ڪتاب جو نالو: اوجاڳن جا عڪس
مصنف: انجم قاضي
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 17 آگسٽ 2020 ع
پڙهيو ويو: 507 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 165 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري شاعر انجم قاضيءَ جي غزلن جو مجموعو آھي. انجم قاضي جي شاعريءَ ۾ رومانس جا اهڙا رنگ چِٽيل آهن، جو پڙهندڙ سندس شعر جي سٽن ۾ گُم ٿي وڃي ٿو، ۽ عاشق مزاج ماڻھو ان شعر ۾ سمايل منطر نگاري ۾ پنهنجا رنگ محسوس ڪري ٿو، بيان ڪيل وارتا کيس پنهنجي حياتيءَ سان لاڳاپو رکندڙ داستان محسوس ٿئي ٿي. انجم وٽ غزل جا ڪيئي سٽاوَ ۽ رديف اڻ ڇھيل آهن، جن ۾ هن جو فڪري پاسو بيحد سگهارو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • اوجاڳن جا عڪس
  • مهاڳ: رکون لفظ قيدي ڪري
  • هڪ نماڻو شاعر
  • پنهنجي پاران
  • غزل

  • وارَ ڇوڙي چنڊَ سامهون اچي بيهي رهي
  • باک ويلي چميو جئن گلن جو بدن.
  • نڪور خوابَ اسان جي اڳيان اچي بيٺا،
  • رَئي جي وَٽِ ۾ هوءَ وٽي ٿي آرزو،
  • ٿي رات وئي ڪيڏي، لمحن ۾ اُداسي آ.
  • ڪنهن ساريو هو، جو رستن کي هڏڪي آئي،
  • هزار سال پراڻي اسان جي تنهائي،
  • هڪ خواب کڻي راهه رُليا پاڻ هئاسين،
  • ٻاٽ ڪاريءَ مان اچو نڪري اَچو،
  • سلطنت جو ڀَلُ نه تون سلطان ڪر،
  • رهيو نه جو ڪڏهن به آ گمانَ ۾،
  • تو جو ڇوڙيا وار هوا ۾.
  • اندرُ خيال گھُري ٿو مونکان
  • سپنو سپنو زنگجي ويو آ،
  • اي عشق اَڄُ انتها ڪري ڇڏ،
  • اڄ ڪائي ڄڻ ڇيت چُڀي ٿي اندر ۾،
  • سانجھيءَ جي ويل آهي، رستا اداس آهن،
  • رات ٿيندي اُداس رستي تي،
  • وري واءُ وانگي گھلي ٿا ڏسون،
  • آئي نه ڪا پڪار ڪٿي آ،
  • هيءُ ڪهڙو وقت ايندو ٿو وڃي،
  • ڄڻ ازل کان ئي لهي فوٽ پاٿ تي،
  • ها جڏهن ڀي رات ٿي مون تي لهي،
  • آهي رهيو سدائين طوفان جو تسلسل،
  • اونداهو جيئن جيئن اڳتي پئي رستو ٿيندو ويو،
  • پير ۾ پازيب پائي ٿي هوا،
  • عجيب سانت جو هڪڙو آ شور ڌرتي تي،
  • اوهان کان جيئن ئي وسري ويا اسان آهيون،
  • هي ڪنهن جو واسُ اڃا آ صبا جي رستي ۾،
  • رات مون منظر ڏٺو آڪاس تي،
  • پاڻ ٺاهي پاڻ تي مرڪي پئي،
  • هر آدميءَ کي پنهنجي فڪرات جو تصور،
  • سُرَ پيار جا سهيڙي
  • مرضيءَ سان پَلُ به پنهنجي، سگھجي نه جي خدايا!
  • اوچتو ڪلهه بي ڪفن منهنجون اکيون،
  • دل جي لڳيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان،
  • رات مان ڏسان ٿو خواب ۾،
  • حسين روز ڪيترا حجاب ٿا ٽڙن اڃا،
  • نئين صبح جي نئين روشنيءَ جو وطن،
  • ڇا ڇا ته خيالن ۾ احساسُ کڻي آئي،
  • ساڙ کائي ٿو سڙي پاڙو سڄو،
  • نوان هوءَ خمارن سندا کيت کيڙي،
  • سجَّ لٿي کان هلڪا هلڪا خيمي ۾،
  • شهر جا سارا هئا رستا ٿڪل،
  • ائين اچي پئي اڄ هوا کڙڪيءَ منجھان،
  • وقت کي ڪيڏو لتاڙي حادثا،
  • مختصر ڪيترو قصو هوندو،
  • زلف تنهنجا ڇهي جا اچي ٿي هوا،
  • ائين مٺي! پنهنجي ڪهاڻي ٿي وئي،
  • پنهنجي محبت اها اڃا تائين،
  • جڏهن به ڪو ويساهه کسي ٿو،
  • اڄ به وينگس جون سرهاڻيون جاڳن ٿيون،
  • آهي رنگين سارو خاص ڳوٺ جو،
  • ڪنهن سوڳ جيان آهي اندر جي اڪيلائي،
  • رهيو هڪڙو اونداهه ڪارو هئو
  • ڪنهنجي ڳولها ۾ پيو لڇندو رهي،
  • تخليق کي ملي جئن وشواس جي اميري،
  • تيزيءَ سان ڊوڙ پائي، اڄ ٿو جديد دؤر،
  • ڪهڙا ٿا عشق ۾ هي مرحلا اچن،
  • جيڪا گھڙي به ڌار ٿي رهي،
  • ڪيتري عاجزي ٿي رکي،
  • وقت سان ڇا ڇا نظر ايندا رهيا،
  • زندگي ٿڪجي پئي آ پنڌ ۾،
  • روز ماري روز جيئاري پيو،
  • آءُ هَلون سڀ پاڻ ٻئي رستا ڇڏي،
  • زندگيءَ کي نڪورو حوالو ڏئي،
  • ڏٺوسين آزمائي هر دعا تائين،
  • رهندي سدا مسافر،
  • جهڙو مزاج پنهنجو،
  • ڏسندي اکين سان پنهنجي حيرانُ ٿي وياسين،
  • جا پٿر وانگي لڳي ٿي ڇوڪري،
  • پاڻ دفنايا هُئا پنهنجا اکين ۾،
  • هو هليو ويندو هميشه لاءِ ڏسجانءِ،
  • ڪيرُ اهو ٿو ڄاڻي دوست!
  • مون سان منهنجو ڄڻ ڳالهائي پاڇو ٿو،
  • هلي احساس کان اڳتي،
  • رستو رستو سانجھيءَ ڌارا،
  • سوچيان پيو جي پنهنجي، هوءَ پوپري نه ٿيندي،
  • سکيءَ جي سار چوڌاري،.
  • ڏور ڏاڍو اڃان ماڳ آهي پَري،
  • ڪلهه رات جو جُدا سڀ رستا ڪري هليو ويو،
  • سڀ ڪجھ ڇني اسان اڄ رستو جدا ڪيوسين،
  • اسانجو ساهه ٿو نڪري،
  • زندگيءَ ۾ ڏار هاڻي ٿي رهيو آ.
  • رات جي پوئين پهرَ ۾،
  • لڳي ٿو گھاءُ ماريندو،
  • آئي سانجھي وري سارَ جو کول دَرُ،
  • زندگي درد جي ڪٿا آهي،
  • اُميدن کان خالي حياتي اسان جي.
  • جئن سکيءَ ورتو نئون هڪ روپ آ،
  • چنڊ تنها اُداس رستي تي.
  • آسمان جي ڪجھ وٿيءَ جو ماڳ هو،
  • ڇڏي هليا ويا سڀيئي، جِئين ئي هڪ هُجوم ۾،
  • اُڀ کي جئن درياهه ڏسي ٿو،
  • چوڏس ڪائي تبديلي آ،
  • ائين زندگي سموري گهاري ڇڏي اسان،
  • ڪو برَ مان آواز اچي ٿو،
  • ٿورڙو اڳ ۾ اُٿي ويچارُ ڪر،
  • ڪنهن سوچ جي فضا ۾
  • ساههُ پکيءَ جان اُڏري ويندو.
  • آءُ، پنهنجي هڪ نئين جوڙي دنيا.
  • آءُ خوشبوء کي کڻون ڀاڪر ڀري،
  • خواب، خوشبو ۽ هوا خيال ۾،
  • هوءَ جڏهن کان ڪامڻي آهي وري،
  • تون جڏهن ڀي اچين ڀاڪرن ۾ ڀريو،
  • اَڻِ ڄاڻُ ھيڪلو، تنهنجي جَھانَ ۾،
  • پيار جا روپَ سارا نرالا ھُئا،
  • رشتو رشتو ٽوڙي مونکي،
  • شام ڇانئي ۽ منظر بدلجي ويا،
  • پيار اظھاري سگھيا سين ڪو نه ٻئي،
  • گھَٽا سُرندو وَڄائي ٿي،
  • دَر، دريون ۽ گهر سڄو خاموش ھو،
  • سدا وانگارَ وانگي آ،
  • سوين خواب پنھنجي اکين جي پلوَ ۾،
  • گھٽِي گھٽِي رُلي پئي خُمارَ ۾،
  • زندگي آسَ ۾ آ اڃا،
  • اکيون ٻوٽي آندائون اونداهيءَ ۾،
  • پنهنجا سارا خواب جلن ٿا اڄ تائين،
  • هو وٺي ڪاڏي الائي عشق ويو،
  • ڪيڏا سھڻا لڳندا آھن سانجهيءَ جو،
  • اونداهيءَ ۾ اونداهيءَ تي سوچي ٿو،
  • جڏھن به توکي ساريندو من!
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا

