شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ مير

تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ مير

- غفار کوسو

ٽنڊوباگو ميرباگي ۽ سنڌ راڻي جي داستان، مشهور شاعر “خليفي نبي بخش لغاري” هاءِ اسڪول ٽنڊي باگي جي باني خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر ۽ اعلى تعليمي ماهر هن شهر ۽ علائقي جي شهرت، اهميت، سياسي ۽ سماجي حيثيت جي باري ۾ ڪجهه ٻيا به اهم واقعا آهن جن کي شمار ڪري سگهجي ٿو انهن مان هڪ اهم واقعو ٽنڊوباگو لڳ اڊوڙي ۾ خاڪسار تحريڪ جي ڪئمپ جو انعقاد هو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 20000 خاڪسارن شرڪت ڪئي هئي. سن 1938ع ۾ منعقد ٿيندڙ ۽ ٽي ڏينهن هلندڙ ان ڪئمپ ۾ خاڪسار تحريڪ جي باني علامه عنايت الله مشرقي پڻ شرڪت ڪئي هئي. هن ڪئمپ جو تفصيل رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي مشهور تصنيف “ڪيئي ڪتاب” ۾ ڏنو آهي، جنهن ۾ هو پاڻ هڪ خاڪسار جٿي جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو هو. ان کان علاوه ٻيو هڪ تاريخي اهميت وارو واقعو سن 1953ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ هاري ڪانفرنس جو انعقاد هو. ان ڪانفرنس جو ذڪر ڪامريڊ مير محمد ان ڪتاب ۾ اهو پڻ لکيو آهي ته سنڌ جي ٽالپرن ۾ واحد خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر هو جنهن تعليم لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ ٽنڊي باگي ۾ هڪ عاليشان اداري جو قيام عمل ۾ آندو. پاڻ شمس العلماءَ دائودپوٽي کي پڻ وظيفو ڏئي اعلى تعليم لاءِ پرڏيهه موڪليائون.
ٽنڊي باگي جي هاءِ اسڪول ۾ هزارين غريب توڙي امير شاگردن تعليم حاصل ڪئي. هڪ شاندار هاسٽل ٺهيل هئي، جنهن ۾ سڀ بنيادي سهولتون ميسر هيون. ڏورانهن علائقن کان غريب شاگرد ان هاسٽل ۾ اچي رهندا هئا. هاسٽل جو سمورو خرچ مير صاحب جي پئسن مان هلندو هو. آئون به پنهنجي زندگي جا پنج سال ڇهين کان ڏهين درجي تائين هاسٽل ۾ رهيس. آئون انهن پنجن سالن کي پنهنجي زندگي جو تمام وڏو اثاثو سمجهان ٿو. ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول ۾ گذاريل پنج سال منهنجي زندگي جو هڪ يادگار باب آهن. منهنجا محسن استاد ۽ منهنجا پيارا دوست اڄ به منهنجي ساهه ۾ سانڍيل آهن. آئون جڏهن يادگيرين جي ڪتاب جا ورق ورايان ٿو ته هاسٽل جي زندگي هڪ پيڙهه جو پٿر محسوس ٿئي ٿي جنهن ذريعي شاگردن جي ذهني واڌ ويجهه جي عمارت ٺهي تيار ٿيندي هئي. ان زندگي جي وڏي سکيا نظم و ضبط Discipline هو. چوويهه ڪلاڪن جو شيڊول ڪجهه