شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

لاڙ جو ابو خانبهادر

لاڙ جو ابو خانبهادر

- ڊاڪٽر دوست محمد چانڊيو

لاڙ جنهن بابت اها راءِ آهي ته هتي سومرن جي دور دليري کان وٺي مدد خان جي ڏاڍ مڙسي تائين مزاحمتي به رهي آهي ته مفاهمتي به رهي آهي. لاڙ جي محبتن سان ثبوت سنڌ جي سرموڙ شاعر ڀٽائي گھوٽ جي آستانن جا ثبوت بڙ جي ڍوري ۽ لنواري شريف، وهڻائي شريف لڳ ڏاتو فقيرجي کاڻ ۽ اوليا خانشاھ وٽان ملن ٿا ته لطيف سائين هتي اچي محبتن جو مشاهدو ڪيو ان وقت هتي اهل علم ۽ اهل قلم موجود هئا. ان وقت کان وٺي هيستائين اهڙين عظيم هستين مان ٽنڊي باگي جو ڄائو خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر به هو 1876ع ۾ ماڻڪاڻي ميرن جي قبيلي جي ميرمحمد خان جي گھر ۾ غلام محمد خان اک کولي، ان وقت سندن گھرجو وڏو مير محمد خان ٽالپر جو والد صاحب مير ولي محمد خان ٽالپر هو، جنهن جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هو هٿ جو تمام سخي مرد هو سندس اوطاق هجڻ سان گڏ وڏو مهمان نواز ماڻهو هو، انهي خرچن ۾ سندس زمين مئينجر وٽ گروي ٿي ويئي. 1893ع ۾ مير ولي محمد خان ٽالپر وفات ڪري ويو. 1909ع کانپوءِ غلام محمد ٽالپر جي لاءِ ڏک ڀريو وقت آيو هو ڇو ته مير محمد خان ٽالپر جي ڄايل اولاد ۾ 20 ٻار ن ۾ صرف هڪ ئي ٻار هو باقي ڀائر ۽ ڀينرون ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويا هئا جنهن ڪري غلام محمد ٽالپرمائٽن جودادلو پٽ هو ۽ دادلي ٻارکي ڏکيا ڏينهن اچن ته اندازو لڳائي سگھجي ٿوته هن تان ڇا گذري هوندي؟ انهي حالتن کي مير غلام محمد خان مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏنو ۽ جاگيردار خاندان جي فرد پوليس ۾ ڀرتي ٿي هڪ سپاهي جي نوڪري ڪئي، جيڪا سندس مزاج جي ابتڙ هئي، انهي ڪري هن استعيفى ڏئي ڇڏي ۽ مير صاحب اسٽئمپ وينڊر جو ڪم ڪري گھر جو گاڏو هلايو. انهي کان اڳ ميرغلامحمد خان هاري ٿي هر به هلايو ۽ پورهئي کان ڪابه عار نه محسوس نه ڪئي. محنت ۾ عظمت سمجھي. انهي دوران کيس امير مان غريب ٿيڻ جو احساس به دل ۾ آيو جنهن ڪري هن جي دل ۾ اهو احساس اڳيان هلي غريبن جي مدد ڪرڻ جو سبب ٿيو. انهي دوران سندس مائٽاڻي جاگير به آجي ٿي ويئي. اهڙي ريت مير صاحب هڪ دفعو وري غريبي مان اميراڻي دور ۾ اچي ويو پرسندس دل غريبن جي مدد لاءِ وقف ٿي وئي. جڏهن ٻي مهاڀاري جنگ لڳي ته ان وقت جي حڪومت هند کي مير صاحب هڪ لک قرض طور ڏنا جنهن جي ڪري حڪومت کيس خان صاحب جو لقب ڏنو. 1920ع ۾ مير صاحب کي دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه غريب ٻارن لاءِ ڪو اسڪول کولجي ۽ انهي دور ۾ سنڌ ۾ صرف نوشهروفيروز ۾ سيد الهندي شاھ جو اسڪول ۽ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة السلام کانپوءِ ڪوبه انهي طرز جواسڪول نه هلندڙ هو. شروعاتي ڏينهن ۾ تعليم لاءِ ميمڻ محلي ۾ مير صاحب پنهنجي خرچ تي اسڪول کوليو جنهن ۾ 5 شاگردن کي تعليم ڏني پئي وئي جنهن کان پوءِ شاگردن جي تعداد وڌڻ جي ڪري ۽ سندن رهائش لاءِ موجوده اسڪول واري جاءِ تي اسڪول ٺهرايو ويو. اسڪول جو پهريون استاد محمد صديق مسافر هو. 1923ع ۾ اسڪول جي لاءِ بورڊنگ هائوس ٺاهيو ويو ۽ اسڪول جي بورڊنگ هائوس لاءِ مير صاحب طرفان ان وقت ٽي لک ستاسي هزار 387000 روپيه بئنڪ ۾ رکيا ويا ته ان مان ملندڙ منافعي تي اسڪولي شاگردن کي کاڌ خوراڪ ڏني وڃي ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن کي وظيفو به ڏنو وڃي. جنهن ٽائيم ميرصاحب شاگردن لاءِ اها رقم ڏني هئي ته ان وقت سون جو تولو 10ڏھ روپيا هو. هو بئنڪ آفيسر جي چوڻ موجب ته انهي حساب سان اها رقم اڄ جي رقم 80 اسي ڪروڙ روپين کان مٿي آهي. هي ميرصاحب جي دل هئي جنهن تعليم لاءِ ايڏي وڏي رقم سان گڏ پنهنجي جاگير مان اسڪول لاءِ زمين به ڏني جيڪا هن وقت به 20 ويهارو ايڪڙن کان مٿي جي ايراضي تي آهي ۽ ٿلهي ليکي اها زمين هينئر جي حساب سان کربين روپين جو پلاٽ آهي پر اها زمين اڃا تائين اسڪول جي ملڪيت آهي. جنهن وقت هند ۽ سنڌ ۾ پنهنجي محبوبائن جي ياد ۾ يادگار اڏيا پئي ويا اهڙي طرح هن مرد مجاهد غريبن جي تعليم لاءِ يادگار طور اڳوڻي لارنيس مدرسه ۽ هاڻوڪو خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر هائيرسيڪنڊري اسڪول اڏي پنهنجي محبت جو يادگار اڏي ڏيکاريو. اهڙي ريت 1932ع ۾ هن اسڪول جو شمار بهترين اسڪولن ۾ ٿيڻ لڳو. شاگردن جو خرچو، پگھار، کاڌي پيتي جو بندوبست به هن اسڪول ۾ مفت ۾ هو. ميرصاحب نه رڳو ٽنڊي باگي ۾ پر ماچوري واري اسڪول ۽ کڏهري واري اسڪول ۽ لائبريري ۾ به خرچ ڏيندوهو. انهي کانپوءِ اها ڳالھه به ميرصاحب جي اعليٰ خدمت جو مثال هئي ته هن ٽنڊي باگي شهر ۾ ايندڙ مسافرن لاءِ مسافرخانو به ٺهرايو جتي ديسي ۽ پرديسي مسافر رات جو اچي رهندا هئا. کين کاڌي سان گڏ هنڌ ۽ بسترا به مفت ملندا هئا. انهي کان علاوه اتي جي ملازمن جو خرچ به مير صاحب پنهنجي کيسي مان ڏيندوهو. اهڙي ريت هن مرد مجاهد پنهنجي ڪم کي اڳتي وڌائيندي عورتن لاءِ هڪ ويم گھر ميٽرنٽي هوم ٺهرايو جتي حيدرآباد کان هڪ ڊاڪٽرياڻي کي هفتي ۾ هڪ دفعو گھرايو ويندو هو جيڪا عورتن جي بيمارين جو معائنو ڪندي هئي ۽ مير صاحب جي خرچ تي مفت علاج ڪندي هئي ۽ مختلف هنڌن کان آيل هوشيار عورتن کي دائپي جي سکيا ملندي رهي. خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر12.2.1932ع تي وفات ڪري ويو. سندس ٺهرايل اسڪول جي هاسٽل کي 1990ع ۾ بند ڪيو ويو. 1980ع ڌاري ويم گھر به بند ڪيو ٿي ويو پر2000ع ۾ ٻيهر ميٽرنٽي هوم کوليو ويو جيڪو اڃا تائين ڪم ڪري رهيو آهي. خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر هائير سيڪينڊري اسڪول مان 20 ويھه هزارکان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري چڪا آهن، جن مان ڪافي وڏين نوڪرين تي رهيا جن ۾ وڪيل، جج، ڊاڪٽر ۽ پوليس آفيسر شامل آهن. تازو ايراني حڪومت جي سهڪار سان به هن ۾ آڊيٽوريم هال ۽ ٻيون عمارتون ٺهرايون ويون آهن. هن اسڪول ۾ هن وقت به ٻه هزارکان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، پرهاڻي حڪومت کي گھرجي ته خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي خدمتن عيوض يا ته ڪو سٺو ايوارڊ ڏنو وڃي ۽ گڏوگڏ هن هائير سيڪنڊري اسڪول کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي. مير غلام محمد صاحب کي خانبهادر جي لقب کان سواءِ لاڙ جي ابي جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندن ڏنل تعليم لاءِ خدمتون تاريخ جي ورقن ۾ هميشه ياد رهنديون. خانبهادر مير غلام محمد ٽالپرکي اولاد نه ٿيو، جنهن ڪري هو پنهنجي شاگردن کي اولاد سمجھندو هو. جيڪي به کيس ابي طور ياد ڪندا آهن انهي سان گڏ هن اسڪول جو پهريون استاد محمد صديق مسافر هو، جنهن جو تعليم لاءِ ڪردار الڳ هو.