    Book No:23
    اوجاڳن جا عڪس
    شاعري
    انجم قاضي

    ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ
    لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس
    ٽائيٽل: مرتضيٰ لغاري
    اشاعت سال: 2017ع

    ڇپيندڙ:
    مرڪ پبليڪيشن

    ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
    www.sindhsalamat.com


    murtaza.laghari9@gmail.com
    murtaza.laghari@ymail.com
    03005182494

    ملهه: 200 رپيا

    ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:

    ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد ،- ڪاٺيواڙ شاپ، اردو بزار ڪراچي،
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو-
    وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور، عزيز ڪتاب گهر سکر،
    تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس، پريتم قاضي نواب شاه،
    مرڪ پبليڪيشن ڪراچي


    ارپنا

    سنڌي ٻوليءَ جي نامياري تخليقڪار،
    محقق، مترجم ۽ سگهاري نقاد
    مرحوم قاضي مقصود گل جي نانءِ
    جنهن کي پنهنجو ادبي پيءُ سمجهان ٿو
    سندس شفقت مون کي موجوده سڃاڻپ ڏني.

    انجم قاضي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اوجاڳن جا عڪس“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري شاعر انجم قاضيءَ جي غزلن جو مجموعو آھي.
    انجم قاضي جي شاعريءَ ۾ رومانس جا اهڙا رنگ چِٽيل آهن، جو پڙهندڙ سندس شعر جي سٽن ۾ گُم ٿي وڃي ٿو، ۽ عاشق مزاج ماڻھو ان شعر ۾ سمايل منطر نگاري ۾ پنهنجا رنگ محسوس ڪري ٿو، بيان ڪيل وارتا کيس پنهنجي حياتيءَ سان لاڳاپو رکندڙ داستان محسوس ٿئي ٿي.
    انجم وٽ غزل جا ڪيئي سٽاوَ ۽ رديف اڻ ڇھيل آهن، جن ۾ هن جو فڪري پاسو بيحد سگهارو آهي.
    هي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مُرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتصيٰ لغاريءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون انجم قاضيءَ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    انجم قاضي سونهن پرست شاعر آهي، هُن جي اک سي سي ٽي وي ڪئمرا کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي، سندس نگاهه هر اهو منظر عڪس بند ڪري ٿي، جنهن منظر تي هر اک پهريون ڀيرو پهچي ٿي ته ڪي پل ٽڪي پوي ٿي. ۽ پوءِ هو سڀ جهٽي ورتل منظر قلم جي مدد سان پني تي اتاري ڇڏي ٿو. سندس شعر ۾ شاعراڻو ڏانءُ به پختو نظر اچي ٿو.
    انجم قاضي جي شاعري ۾ رومانس جا اهڙا رنگ چٽيل آهن، جو پڙهندڙ سندس شعر جي سٽن ۾ گُم ٿي وڃي ٿو، ۽ عاشق مزاج ماڻهو ان شعر ۾ سمايل منطر نگاري ۾ پنهنجا رنگ محسوس ڪري ٿو، بيان ڪيل وارتا کيس پنهنجي حياتي سان لاڳاپو رکندڙ داستان محسوس ٿئي ٿي.
    ليکڪ سماج جو آئينو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ڌرتي جي ثقافت کي اجاڳر ڪندي، هر خوبصورت منظر قلم بند ڪندو آهي ته سماج ۾ ٿيندڙ هر وارتا، ڏاڍ، جبر، ماڻهپي سان ٿيندڙ مذاق تي به تڙپي پوندو آهي. انجم قاضي جي شاعري ۾ پڻ اُهي سڀ لقاءُ جيئن جو تيئن موجود آهن. هو سنجيده ۽ حساس لکيڪ آهي، سندس سٽ سٽ ۾ سچائي پسجي ٿي.
    انجم قاضي شاعري جو اهڙو جهان جوڙيو آهي، جتي لفظن جا قافلا هر روز طواف ڪن ٿا، هو پنهنجي فني مهارت سان کين سهيڙي تسبي جي داڻهن وانگر پوئي ٿو، ۽ پوءِ شعر ۾ اهڙو آرٽ پيدا ٿي پوي ٿو، جو من واهه واهه ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي.
    انجم قاضي جيئن ته شاعري جي سفر جو پراڻو پانڌيئڙو آهي، جنهن سبب کيس جونيئر به نه ٿو چئي سگهجي، ڇو ته شاعري جي گڏيل ٻن ڪتابن سان گڏ هي سندس چوٿون ڪتاب ”اوجاڳن جا عڪس“شايع ٿي اوهان تائين پهتو آهي، سندس شاعري ڪتابي صورت ۾ پهريون ڀيرو ”مرڪ پبليڪيشن“ طرفان شايع ٿيل گڏيل مجموعي ”نئون نئون مڌ آ“ ۾ ڇپي، جنهن بعد شعري مجموعو ”ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾“شايع ٿيو.
    انجم قاضي جو نئون شعري مجموعو ”اوجاڳن جا عڪس“ اوهان جي سامهون آهي، اسان لاءِ خوشي جي ڳالهه اها به آهي ته سندس گڏيل شعري مجموعي سميت هي ٽيون ڪتاب مرڪ پبليڪيشن طرفان شايع ٿي رهيو آهي.

    مرتضيٰ لغاري
    03005182494


    اوجاڳن جا عڪس

    نئون ديري جي ادبي تاريخ ۾ مرحوم محمّد سليمان سالم ڪٽپر جي ٽيهه اکري (سندس مرشد جي شان ۾ چيل مدح) ۽ مرحوم خدا بخش ويراڳيءَ جي ننڍڙين چَوپڙين جي صورت ۾ شايع ٿيڻ کان وٺي، نئون ديري جي صاحب ڪتاب ليکڪن ۽ شاعرن ۾ جتي محترم عبدالغفار تبسّم، پياري اياز جانيءَ، محترم منظور منگيءَ ۽ سائين عاشق منگيءَ جا نالا اچي وڃن ٿي اُتي هاڻي انجم قاضيءَ جو نانءُ به نروار ٿي بيٺو آهي. انجم قاٰضي پورهيت شاعر آهي، پر ان جي باوجود هن وڏي همت ڪري پنهنجو هي ٻيو ڪتاب پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. سندس ادبي ڪردار رڳو شاعري ڪري پنهنجو ڪتاب ڇپرائڻ تائين محدود نه آهي. انجم قاضي سوشل ميڊيا (فيس بوڪ) تي باقائدگيءَ سان “ڏات_ طرحي مشاعرو” ڪرائي نه رڳو پنهنجي ادبي اُڃ اُجھائيندو رهي ٿو، پر هو پاڻ سان گڏ ٻين ڪيترن ئي نوجوان شاعرن کي پڻ اُتساهيندو رهي ٿو. هن جديد دَور ۾ سوشل ميڊيا تي سنڌي ادبي مشاعرن کي هڪ ڀرپور پلئٽفارم مهيّا ڪرڻ به انجم قاضيءَ جو بيشڪ انتهائي ساراهڻ جوڳو ڪم آهي.
    اسان ٻئي ڄڻ ته هڪ ئي ساٿ جا ساٿاري رهيا آهيون. آنءُ اسڪول _ڪاليج جي تعليم دَوران جلدسازي ڪري، يا وري پرواني سيوهاڻيءَ وانگر اسڪولن ۾ ٻاراڻا ڪتاب وڪڻي، ٻيا ادبي ڪتاب وٺي، پنهنجو شوق پورو ڪندو هُئس ۽ انجم قاضي وري پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي، انهن ڏينهنِ ۾ ٻِيڙيون ٻڌي روزگار ڪرڻ لڳو هيو. ٻِيڙيُن ٻڌڻ دَوران سندس ٻيو شوق ريڊيو تي مختلف سنڌي پروگرام ٻڌڻ هو، تن ڏينهن ۾ مختلف ڪلامن کي پسند ڪندڙن ۾ شامل ٿيڻ ۽ پنهنجو نالو ريڊئي تي ٻڌڻ کان ئي سندس شعر لکڻ جي به شروعات ٿي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن حيدرآباد ريڊيو تي نصير مرزا جي پروگرام ۾ به ٻئي گڏ گڏ شامل ٿي پنهنجي شاعري پڙهي سين. اهڙي ريت اُتساهه ملڻ بعد انجم قاضيءَ لکندو رهيو ۽ سندس پهريون شعري مجموعو “ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾” ڇپيو. ۽ هاڻي وري سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “اوجاڳن جا عڪس” اوهان جي هٿن ۾ آهي. ڌڻيءَ درِ دُعا آهي ته اڳتي به هن سفر ۾ هو اڳي کان اڳرو ۽ شل سدائين سڦرو هجي.


    عبيد ڪٽپر ڪراچي


    مهاڳ: رکون لفظ قيدي ڪري

    انجم قاضي، نئين شعر جي جهانَ ۾، ڪو نئون يا سيکڙاٽ نانءُ ناهي، جو هڪ نظر پڙهي، ٻئي ۾ ڌيان ڇڪائيندڙ شعر نه لکي سگهي. انجم قاضي مسلسل لکي رهيو آهي. “ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾”سندس پهريون تخيل، جنهن تي سينئر شاعر دوستن جا خوبصورت رايا آهن ۽ هي سندس ٻيو تخليقي شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ به سندس بي بها غزلَ شامل آهن. جن ۾ فن ۽ فڪر جي وشالتا آهي، جتي حد نگاهه حسناڪي به آهي ته عجب رنگيني به ــ
    جِت ڪو ڏسي نه ٿو سگهي، اُتي
    فنڪار جي نهار ٿي رهي.