هن طرح هوندو هو: جيئن ئي اسڪول جي موڪل کانپوءِ اسين پنهنجي ڪمرن تي پهچندا هئاسين ته ٻنهپهرن جي ماني لاءِ گهنٽي وڄندي هئي. ڊائننگ هال جي ڪشادي ۽ خوبصورت هال ۾ ساديون ۽ صاف سٿريون بينچون ۽ ميزون رکيل هونديون هيون . جست جي پليٽن ۽ وٽين ۾ هاسٽل جي مانيٽر جي نگراني ۾ کاڌو کائي سڀ شاگرد ڪمرن تي واپس ايندا هئاسين. ڪلاڪ کن آرام ڪرڻ کانپوءِ ٽيوشن جي گهنٽي وڄندي هئي. هر شاگرد ٻه ڪلاڪ خاموشي سان ويهي پڙهندو هو. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ٽيوشن جي خاتمي جي گهنٽي وڄندي هئي ۽ سڀ شاگرد پنهنجي پنهنجي دلچسپي ۽ شوق مطابق راند کيڏڻ ۽ ڏسڻ لاءِ هليا ويندا هئا. ڪرڪيٽ، فوٽ بال، والي بال، باسڪيٽ بال ۽ ٽيبل ٽينس وغيره. انهن راندين کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن درين راند، ٻيلهاڙي ۽ ملهه جا مقابلا پڻ ٿيندا هئا. هڪڙو ننڍڙو ٽي ـ وي هال پڻ هو جنهن ۾ شام جي وقت وڃي خبرون يا سنڌي ڊرامو ڏسندا هئاسين. رات جي ماني کانپوءِ ٻيهر ٽيوشن جي گهنٽي وڄندي هئي ۽ ٻن ڪلاڪن لاءِ سڀ شاگرد پڙهڻ ۽ ڪاپيون فيئر ڪرڻ کي لڳي ويندا هئا. ٽيوشن جي ان عرصي دوران هائوس ٽيچر اڪثر ڪمرن جي وزٽ ڪندا هئا. هفتي ۾ فقط هڪ ڏينهن ٻن ڪلاڪن لاءِ شهر وڃڻ جي جازت ملندي هئي. اسين ڪجهه دوست گڏجي شهر لاءِ نڪرندا هئاسين. اتي پنهنجي هم جماعت شاگرد دوستن سان ضرور ملندا هئاسين جيڪي شام جي وقت پنهنجن دڪانن تي ويهندا هئا. منهنجي دوست ليلارام وارن جو اسٽيشنري جو هڪ ننڍو دڪان هو. منور کٽي وارن جو ڪپڙي جو دڪان هو. راڌا ڪرشن ۽ مرحوم جهامنداس وارن جا ريزڪي دڪان هئا. ڪڏهن وري اسين کڏهري وارو رستو وٺي پنڌ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا هئاسين جتي ڳوٺاڻي زندگي، ٻنيون ٻارا، ڪمند سان ڀريل بيل گاڏيون، اُٺن، ٻڪرين ۽ مينهُن جا ڌڻ، ڏسندا هئاسين. ان رستي تي شهر جي ويجهو ئي ڪولهين جو هڪ ڳوٺ اوڪلو ڪولهي آهي، ان ڳوٺ ۾ اسان جو هڪ هم جماعت دوست ڪيولرام رهندو هو. ان ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت ڪچي هئي ۽ ڳوٺ جي وچ ۾ ٺهيل هڪ ننڍڙو مندر پري کان نظر ايندو هو. 2011ع واري ٻوڏ کانپوءِ آئون ان ڳوٺ ۾ ويس ته مونکي گهڻو افسوس ٿيو ڇاڪاڻ ته ان ڳوٺ جي غربت ۾ تمام گهڻو اضافو نظرآيو. انساني آبادي گهڻي وڌي وئي هئي پر اسڪول جي عمارت اها ئي ڪچي هڪ جهوپڙي تي مشتمل هئي. ڪڏهن ڪڏهن اسين وري باگي واهه جو ڏاکڻيون ڪنارو وٺي وڃي قدرت جا نظارا ڏسندا هئاسين. تِن ڏينهن ۾ واهه جي ڪناري تي ٻٻرن، ٽالهي ۽ سرهيل جا وڏا وڏا وڻ هوندا هئا.
