لاڙ جو سرواڻ مير
- سليمان ”امر“ سمون
انسان جي تخليق جو دارومدار به امتحان تي رکيل محسوس ٿئي ٿو. خالق ڪائنات انسان کي شرف صرف شعور وسيلي بخشيو آهي. صدين جي سيني هلندڙ آدم زادن پنهنجي پهچ ۽ ارادن آهر ڪڏهن انسان ذات لاءِ عظمتن جا گل اڀاريا آهن ته ڪڏهن وري ڪن حالتن تان هارجي يا پنهنجي نفس ۽ وجود کي پوڄيندي مخلوق لاءِ صرف سورن جا صليب سرجيا آهن. انيڪ آهون ٻڌڻ، موتين جهڙا لڙڪ ڏسڻ تي رهزني جو ڇانهون هيٺ راڙن جو راڄ پسڻ جا عادي رهيا آهن. هر ماڻهو جي من ۾ قدرت جي طرفان هڪ ماپو رکيل آهي، جنهن سان هو هر شيءِ ۽ هر احساس کي توريندو ۽ تڪيندو رهي ٿو. جنهن کي لفظن ۾ ضمير چيو وڃي ٿو. پوءِ اهو انهي خدا جي خليفي تي مبني آهي ته هو برائي ۽ بدي جي پيرن تي ٿو ڪري يا چڱائي جي چانئٺ چمي، حقيقي واٽ ٿو وٺي.
تاريخ جو چؤواٽن تي جيڪڏهن چنگيزيت جا سرن جا مينار جڙيل آهن ته ماڻهن جي سمنڊ ۾ ڪڏهن مسيحائي ۽ ماڻهپي جا پيرا به چٽا پيا آهن. اهي پيرا جن وجودن جا آهن تن پنهنجي تن ۽ من جي جنگ جيتي، زماني جي سسئيءَ جي پنڌ کي پنهنجن پيرن ۽ پنبڻين سان جهاڳيو آهي. ڊاهڻ ته آهي ئي سولو، پر ٺاهڻ لاءِ حالتن جي پل صراط اورانگهي، روايتين ۽ رواجن جي زهر کي امرت ڪري پي ۽ روح جي رت کي تيل ڪري ٻارڻو ٿو پوي. پوءِ اهو اڻانگو سفر انهن کاهوڙين لاءِ ايترو سولو ٿيو پوي جيترو سهڻي کي ميار سسان ملڻ. سڪ ۽ محبت جي منزل انسان کي عظمت تي معراج تي پهچايو ڇڏي. پر اهي جيڪي حقيقي منزل ۽ زندگي جو دڳ سوچي وٺن، سي آدم جي اولاد کي آڪاش تي قطب تاري وانگر نظر ايندا آهن ۽ ايندڙ نسلن جي ڇانئجندڙ اوڻهٽين اونداهيءَ ۾ به منزل ماڻڻ شرط ٿي پوندا آهن.
ڪيلاش جي وادي مان ڪرڻن وسيلي پگهرجندڙ برف، ڏيهن جا سفر ڪندي هاڪڙي، پراڻ، نيري ۽ سنڌوءَ جي صورت ۾ سمنڊ ۾ ڪري ٿي ته انهي کي الوداع ڪندڙ جوءِ کي “لاڙ” يا “پڇاڙ” سڏين. انهيءِ لاڙ جي گهميل هوائن ۽ ڪلراٺي زمين جي ميلاپ رڳو ڊڀ، ليون ۽ لاڻا ڪونه آپايا آهن، پر انهي مان اهڙا وهائو تارا به اڀريا آهن، جن پنهنجي سوچ، ڏانو ۽ ڏات سان پنهنجي تر ۽ شهر ته ٺهيو، پر ملڪن ۾ ماڻهپي جي مان کي مٿانهون ڪيو آهي. هن جوءِ ۾ سخاوت، فن ۽ فڪر ۽ شاعري ۽ شجاعت جا اهڙا رابيل به پوکيا آهن، جيڪي هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري سمي به سهڻا ۽ سرها پيا لڳن.
اهڙي ئي هڪ قطب تاري “سنڌ راڻي ۽ مير باگي” جي محبت جي ماڳ ۽ خاندان ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر 1876ع ۾ مير محمد خان جي گهر ۾ پهريون دفعو اکيون کوليون. ڪلراٺي ڀون تي بانبڙا پائي وڏو ٿيو. هو ته ماڻڪاڻي مير، پر سندس ڏاڏي مير ولي محمد خان ٽالپر جي جهوني ٿيڻ ڪري پوري جاگير انگريز سرڪار وٽ گروي ٿي وئي. تنهنڪري هن خوددار الله تعاليٰ جي طرفان ڏنل صلاحيتين تي ڀروسو رکندڙ مجاهد پيٽ گذارن لاءِ پوليس جهڙي پيشي کي به اختيار ڪيو پر ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندي سپاهي مان هيڊ ڪانسٽيبل ٿيڻ جي باوجود انهي کي خيرباد چئي اسٽامپ وينڊري ڪئي. شايد اهي هي لمحا هئا جڏهن هن جون اهي اکيون کليون جن اکين جي انيڪ آسروند اکين کي آس هئي. اهي وقت جون گهڙيون ۽ انهن ڏينهن جا اهي عربي سمنڊ ۾ وڃائجي ويندڙ سج جا گولا شاهد آهن ته لاڙ جي قسمت جي لڪير جي نئين تاريخ شروع ٿي. ميرن جي شجري جي پيشاني تي نه ڪيترن ئي جرنيلن ۽ جوانن جي قربانين جا قصا اڪريل آهن، پر هي مير صرف مير نه پر انسان ذات جي عظيم شجري جو اڻ مٽ ۽ چمڪندڙ نشان ٿي ويو.