    نئون ديرو هجي يا رتوديرو، اُتر سنڌ جا اهڙا خوش نصيب ڳوٺ نما شهر آهن، جتي علم ۽ ادب جي دلڪش آبياري قاضي فيملي ۽ ٻين دوستن جي گڏيل ڪاوشن جو نتيجو آهي. انجم قاضي به اِن سخنور سلسلي جو سلو آهي، جنهن وٽ پنهنجي ڪلا جي الڳ ڪنٺ مالا آهي انجم قاضي، جنهن وايو منڊل ۾ رهي ٿو، اهو نيم ڳوٺاڻو ۽ اڌ شهري رنگ رکندڙ آهي. جتي لوءَ پوڻ کان وٺي ولههَ وسڻ تائين جي موسمي شدت اُتي رهندڙ هر جيوَ تي اثرانداز ٿئي ٿي، ائين انجم قاضيءَ تي به اها سردي گرمي لهي چڙهي ٿي ته سندس شاعريءَ ۾ به تکي تپش ۽ ٿڌي رات جي روح پرور رونمائي جا منظر بنا ايڊٽ جي عڪس بند ڪيل آهن.
    انجم وٽ غزل جا ڪيئي سٽاوَ ۽ رديف اڻ ڇهيل آهن، جن ۾ هن جو فڪري پاسو بيحد سگهارو آهي. ۽ جتي هُن ٻين کان اُتساهه وٺي يا متاثر ٿي لکيو آهي، اُهو رنگُ بي چسو ۽ روايتي غزل جي رستي تي پنڌ ڪندي ملي ٿو. هن وقت، هن دؤر ۾ جيترو غزلُ لکيو ۽ ڇپيو وڃي ٿو، اهو مڪمل سگهارو ۽ منفرد ناهي، هر دؤر جي هر شاعر وٽ ساڳي زمين، ساڳيا ڪافيا ته اڳ ۾ به هئا، پر فڪر جي ايتري اڻاٺ نه هئي، جيتري هن دؤر ۾ هاڻ نمايان ٿي آهي. ساڳين موضوعن ۽ حوالن کي لکي لکي ايترو ته کين گُهنجايو ويو آهي، جو هاڻ ان جي استري ٿيڻ ناممڪن نظر اچي ٿي. غزل جي جسم ۾ روح ڀريندڙ رديف به هاڻ ساڳيا ساڳيا لکجي رهيا آهن ۽ هڪ جهڙائي رکندڙ سٽن جون سٽون به. اڪثر غزل هڪ ٻئي جي ڪاپي پيا محسوس ٿين. ائين لڳي ٿو ته فني ۽ فڪري حوالي سان سنڌي جديد غزل وڏي خشڪ ساليءَ جو شڪار آهي!
    اهڙي سؤڪهڙي ورتل کيت ۾ انجم قاضيءَ جي پوکيل گلن ۽ انهن جي خوشبوءِ کي پرکجي ته ان مان ڪيئي اهڙا املهه رنگ ۽ سواس اڳيان اچن ٿا، جيڪي شايد انجم قاضي کان سوا، ڄڻ پيش ئي نه ٿيا آهن.
    جئين ئي رات گهٽيءَ ۾ سيٽيءَ جو پڙلاءُ ٿيو،
    ننڊ ڦٽي ۽ ‘انجم’ پرزا سپنو ٿيندو ويو.

    تصوير زندگي جي غمگين ٿي رهي
    ليڪون ڏئي خوشي آ واري ڇڏي اسان.

    روئي پنهنجي ماءُ ڪراڙي
    ڳڀرو ساريو سانجهيءَ ڌاران.

    ڄڻ صدين کان ڪامڻي جي آ رهيو
    عشق جو هڪڙو وطن منهنجون اکيون.

    ٿي ڪڪر جي گهوڙي تي سوار
    توڏي مان اچان ٿو خواب ۾

    چنڊ جي مٿان آ روشني
    ۽ غزل لکان ٿو خواب ۾.

    ڏٺم رات خالي نديءَ جي مٿان
    ستارو ستارو اُڃارو هئو.

    شعر ۾ حقيقي زندگيءَ جو زهر ۽ خوشي سموئڻ جا گُر ڄاڻيندڙ انجم قاضي، جي پنهنجي پالنا به اهڙين حالتن ۾ ٿيئي آهي، جن جو هُو بنا ڪنهن رک رکاوَ جي بيان ڪري رهيو آهي. دراصل شاعر کي پنهنجي ماحول کان ٻاهر پرکڻ ان شاعر جي شعري معصوميت سان فراڊ آهي. هُو جن رنگن رستي تي پير رکي، عمر گذاري پيو، ڇا اُن جي روح ۾ هڪ الڳ زمانو جنميل هوندو آهي؟ جيڪو هُن جي ڪاڪ ڪويتا کان به الڳ آهي؟ ائين ان ڪري ممڪن ناهي ته اسان جو معاشرو پيٽ کان اڳتي سوچي نٿو! پاڻ مالي ۽ معاشرتي مجبورن جي ويڙهه ۾ اڪيلا بيٺل ڪلاڪار آهيون، جن وٽ هڪ حسين سٽ جي ڳولا ۾ ڀٽڪڻ جيتري عياشي افورڊبل آهي. آرام ۽ وسڪيون پيئي لکڻ واري شاعريءَ جو آسمان زمين تي رهندڙ هر حساس فرد کان ڪوهين پرانهون آهي. اهڙو فلسفو يا هوا ۾ ڪيل فائر جو آواز وقتي ڌماڪو ته سٺو ڪندو آهي پر تابنده رنگ ڇڏڻ کان قاصر آهي! انجم قاضي به معاشرتي مامرن جو فلسفو سمجهائيندڙ ۽ زندگيءَ جي اوندهه ۾ ڏياٽ ٻاريندڙ شاعر آهي. جنهن وٽ شاعري هڪ ذميداري ۽ احساس جو ازلي آواز آهي.

    مون پري کان پئي ڏٺو هڪ ماءُ سان
    نينگريءَ سسڪيون ڀريون ڀاڪر ڀري.

    پکي خاموش ٿي ويا، جئن
    کليا هٿيار چوڌاري.