ٽنڊي باگي اسڪول جي يادگيرين جي جو سڀ کان اهم حوالو منهنجا اهي محسن استاد آهن جيڪي مائٽن جهڙا مهربان هئا. انهن مان ڪجهه راهه رباني وٺي روانا ٿي چڪا آهن، الله پروردگار کين جنت نصيب ڪري. جيڪي حال حيات آهن الله پاڪ انهن جي عمر دراز ڪري ۽ کين صحت عطا فرمائي. ڪيترائي استاد هئا جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ هئا. مرحوم سائين قمرالدين قاضي صاحب، سائين علي بخش لغاري صاحب، محترم سائين بخش ٽالپر صاحب، سائين خدا بخش ٽالپر صاحب، محترم سائين نٿو مل مورواڻي صاحب، سائين سليمان ٽالپر صاحب، سائين محمد پريل انصاري صاحب، سائين بهاول زئور صاحب، سائين محمد ياسين جتوئي صاحب، سائين يار محمد خاصخيلي صاحب، سائين محمد صالح قمبراڻي صاحب، سائين الهڏنو عباسي صاحب ۽ سائين محمد اسماعيل ميمڻ صاحب وغيره. اهي محترم استاد جن اسان کي پڙهايو، سڀ سون ۾ تورڻ جهڙا هئا. سائين نٿو مل مورواڻي صاحب جي باري ۾ مون هڪ مضمون اڳي لکيو آهي. ٻين محترم استادن جي شخصيتن بابت آئنده ضرور لکبو. هتي آئون منهنجن ٻن استادن جي باري ۾ چند الفاظ لکندس. انهن مان هڪ مرحوم سائين سليمان عرف “مير محبوب” ٽالپر صاحب هئا. پاڻ ستين درجي ۾ اسان جا ڪلاس ٽيچر هئا. ان کان علاوه اسان کي سماجي اڀياس، حساب ۽ سنڌي پڻ پڙهايائون. ڏاڍي محنت ڪندا هئا ۽ وڏي شوق سان پڙهائيندا هئا. سزا جي ڳالهه پري رهي پر ڪڏهن ڪؤڙو به ڪونه ڳالهائيندا هئا. فري پيرڊ ۾ اچي عالمي جنگين ۽ ٻين تاريخي واقعن بابت ڪهاڻين جي انداز ۾ تفصيل ٻڌائيندا هئا. سندن ساڄو هٿ ڪنهن سبب جي ڪري ڪم ڇڏي ويو هو. پاڻ کاٻي هٿ سان لکڻ جي هير وڌائون. موتين جهڙا سهڻا اکر لکندا هئا.
ٻيو ذڪر آئون مرحوم سائين الهڏني عباسي صاحب جو ڪرڻ چاهيندس. کين انگريزي ٻولي سان جنون جي حد تائين چاهه هو. نائين ۽ ڏهين درجي ۾ اسان جا ڪلاس ٽيچر هئا. اٺين درجي ۾ به انگريزي گرامر پڙهائيندا هئا. سندن شخصيت رعبدار هئي. ڪنهن وقت ڏاڍي عجيب مرڪ سندن چپن تي ايندي هئي. ان مرڪ جي ذريعي هو ڪنهن شاگرد کي پنهنجي غلطي جو احساس ڏياريندا هئا. پاڻ 32 سال درس تدريس جو فرض انجام ڏنائون. پنجن ٻولين ۾ دنيا جي پهرين ڊڪشنري لکي اٿن جيڪا اڃان تائين اڻڇپيل آهي. انگريزي گرامر جو هڪ .... ڪتاب لکيائون جنهن جو فقط هڪ باب ڪتابي صورت ۾ ٻه دفعا شايع ٿيو آهي. ان ڪتاب جو نالو Learning English grammer, 23 tenses آهي. پاڻ انگريزي زبان جي وسيع مطالعي ۽ سيکارڻ جي تجربي جي بنياد تي انگريزي زبان جي مروج ٻارهن زمانن کان علاوه ٻيا به مزيد يارهن زمان گڏ ڪري جملي جملي ٽيويهه زمان قاعدن، مثالي جملن، گردان، جوابي، سوالي، هاڪاري ۽ ناڪاري جملن ذريعي سمجهاڻي ڏني اٿن. سائين الهڏني عباسي جهڙا جفاڪش، پنهنجي پيشي سان سچا استاد هن دؤر ۾ تمام گهٽ آهن. سائين الهڏني عباسي سان آخري ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات 2009ع ۾ ٿي. ان ملاقات ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ سائين مونکي ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به ٻڌايون جن مان چٽي طرح سرڪاري ادارن ۽ سياستدانن جي بي حسي جو اظهار ٿي ٿيو. پاڻ ٻڌايائون ته ڪيترا ڀيرا هو پنجن ٻولين واري ڊڪشنري جي ڇپائي لاءِ مختلف با اختيار ادارن ۽ فردن سان وڃي مليا پر هر هنڌان کين مايوسي ئي ملي. هڪڙي بااختيار اداري جي اعلى شخصيت ته کين اهو به چيو ته توهان هڪ لک روپيه وٺي ڊڪشنري جي مالڪاڻه حقن ۽ ليکڪ واري دعوى تان هٿ کڻي وڃو. آخري وقت تائين سندن اها خواهش هئي ته ڪنهن طرح سندن ڊڪشنري ڇپجي پر اُن آس کي سيني ۾ سانڍي پاڻ وڃي مٽي ماءُ حوالي ٿيا. پاڻ بيشڪ هڪ اعلى درجي جا فرض شناس استاد، تعليمي ماهر ۽ منتظم هئا. اهڙا استاد معاشري کي گهڻو ڪجهه ڏين ٿا، معاشرو موٽ ۾ کين ڇا ٿو ڏي اهو به هڪ اهم سوال آهي.
