شخصيتون ۽ خاڪا

ساڻيهه جو سپوٽ

ڪتاب ”ساڻيھ جو سپوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مير غلام محمد خان ٽالپر جي سوانح، ان تي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب شاھجھان سمون آھي. هن ڪتاب وسيلي اسان جي ايندڙ نسلن کي تمام سچو ۽ بنيادي مواد ملندو. هي ڪتاب اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد و 2018ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ساڻيهه جو سپوٽ

هو جي ويا هليا

هو جي ويا هليا

- ڀون سنڌي

ماڻهو هڪ سينگاريل تابوت تي هڪ رکيل لاش کي انسان جي آخري آرامگاھ ڏانهن کڻي وڃي رهيا هئا. جيستائين نظر ٿي پيئي، ماڻهو ئي ماڻهو ٿي ڏسڻ ۾ آيا. مون هيستائين گهڻن ماڻهن جو موت اکين ڏٺو هو، پر ايترو ماڻهن جو انبوھ، برجنسي ماتم، رڙيون ۽ ڪوڪون، ۽ دل ڏاريندڙ نظارو مون پهرين دفعو ڏٺو هو. ٻارن انهي ڏينهن ڌڪو نه کاڌو هو، عورتن ۽ مردن جي ورلاپن آسمان ٿي ڏاريو. سينگاريل تابوت تي مير غلام محمد خان ٽالپر صاحب جو لاش رکيل هو. آئون ڪجھه دير لاءِ ماضي جي يادن جي وادين ۾ هليو ويس.
هي اهو وقت هو جڏهن انگريز سامراج جي حڪومت زور تي هئي. هر هنڌ، هر گهٽي ڏاڍ جو ڏهڪاءُ هو. ان وقت جي مدبرن، قومي درد رکندڙن ۽ آزادي جي متوالن پنهنجو ڇوٽڪارو تعليم ۽ صرف تعليم مان ٿي سمجهيو. انهن جي خيالن ۾ ته هي قوم تيستائين آزادي ماڻي نه سگهندي، جيستائين ماڻهن ۾ جهالت جو ذرو به باقي آهي، هر فرد جي خوشحالي هنن تعليم سان ڄاتي ٿي. ان وقت ۾ سواءِ چند جي، سڀ مٿين طبقي وارا پنهنجي دولت وڌائڻ ۽ ظاهري ناموس وڌائڻ لاءِ خوشي سان پنهنجي پيرن ۾ غلامي جون زنجيرون وڌيڪ مضبوط ڪندي ٿي ويا. انهي وقت ۾ اهڙا مانجهي مرد به هئا جن کي قوم جي هن حالت تي نه صرف دل ۾ درد هو پر ڪجھه عملي طرح ڪم ڪرڻ جو جذبو به هو. اهڙن هي مٿير مردن مان سنڌڙي جي لاڙ جي ڀاڱي جو سپوت مير غلام محمد خان ٽالپر صاحب به هڪ هو. مير صاحب ڄاتو ٿي ته جيستائين ماڻهن ۾ علم جي روشني نه ڦهلائبي تيستائين قوم ۾ سجاڳي ۽ معاشري جي خوشحالي ئي نه سگهندي. انهي ڪري پاڻ پنهنجي سموري جاگير ۽ اڪيچار دولت ان نيڪ ڪم لڳائي علم جو مينار جوڙيائون. پاڻ صاف دل ۽ انسانيت جا علمبردار هئا. کانئن جڏهن پڇبو هو ته “توهانجو اولاد ڪهڙو آهي؟” ته اسڪول جي ٻارن ڏانهن اشارو ڪري چوندا هئا “هي سڀ منهنجو اولاد آهن.” اهڙا ڪئين مثال آهن، جن کي هتي ويهي لفظن جي صورت وٺائي وڃي ته هوند جدا ڪتاب جڙي پوي. ٿورن لفظن ۾ کڻي چئجي ته مير صاحب جن عظيم انسان هئا. مير صاحب پنهنجي سموري زندگي اٻوجھه غريبن ۽ سٻاجهڙن سانگين جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. ڀلا اهڙي مهاپُرش لاءِ ڪير نه رئندو؟ ڪير پنهنجي رفيق ۽ سڄڻ جو وڇوڙو برداشت ڪري سگھندو؟ ڪهڙي اک مان اهڙي عظيم انسان کي ياد ڪري ڳوڙها نه ڳڙهندا؟ ماڻهن ته ڇا پر انهي ڏينهن گگدام جانور به رنو هو.
تابوت آخري آرامگاھ منجھه پهچي چڪو هو. هر ڪو دل ڏاريندڙ ورلاپ ڪري رهيو هو. مون ڏٺو سينگاريل ڪائي مان هڪ لاٽ نڪتي جا مٿي وڌندي ويئي. آئون هيٺان زمين تي لاٽ جي پويان ڊوڙندو رهيس. لاٽ اڳتي وڌندي اسڪول منجهان ٿيندي آسمان ڏانهن مٿي کڄندي ويئي. مون مٿي نهاريو ڄڻ ته سوال ڪري رهيو هجان؟ “او عظيم انسان! آئون تنهنجي عظمت جا ڪهڙي طريقي سان ڳڻ ڳائي سگھان ٿو؟ موٽ ۾ آواز آيو “علم جي جوت گهر گهر جلائي ۽ پنهنجو جيون ٻين لاءِ ارپي ڇڏ!!”
لاٽ هاڻي منهنجي نظرن کان اوجهل ٿي چڪي هئي. مون هيٺ ڪنڌ کڻي سامهون نهاريو؛ منهنجي چو گرد اسڪول هو!