    ٻار کي ڪهڙي خبر هُن جو انگل
    ڪيئن امڙ، بابا مڃيندو ٿو وڃي.

    ڪڏهن وقت مون سان، ڪڏهن مون وري،
    ڪيو هڪ ٻئي سان گذارو هئو.

    ايڏي ته رهي آهي، مصروف حياتي جو
    جڳ سان نه سگهي ٿي آ، پنهنجي ڪا شناسائي.

    انجم قاضي جي فڪري اُڇل ۾ زندگيءَ جا اُهي مڪمل عڪس آهن، جن وٽان هو گذريو آهي يا اُنهن کي پري کان ڏٺو آهي. هڪ گهٽيءَ ۾ اڀري بيٺل چنڊَ کي ٻه شاعر الڳ الڳ نگاهه سان نهاري سگهن ٿا. هڪ لاءِ چانڊوڪي مايوسي ۽ اڪيلائيءَ جو خام سامان آهي ته ٻيو ان چانڊاڻ مان ئي چاهه جو اتساهه وٺي ٿو . هاڻ پڙهندڙ جي ڪهڙي ڪيفيت آهي؟ اهو ڪنهن سان ان لمحي متفق آهي؟ اهو ڪير به لکندڙ نٿو ڄاڻي. ان ڪري چئجي ته پڙهندڙ ۽ شاعر جي وچ ۾ وڏو مفاصلو آهي. اهو اُنهن ٻنهي ۾ وجودي ۽ روحاني وڇوٽي رکيون ٿو اچي. پر زندگي ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل محسوسات کي قلم بند ڪندڙ ڪلاڪار ڪڏهن به اهڙي ٻه واٽي تي بيٺل نظر نه ايندو، جنهن ٻه واٽي تي “هي لکان يا نه لکان؟” وارو سوال ڪر کڻي بيٺل هجي ٿو.
    انجم قاضيءَ جي ڪيترن شاعراڻن فلسفن سان اسان اختلاف ڪري سگهون ٿا، مگر سندس زندگيءَ سان ڀريل شعرن تي جيترو اتساهڪ لکجي اهو تمام ٿورو لڳندو.

    عمر جي گاڏي تيز هلي پئي، شيشي مان ڏسندي،
    هوريان هوريان منظر سارو ڌنڌلو ٿيندو ويو.

    مون کلڻ چاهيو هيو اسٽيج تي پر،
    خود به خود آيا تري ڳوڙها اکين ۾.

    جڏهن به ديس جي تاريخ کي پڙهيو کولي
    ڏکن جا باب اسان جي اڳيان اچي بيٺا.

    هيءُ ڪهڙو وقت ايندو ٿو وڃي،
    جو اچي سو درد ڏيندو ٿو وڃي.

    ساڻ هڪڙي سار آهي سمنڊ تي
    ۽ مٿان برسات ٿي مون ٿي لهي

    آسمان جي ڪجهه وٿيءَ جو ماڳ هو
    خواب پنهنجي زندگيءَ جو ماڳ هو.