مون زندگي ۾ ٿورو گهڻو جيڪو به لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ سکيو ان جي شروعات ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول کان ٿي. مونکي اهو پهريون ڏينهن ياد آهي جڏهن آئون ستين ڪلاس ۾ هئس. خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي ورسي ۾ ٿيندڙ تقريري مقابلي ۾ مون کي پهريون انعام مليو هو. انعام ۾ 50 روپيه، ٻه نوٽ بڪ، ڪپڙن جو هڪ وڳو ۽ هڪ توليو شامل هئا. مرحوم مير شاهه صدارت پي ڪئي. سندن هٿان مون اهو انعام وصول ڪيو. ڪيترا ڏينهن خوشي ۾ نٿي ماپيس، مون پهريون مضمون ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول ۾ ئي لکيو. سائين محمد پريل انصاري اسان جو سنڌي جو استاد هو. پاڻ اسان کي هڪ ڏينهن موضوع ڏنائون “صبح جو سويري باغ جو سير” ۽ چيائون ته ٻي ڏينهن انهي موضوع تي مضمون لکي کڻي اچو. ٻي ڏينهن آئون عادت موجب فجر مهل اٿيس. مسجد ۾ وضو ڪري اذان ڏيڻ واري ڌڪي تي چڙهي اذان ڏنم (تن ڏينهن ۾ اذان اڪثر آئون ئي ڏيندو هئس). واپس ڪمري تي اچي ڪاپي ۽ قلم کڻي اسڪول واري باغيچي ۾ ويس. خاموش فضا هئي. ٿڌي هوا پئي لڳي. نِمُن ۽ انبن جا ڪجهه وڻ ۽ گلن وارا ڪجهه ٻوٽا پوکيل هئا. باغيچي جي وچ تي هڪ ڦوهارو لڳل هو. باغيچي جو چڪر لڳائي اتي ئي ڇٻر تي ويهي مضمون لکيم، فيئر ڪري وڃي سائين کي ڏنم. سائين کي اهو مضمون تمام وڻيو ۽ منهنجي گهڻي همت افزائي ڪيائين. اهڙي طرح مون ۾ لکڻ لاءِ اعتماد پيدا ٿيو.
منهنجي لاءِ ٽنڊوباگو هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل جي يادگيري جو ٻيو هڪ اهم حوالو هي آهي ته ان عرصي ۾ آئون روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ طرف راغب ٿيس. 04 مارچ 1980ع جو سج نئين روشني جا اهي ڪرڻا کڻي آيو جن مدي خارج روايتي سوچن واري اونده انڌوڪار کي منهنجي ذهن تان مٽائڻ جي شروعات ڪئي. ان روشني سماج ۾ حاوي نفرت، حقارت، ظلم ۽ جبر خلاف انحراف ۽ انڪار جو حوصلو ڏنو. ان ڏينهن کانپوءِ تعليم ۽ تربيت جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، تنهن جي ذريعي اسين انفرادي سوچ جي تنگ گلي مان نڪري اجتماعي خوشي لاءِ جاکوڙ واري شاهراه تي اچي چڙهياسين. اهڙو ادب، ناول، ڪهاڻيون ۽ شاعري وغيره پڙهڻ جو موقعو مليو جنهن ذريعي سمجهه ملي ته دنيا جي سموري ترقي ۽ خوبصورتي بنيادي طور پورهيت ۽ هنرمند هٿن جي ذريعي ئي ٿي آهي ۽ اهو ته دنيا جو عوام ئي تهذيبن ۽ تاريخن جو اصل اڏيندڙ آهي. انهن ڪتابن مان اهو شعور مليو ته ڪڏهن به ڪنهن انسان سان رنگ، نسل، ذات پات، عقيدي، مذهب ۽ نظريي جو سهارو وٺي ٻي انسان کي ڪمتر ۽ حقير ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان نئين سوچ جي معرفت ئي ڀٽائي گهوٽ جي شاعري کي نئين انداز ۾ سمجهڻ ۽ پرکڻ جو گس مليو.
منهن منجهه خليل، اندر آذر آهين
سُڌ مَ ڪر صحت جي، اڃان تون عليل
نالو ناهي نفاق جو، جتي رب جليل
منهن ۾ ملسمان تون، قلب تان قليل
والي جي وصال ۾، دُوئي ناهي دليل
الا! عبداللطيف چئي، سچو رکائج سيل