لاڙ جي ڀنل شامن ۾ ها، سانجهين ۾،
سورج ڪمار لوهاڻو
لاڙ جي ڀنل شامن ۾ ها، سانجهين ۾،
هڪڙي مرد مانجهيءَ جي ڳالھه پئي هلي،
هن علم جي جوت جاڳائي واٽ ڏني،
هو مهندار هو اڄ مرڪ مانجهين ۾،
هو اجاري ويو ايوان علم سان،
تنهن مير مهندار جي ڇا ڳالھه ڪجي،
هو عظمتن جو سراپا مجسمو هو،
هن جي ڪردار جي ڇا ڳالھه ڪجي.