    پاڻ پنهنجا رکون لفظ قيدي ڪري
    ڪيستائين زبانن تي تالو ڏئي؟


    غزل جي نشونما ۽ سنوار لاءِ غزل جي آغازي لمحن ۾ مشاعرا ۽ طرحي مشاعرا ڪرائڻ جو رواج عام جام ڪيو ويو. غزل اڳتي وڌي آيو. پرنٽ ميڊيا جي دؤر ۾ انهن مشاعرن جي اهميت گهٽجندي ختم ٿيڻ لڳي. هن وقت ۾ ته اهي بلڪل ناپيد آهن ۽ نئين سوشل ميڊيا تي مشاعرن ۽ طرحي مشاعرن جي لست وٺندڙن جو ذوق شوق برقرار آهي. جنهن مان اهو پرکي سگهجي ٿو ته غزل معنا مشاعرو. غزل مشاعري جي جان آهي. طرحي مشاعري جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي؟ ان جو سادو جواب اهو ئي جُڙي ٿو ته جڏهن شاعر تي اُتساهه جا در بند ٿي وڃن ٿا ۽ ڏات حالتن ۽ انساني ڀڃ ڊاهه سبب ڏات ڏياٽي اڌ اجهامي وڃي ٿي. ڏات جي موجودگي محسوس ڪندي به شاعر ڪجهه لکڻ کان قاصر هوندو آهي. اهڙي بي وس صورتحال ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻئي شاعر جو سڏ ورنائڻ سان اڌ وساميل ڏات جو ڏيئو وڌيڪ روشن ٿيو پئي. ۽ هڪ طرحي سٽَ ، ٻين ڪيترين لاجواب سٽن کي ميڙي ايندي آهي ۽ هڪ با ڪمال تخليق جڙي پوندي آهي.
    طرحي غزل مشاعرن ۾ جام مقبول ٿين ٿا، ۽ ٻڌندڙ وڏو حظه حاصل ڪن ٿا. ان طرحي سلسلي سبب نوان شاعرن کي فن ۽ فڪر ۾ وڌيڪ نواڻ آڻڻ کان وٺي محدود وقت ۾ وسيع خيال آرائي ڏانهن پير سورڻ جي مشق حاصل ٿيئي ٿي. پر اڳتي هلي جڏهن شاعر جي ڏات پنهنجي مڪمل جوهر سان جلوا نما رهندي اچي ٿي، ته اهو ئي شاعر انهن سٽن کي پنهنجي مجموعي ڪلام ۾ شامل رکڻ کان لنوائي ٿو يا ان سٽَ جي اصل شاعر جو نانءُ لکڻ کان ڪترائي پيو. ان مان ظاهر اهو ئي ٿيئي پيو ته پرائي سٽ کي پنهنجو چوڻ/ڪرڻ ۾ هڪ اڻ ڏٺو مفاصلو آهي، جيڪو ڪير ڪير مشڪل سان طئه ڪري ٿو.
    انجم قاضي پنهنجي تخليقي سگهه باوجود به فيس بڪ تي ٿيل طرحي مشاعرن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندڙ شاعر آهي ۽ تخليقي انفراديت سبب وڌيڪ داد به ماڻي رهيو آهي. هن مجموعي ۾ شامل سندس گهڻا غزل ان سلسلن جا سلا آهن، جن ۾ الڳ الڳ خوشبو آهي. جدا جدا وزن آهن، جنهن سبب انهن ۾ ۽ انجم قاضي جي ٻين غزلن ۾ فني ۽ فڪري پختگيءَ جو مفاصلو به نظر اچي ٿو. جيڪڏهن مشاعري ۾ پڙهندڙ غزل ۽ پرنٽ ٿي اکين اڳيان ايندڙ غزل جي ڪيٽگري الڳ الڳ ڪجي ته انجم قاضي ٻنهي قسمن جي غزل جو پختو شاعر محسوس ٿيندو.
    * هن چنڊ کي مهار ڪٿي آ (طرح احمد سولنگي)
    * اٿي سوير پکي ڪن ٿا دور ڌرتي تي
    * لٿا خدا جا مخالف خدا جي رستي ۾
    * ڦلواڙين ۾ خوشبوئن کي هڏڪي آئي
    * تنهنجي اکين ۾ آهي پرڀات جو تصور
    جهڙا غزل ٻين دوستن جي سڏ ۾ سڏ ڏيڻ جي سهڻي موٽ مطابق تخليق ڪيل آهن، جيڪا پڻ انجم قاضيءَ جي شعري حسن جي الڳ خوبي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهي سٽون جئين پاڻ شاهڪار ٿي، ٻين دوستن تائين پهتيون آهن، تيئن اهڙيون ۽ انهن کان سوين ڀيرا سگهاريون ٻيون سٽون به تخيل ۾ اچن ته وڌيڪ سهڻائپ جنم وٺندي رهندي.
