪيشنل صاحب ڪندو هو، تنهن کان جيڪڏهن ڪي وڌيڪ غريب شاگرد اچي سهڙندا هئا ته انهن جي ويسي مير صاحب پنهنجي هڙئون ڏيندو هو. ازانسواءِ غريب پرديسي شاگردن کي ڪتاب ۽ ڪپڙا به مير صاحب جي طرفان خيرات طور ملندا هئا.
سال 1925ع جي شروع ۾ مير صاحب اسڪول ۾ چوٿين درجي پاڙهڻ جي منظوري گهري، سا ملي. مگر ايجوڪيشنل انسپڪٽر زور رکيو ته، هاڻي اسڪول جو هيڊماستر ڪو گريجوئيٽ رکڻ ضروري آهي. مير صاحب منهنجي هيڊماستر قائم رکڻ لاءِ زور لاٿو، مگر ايجوڪيشنل انسپڪٽر نه مڃو ۽ هڪڙو گريجوئيٽ هيڊ ماستر ڏياري موڪليائين ۽ آئون فرسٽ اسسٽنٽ ۽ بورڊنگ هائوس مئنيجر رکيو ويس. جو اسڪول مون پنجن شاگردن سان ۽ پنجاھ روپيا ماهوار سان شروع ڪيو هو، تنهن ۾ منهنجي چارج ڏيڻ وقت ڏيڍ سئو شاگرد هئا ۽ ست ماستر ڪم ڪندڙ هئا. اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جو ماهوار خرچ يارنهن سو روپيا هو. فري بورڊ 72 هئا ۽ هر هڪ فري بورڊ جو ماهوار خرچ ڏهه روپيا ملندو هو.
ڪجھه وقت فرسٽ اسسٽنٽ طور گذاري پوءِ مير صاحب کان منٿون ۽ آزيون ڪري موڪل ورتم ۽ واپس گورنمنٽ سروس ۾ وڃڻ جي درخواست ڪيم جا قبول پئي. فيبروري 1927ع ۾ شڪارپور ۾ وڃي پنهنجي مقرري واري جاءِ تي حاضر ٿيس.