بنيادي طرح هن پنهنجي جاگير قرض کڻي آجي ڪرائي. ڪوهن تي پکڙيل هزارين ايڪڙن جا هاري، ڪمي ۽ ڪاسبي سندس شفقت، عدل ۽ انصاف جا مريد ٿي ويا ۽ مير صاحب کي پنهنجو شفيق پيءِ سمجھڻ لڳا. پر هن جي من ۾ ڪجھه ٻيو هو. اهو ٻيو جيڪو انهن ايامن ۾ تصور ڪرڻ به بيوقوفي هئي. پر لاڙ جو هي دوارانديش سرواڻ شاھ سائين جو اهو کاهوڙي ڪردار ٿي ويو، جنهن لاءِ سک سمهڻ يا موٽڻ مهڻو هو ۽ هن جو اهو خيال عظيم هو، جيڪو انسان کي خدا جي طرفان ڏنل پهرين تحفي کان ويندي ابد تائين اهڙو ئي روشن ۽ لازمي رهندو، ۽ اهو هو علم.
ڪڏهن ڪڏهن ڪن ماڻهن جي هڪڙي به نظر لکين سالن تائين نهاريندڙ نگاهن کان به وڌيڪ طاقتور ۽ تکي هوندي آهي. هونئن ته مير صاحب قرآن پاڪ، عربي ۽ فارسي تائين پڙهيل هو ۽ پاڻ شاھ جي رسالي جو مطالعو ۽ اخبارون پڻ پڙهندا هئا پر مشاهدي جي اک جي آسري ۾ ماضي، حال ۽ متعين ڪيل مستقبل جا عڪس ايترا ته چٽا بيهي رهيا جو دنيا جي سڄي تاريخ، سياست، نفسيات ۽ نظريه نچوڙ بنجي سندس ڪردار جون ڪڙيون ٿي ويا.
انهن ڏينهن جي ڏنڀن ۽ زخمن تي جيڪر نظر وجھون ته لاڙ جا گگدام نما ماڻهو جن جي ذهن ۾ صرف ٻه ويلا کائي زندگي جي تپندڙ صحرا ۾ پيرين اگهاڙي پنڌ سان موت جي واديءَ ڏانهن سفر هو، جتي جڏهن ڪو ٻار ڄمندو هو ته سندس هٿ ۾ ريکائن ۾ ڪتن ڇڪڻ وارن رسن، ٻڪرين چارڻ واري لٺ، ٻير وڍڻ واري ڪهاڙي يا کرن ڀرڻ وارن ڏانٽن جي گاٺن جا نشان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. جتي جيڪڏهن حوا جي ڌي حامله ٿيندي هئي ته رپئي مان ٻارنهن آنا موت سان ملندي هئي. جيڪڏهن ڌنارن جي پيرن ۾ ڪو پراڻو ڪنڊو چڀندو هو يا گهاءُ چڪندو هو ته انهي جي انتها ناسور يا جهامري سان ٿيندي هئي. جتي انسانيت، بنيادي ضرورتون ۽ دنيا جي ترقي جو تصور گناھ ڳڻيو ويندو هو. انهي موت جهڙي مانڊاڻ ۾ ڪو مسيحا بنجي ڪو صدين جي زخمن تي پيار ۽ اتساھ جا پها رکي ۽ اهو به وري مير، اها اڻ ٿيڻي ڳالھه ليکبي هئي. پر اهو سنجيده سرواڻ ۽ حقيقي جرنيل هو، جنهن پنهنجي گهڙي گهڙي کي قرض سمجهي فرض نڀايو. ارادي جي ڪارونجهر انسانيت جي آواز سان ڪيترو نڀايو؟ اهو ته انهي دور جي ڪجھه بچيل ماڻهن جن اکين ڏٺو هو، کان معلوم ڪري سگھبو هو. پر چند منظر عام تي آيل مشاهدن ۾ هر ديني مدرسي ۽ مڪتب کي ساليانه خرچ ڏيڻ، لاڙ جي بيواهن ۽ يتيمن کي ماهانه وظيفا ڏيڻ، پهرين مهاڀاري جنگ لاءِ سرڪار کي هڪ لک روپيه مدد ڏيڻ، تپاولي جي موسم ۾ گشتي شفاخانه هلائڻ، خانبهادر جي لقب ۽ آنرري
مئجسٽريٽ جي اختيارن ملڻ سان رهزني جون پاڙون پٽڻ. پر سندس زندگي جو وڏو سپنو تڏهن ساڀيان ٿيو جڏهن آفريڪي نسل جي هڪ عظيم انسان، اديب ۽ شاعر شيدي محمد صديق “مسافر” جي مشوري سان 1920ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ انگريزي اسڪول جو بنياد پوي ٿو، جيڪو 1923ع سندس ئي پونجي مان ٺهرايل لارينس مدرسه ۽ گبسن هاسٽل ۾ تبديل ٿئي ٿو ، جتي تر جا ، سندس هارين جا ۽ پوري سنڌ ما ن ايندڙ ٻار انگريزي ٻولي اچارين ٿا.
