شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي.
سنڌ جي ٽالپرن جي تاريخ ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر جو پنهنجو هڪ الڳ منفرد سچائي وارو ڪردار آهي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هڪ تعليمي ادارو ۽ ان جي انتظام هلائڻ ۽ لاڙ پٽ جي خاص ڏکن ڏوجهرن پيچيدگين کي سمجهڻ وارو هي عظيم انسان خوبين ۽ خاصيتن جو ايشيائي ماڻهن ۾ يورپ جي سڌريل ماڻهن وانگر ائڊوانس سوچيندڙ، طبيعت ۾ استقلال ۽ برداشت جي مادي جو مالڪ، مزاج ۾ نهٺائي وارو نهايت ئي پنهنجي جوهر ۾ هڪ تحريڪ. اهو مير جنهن ان وقت جي ضرورت مطابق پنهنجو هڪ قومي فرض وارو اهم ڪم سرانجام ڏنو.
هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مور ساگر جوڻيجي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com