    غزل ۾ رديف کي جسم ۾ ساهه واري وڏي حيثيت ڏنل آهي. قافئي کان پو رديف غزل ۾ اهو رس چس ڀري ٿو، جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ رکي ٿو. رديفن جا ڪيترائي قسم تخليق ٿي چڪا آهن، جيڪي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ سفر ڪري رهيا آهن. انجم قاضي جي غزلن ۾ به ننڍا وڏا رديف سندس غزل جي فني پاسي کي نمايان ڪن ٿا. انجم قاضي نه رڳو نوان رديف تخليق ڪيا آهن پر مروج رديفن ۾ به غزل لکيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيترو رديف جاندار هوندو، ايترو ئي غزل روح رکندڙ هوندو. ٻُسي ۽ ورجايل رديف سان غزل ۾ ڪا نئين خوشبو پيدا نه ٿي ٿي سگهي. رڳو غزل جي انگ جو واڌارو ئي ٿيئي پيو. انجم قاضي هڪ لفظ کي به رديف ڪيو آهي ته ٻن ۽ ٻن کان وڌيل لفظن کي به رديف ڪري استعمال ڪيو آهي. هُن جتي پنهنجي خوشبو رکندڙ رديف ڏنا آهن، اهي غزل هر لحاظ کان جاندار آهن. پر جتي هن رديفن جو ورجاءُ ڪيو آهي، اهو ايترو متاثر ڪندڙ ناهي ۽ ايندڙ وقت ۾ شايد ئي جٽاءُ ڪري سگهن. هن جا هڪ لفظي رديف: مثلن: اورانگهي ـــ دنيا ــ چوڌاري. نمايان رديف آهن. ٻه لفظي رديف ۾: ٿي هوا ـــ ڀاڪر ڀري ـــ ٿيندو ويو ـــ ڇڏي اسان ـــ ٿي آرزو ـــ ڪٿي آ؟ ـــ کان اڳتي
    ٿو نڪري ـــ نه ٿو اڃان ـــ جو بدن ـــ پاڙو سڄو ـــ ٿو خواب ۾ ـــ جو وطن ــ ۾ اڌ ورجايل ۽ اڌ نواڻ رکندڙ بهترين رديف آهن مگر هي رديف مڪمل ورجايل ۽ اردو سنڌي شاعريءَ ۾ بار بار لکيا ويندڙ رديف آهن. انهن ۾ پيش ڪيل خيال به هاڻ ايترا خاص متاثر ڪندڙ ناهن رهيا. انجم قاضي کي اهڙين رديفن کان شعوري پرهيز ڪرڻ گهرجي. آڪاس تي ـــ هجوم ۾ ـــ ڦٽ پاٿ تي ـــ اندر ۾ ـــ سانجهيءَ ڌارا ـــ اکين ۾ ـــ مسافر
    ڌرتيءَ تي ـــ رستي تي ـــ منهنجون اکيون ـــ اداس آهن ـــ ڳوٺ جو ـــ اڃان ـــ وغيره.
    انجم قاضي جا خاص ڪشش رکندڙ اهي رديف آهن، جيڪي هن ئي لکيا آهن، اُهي سنڌي غزل جو روح رکندڙ غزل آهن. طويل رديف ۾ لکيل سندس ڪجهه غزلن ۾ ( جو ماڳ هو ـــ نئون هڪ روپ آ ـــ اسان جي اڳيان اچي بيٺا ـــ هاڻي ٿي رهيو آ ـــ پاڻ تي مرڪي پئي ) جهڙا ڪيئي رديف نهايت پيارا ۽ مڪمل يادگار غزل آهن.
    انجم قاضي جي غزلن جو عروض به ٻين گهڻن شاعرن وانگر ڪجهه وزنن تي گرفت رکندڙ محسوس ٿيئي پيو. سنڌي شاعري اٽڪل 19/20 وزنن کان ٻاهر نهاري نه سگهي آهي. ان جا سبب الائي ڪهڙا آهن؟ سهل پسنديءَ جي الزام تراشيءَ کي ڇڏي چئجي ته شاعر جو فڪري پالوٽ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ئي اهم سبب آهي. شاعر پنهنجي فڪر جي چٽائيءَ ۽ بيان تي جڏهن مضبوط پڪڙ رکي وڃي ٿو، تهان بعد هُو فني پاسائن کي وڌيڪ سنواري سگهي ٿو. انجم قاضي به اهڙي شعوري ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو، جنهن سبب هن مختصر غزليه مجموعي ۾ به 19/20 کان وڌيڪ بحر ۽ وزن استعمال ڪيل آهن. جن ۾ خيال آرائي سهل ۽ موضوع لامحدود آهن. پر ڪي خاص ۽ وري وري ايندڙ موضوع به آهن. جن ۾ خدا، سماجي وارتا، محبتي ٽاڻا، مسافر، لکڻ نه لکي سگهڻ جي ڪيفيت، فردي اڪيلائي نمايان آهن.

    پيو ٿو نصيب ڦٿڪي
    ناهي اثر دعا ۾

    پنهنجي مرضيءَ سان نه پل ڀي جي سگهون
    اي خدا! ايڏو نه بي اختيار ڪر.