انهي ئي سمي شهر ۽ ڀر پاسي ۾ نياڻن جا اسڪول کولي ٿو، غريب شاگردن کي ڪڏهن لاهور، ڪڏهن علي ڳڙھ ته ڪڏهن انگلينڊ موڪلي ٿو. انهي وقت جي ڏاڪي تي بيهي ٿورو تصور ڪجي ٿو ته سنڌ مدرسةالسلام ڪراچي جو پوزيشن هولڊر علامه عمر دائود پوٽو جڏهن کيسي ۾ ست نه ساري ۽ نماڻيون نگاهون کڻي پوري سنڌ جي سخي سردارن ڏانهن نهاري ٿو ته سندس دل صرف هن لاڙ جي ابي لاءِ گواهي ڏي ٿي ۽ هي مڻيادار مير خوش ٿي کيس ڪئمبرج موڪلي ٿو. مير بنده علي خان جي لياقت ۽ شوق جي ڪري کيس انگلستان ٿو موڪلي، جيتوڻيڪ مير بنده علي خان جي پيءِ جي لکين ايڪڙ زمين هئي. انهي وقت جا 3 لک ستاسي هزار رپيا “بينوولينٽ فنڊ” ۾ لکائي غريب شاگرن لاءِ مستقل خرچ جو بندوبست ٿو ڪري.
سندس ڪهڙي نه اڇي اُجري آشا هئي جو ڪنهن دفعي هاءِ اسڪول جي هيڊماستر کيس چيو ته، “مير صاحب توهان ايترو خرچ ڪري پڙهايو ٿا، پر توهان جي تر جا ڇوڪرا ٻه ٽي درجا پڙهي وري وڃن ٿا هر ڪاهين.” تنهن تي سندس لفظ آهن، “سومرا صاحب، توهان منهنجي خيرات جي مقصد کي سمجهي نه سگهيا آهيو. منهنجي اها ئي آس آهي ته لاڙ جا ماڻهو جيڪڏهن هر به هڪلين ته به کين ايتري انگريزي ايندڙ هجي ته ڳاڙهين پٽڪين وارن آفيسرن کي ٻه ٽي تکا جملا انگريزي ۾ چئي ڪڍن ته پنهنجي محنت سان ڀائيندس.”
هن ئي سخي مرد جي اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ محنت سان اڄ لاڙ ۽ سنڌ جا هزارين خاندان جهالت جي اونهن کوهن مان نڪري روشني جي افق تي بيٺا آهن. هن مجاهد مير انهي اونداهي ۾ روشني جو اهڙو مينار کڙو ڪيو، جڏهن هڪ تيلي ٻارڻ به هڪ مشڪل ڪم هو. اهو ئي ساڳيو هاءِ اسڪول 70 سال گذرڻ کان پوءِ صرف هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ماڻي سگهيو آهي. اها ڪوتاهي يا ڪم ظرفي نه آهي؟ وفا فروشي ۽ ويساھ گهاتي نه آهي؟ اهو فيصلو هر ڪو پنهنجي اندر جي عدالت ۾ ڪري. پر هڪ سوچ وري به لڇي ٿي ته هي مير حلال جي ڪمائي مان جوڙايل علم جو آبشار انهن سڀني کان اڳ بهترين يونيورسٽي ٿيڻ جو حقدار هو، جيڪي پن جي پئسن مان ٺهيا هئا.
اهو به فيصلو ڪريون ته انهي قطب تاري جي سهاري اسان پنهنجي دڳ تي پهتا آهيون پر انسانيت جي منزل به ماڻي اٿئون يا نه؟ مير صاحب جو روحاني اولاد سڏائڻ جو حقدار به آهيون به يا نه؟ جڏهن ته چئن شادين جي باوجود به کيس اولاد نه هجڻ واري سوال تي اسڪول جي شاگردن ڏانهن سرهائي ۽ عجيب اميد سان نهاري چوندو هو ته:
“هي منهنجو اولاد آهي.”