    سُڀ ويا خاموش ٿي آواز هن
    درد ميڙي سانت ٿي مون تي لهي.

    منهنجي اڳيان ٽيبل تي هڪ
    ڪاڳر خيال گهري ٿو مون کان

    توڙي جو هم خيال آهيون ٻئي
    سوچ پو به جدا جدا آهي.

    ڪڏهن ڪو نه آيو اسان ڏي خدا
    اسان ئي خدا ڏي هلون ٿا ڏسون.

    پئي مرڪ ۾ لڪايو، هڪ درد کي اسان ٿي
    ۽ گفتگو ۾ پنهنجا، لهجا اداس آهن.

    سُلطنت جو ڀل نه تون سلطان ڪر
    يا خدا مون کي فقط انسان ڪر.

    ٿڪجي پيو آ انجم
    ڳولي خدا مسافر

    جڏهن به سڏَ خدا کي ڪيو اسان آهي
    هوا جو شور رهيو آ صدا جي رشتي ۾.

    ٿڪجي پيو وقت آهي
    جڳ جي ڪٿا سهيڙي

    ٿو سمنڊ، چنڊ تارا
    آڪاس جا سهيڙي

    مرضيءَ سان پل به پنهنجي سگهجي نه جِي خدايا!
    ايڏي نه ڏي اسان کي، تون بيو سي خدايا!

    جديد سنڌي شاعريءَ جا پڙهندڙ جنهن نواڻ ۽ تازگيءَ جي ڳولا ۾ آهن، اُها توڻي جو دور آهي، پر نظر اچي ٿي. انجم قاضيءَ به جيڪر تڪڙ ۾ شعر جي فڪري وسعت جي گهوڙي سواري نه ڇڏي، ته اُن پد جي پهاڙ تي پهچي سگهي ٿو، جتي خيال جي خدائي ننڍڙي دائري جيتري ٿي وڃي. شاعري جي ميدان تي، فٽ بال وانگي خيال سان کيڏڻ سگهاري رانديگر جي نشاندهي آهي. هُو جڏهن خيال تي ڪمال گرفت رکي وڃي ٿو، ته فن ۽ قافيا وغيره سندس اڳيئي ٻانهن ٻيلي هئڻ ڪري، وڌيڪ جديديت جي جهانن کي روشن ڪري ٿو وڃي. انجم قاضي جا ڪي ڪي خيال به ڪيئي خدايون ٿا رکن.

    تاريخ گواهه آهي، منشور لتاڙي سڀ،
    جڳ جڳَ ۾ سياست آ، افلاس کڻي آئي.

    هي شعر رڳو برصغير جي سياست تي طنز آهي يا پوري يورپين تاريخ به ان ذمري ۾ اچي ٿي وڃي؟ سياست کي شيخ اياز”ڏانئڻ“ سان مشابهت ڏيندي ان جو ڏينهن ڏٺي جو گهونگھٽ لاهڻ جو سڏ ڏنو. سياست جا سانگ، ٺڳيءَ جا ٺاهه ڪوٺيا!
    ڏينهن ڏٺي جو هن ڏائنڻ تان،
    جيڪو گھونگھٽ لاهي،
    ڪوئي آهي!
    سانگ سياست جا سمجھي،
    جو ٺاهه ٺڳيءَ جا ڊاهي،
    ڪوئي آهي!
    اونداهيءَ سان جيڪو اُلجھي،
    چانڊوڪيءَ کي چاهي،
    ڪوئي آهي!

    انجم قاضي “منشور لتاڙي” جو حوالو ڏيندي اها آفاقي رڙ ٿو ڪري، جيڪا ”دوکي بازيءَ“ جي داستان بيان ڪري ٿي. هن ملڪ کان وٺي، برصغير جي مڙني سڀني ڏيهن ۾ منشورن جي لتاڙ جي تاريخ پراڻي آهي! ۽ ڪمال بي شرميءَ سان ان حرام پائي جي تبديليءَ کي وقت جو سڏ يا ضرورتِ زمانه سڏي قبوليت ڏيڻ لاءِ به وڏي سياست ڪئي ويندي رهي آهي.
    انجم قاضي باشعور شاعر آهي، جنهن رڳو خالي لفاظي نه ڪئي آهي بلڪه وقت ۽ زماني جي سڀني رنگن کي بنا حجاب، دل سان لکيو آهي. دلي دعا آهي ته سندس ڏات جا ڏهوڻ ڏيئا سدا جڳمڳائن.

    سعيد سومرو
    قمبر
    Cell: 0333-7523132


    هڪ نماڻو شاعر

    انجم قاضيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات سائين منظورَ منگي (نئونديرو) جي حوالي سان ٿي. ان کانپوءِ ملاقاتن جو سلسلو جاري ٿيو خوشقسمتيءَ سان مان به سنڌي ادبي سنگت برانچ +نئون ديرو سان واڳيل آهيان جنهن برانچ جو انجم قاضي سيڪريٽري به رهي چڪو آهي قاضي صاحب هڪ محبتي ماڻهو ۽ هر دل عزيز شخصيت آهي مون ناچيز سان ته کيس خاص محبت ۽ قربت آهي. مون کيس پنهنجي هر ادبي پروگرام ۾ مدعو ڪيو ۽ قاضي صاحب ڪڏهن به معذرت نه ڪئي ۽ منهنجي تمام پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. جنهن لاءِ سندس مان سڄي عمر مقروض ۽ مشڪور رهندس. سچ پچ جڏهن قاضي صاحب حجت ڪندي مونکي پنهنجي شعري مجموعي تي ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو ته مان منجھي پيس ته مان سندس شخصيت جي پهلوءَ تي گھڻو لکان يا شاعريءَ واري حيثيت تي بهرحال قاضي صاحب جي شخصيت ۽ شاعري تعريف لائق آهن هونءَ به مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهوئي سکيو ۽ پرايو آهي ته هن دنيا ۾ الله تعاليٰ جيڪي به انسان پيدا ڪيا آهن انهن سڀني کي ان جي وجود ۽ ميزان مطابق عقل ۽ فهم به عطا ڪيو آهي ۽ آءُ هر ماڻهوءَ کي پاڻ کان وڌيڪ عقلمند ۽ فهم وارو سمجھندو آهيان اهڙيءَ طرح قاضي صاحب کي به هڪ تمام سٺو شاعر سمجھندو آهيان سندس شاعريءَ جو اسلوب تمام خوبصورت آهي ۽ سندس شعر ۾ فن ۽ فڪر جو استعمال به ڏاڍو سٺو ڪيو اٿن. قاضي صاحب جي شاعري خوبصورت ۽ متاثر ڪندڙ آهي
    قاضي صاحب جو زيرِ نظر ڪتاب (اوجاڳن جا عڪس) سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي قاضي صاحب جو هي ڪتاب به غزلن جو غنچو آهي ۽ خوبصورت ۽ پرتاثير غزلن جو هڪ رنگين مجموعو آهي جنهن ۾ راض به آ ته نياز به آ جنهن ۾ سوز به آ ته گداز به آ سندس خيالن جي پرواز به اوچي آهي هڪ غزل ۾ رقم طراز آهي ته :

    ساڙ کائي ٿو سڙي پاڙو سڄو
    روز ٿو ڳالهيون گھڙي پاڙو سڄو

    ذات جي ننڍڙين انائن جي ڪري
    پاڻ ۾ پيو ٿو وڙهي پاڙو سڄو

    هڪ ٻي هنڌ ڪجھ هن طرح چون ٿا:

    نئين صبح جي نئين روشنيءَ جو وطن
    خوشبو خوشبو سڄو شاعريءَ جو وطن

    عارضي ٿو ملي سڀ کي جيون هتي
    آ مٽي ئي اصل آدميءَ جو وطن.

    نقشو دنيا سڄيءَ جو ٻڌائي پيو
    سمنڊ ئي آ رهيو هر نديءَ جو وطن.

    هاڻي جيڪڏهن مٿين سٽن تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته انجم هڪ شعر ۾ آفاقي سچائيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي ته جيون سڀ جو هتي عارضي آهي جيئن قرآن شريف الله تعاليٰ فرمائي ٿو “انما الحيوٰت دنيا لعب والهوا” ترجمو: سچ پچ دنيا جي حياتي کيل ۽ تماشو آهي ساڳئي تصور کي ذهن ۾ رکي انجم قاضي صاحب غزل کي سونهن بخشي آهي ان کان هيٺين شعر ۾ به در اصل هڪ همگير حقيقت بيان ڪئي اٿن ته بيشڪ سمنڊ ئي هر نديءَ جو وطن ۽ آخري ديس آهي ڇاڪاڻ سڀ نديون ۽ درياهه مسلسل سفر ۽ مسافريءَ واري ڪيفيت ۾ آهن ۽ سوين بلڪِ هزارها ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري پنهنجي منزل مقصود پنهنجي دائمي وطن يعني سمنڊ ۾ اچيو پاڻ ارپي ڇڏين هڪ ٻئي غزل انجم قاضي چوي ٿو:
    مرضيءَ سان پل به پنهنجي، سگھجي نه جي خدايا!
    ايڏي نه ڏي اسان کي تون بيوسي خدايا!

    هڪ هڪ گھڙيءَ سان جھيڙي ٿڪجي پيو مان آهيان،
    موٽائي وٺ تون مونکان هيءَ زندگي خدايا!

    جيون سڄو ئي صحرا، ڪو ڇانورو نه آهي،
    پنهنجي نصيب ۾ آ ڇو ڌرتتي خدايا!

    ڪائي پري نه گھرجي ڪا حور ڏي نه ڀل تون،
    هڪ ئي فقط گھران ٿو، هوءَ ڇوڪري خدايا!

    انجم قاضيءَ جون ادائون به سندس معصوم ۽ پوتر آهن ۽ پنهنجي دل تي ٿيندڙ وارداتن جو پوري سچائيءَ سان ذڪر ڪيو اٿن قاضي پري ۽ حور کي ٺڪرائي جنهن ڇوڪريءَ جي تمنا ڪئي اها جي قاضي صاحب جي زندگيءَ ۾ اچي وڃي ها ته شايد انجم قاضي اڄ ائين متاثر ڪندڙ شاعر نه هجي ها بلڪِ شاعر ئي نه هجي ها. اها وڇوڙي، جدائيءَ ۽ محروميءَ واري ڪيفيت ئي ته آهي جيڪا شاعريءَ جو اظهار ۽ سبب بڻجي ٿي. ۽ ان ساڳئي ئي جذبي قاضي صاحب کي قلم کڻايو ۽ شاعريءَ جي ميدان تي لاٿو جتي قاضي صاحب پنهنجي تخليقن جا جوهر ڏيکاري رهيو آهي ۽ انجم قاضي صاحب جو هي شعري مجموعو سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافي طور ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ويندو. منهنجي کيس دعا آهي ته رب العزت والعظمت کيس قلم ۾ اڃان به وڌيڪ طاقت بخشي ۽ ساڳي جوش و جذبي سان لکندا رهن.


    احمد سلطان کوسو
    لاڙڪاڻو
    23 مئي 2017ع


    پنهنجي پاران

    انسان جي هڪ وجود سان هزارين رشتا لاڳاپيل هجن ٿا، انهن رشتن ۾ رت جا رشتا، دوستن جا رشتا، اخلاقي رشتا، اجتماعي سماجي رشتا، قومي رشتا، انساني رشتا ۽ ٻيا ڪيترائي رشتا شامل هجن ٿا، جن کي صرف ئي صرف هڪ سچو قلمڪار محسوس ۽ تسليم ڪري ٿو. ڇو ته سچو قلمڪار عام فرد کان وڌيڪ شعور رکندڙ هجي ٿو ۽ اهو شعور ئي انهن سڀني رشتن جو احساس ڏياري ٿو . قلمڪار سماج ۾ خاص حيثيت انهيءَ ڪري ئي رکي ٿو ته جتي عام فرد جي سوچ يا نگاھ نه ٿي پهچي اتي قلمڪار جي سوچ ۽ نظر ان خيال يا منظر کي تراشي ٿي - جت ڪو ڏسي نه ٿو سگهي، اُتي فنڪار جي نهارَ ٿي رهي - ۽ انهيءَ حوالي سان ان باشعور فرد تي عام فرد جي ڀيٽ ۾ ذميواري پڻ ھجي ٿي. ڇو ته سچو قلمڪار پنهنجي ٻوليءَ ۽ سماج جو رهنما پڻ ھجي ٿو ان ڪري قلمڪار جو باڪردار هجڻ لازمي ٿئي ٿو - تاريخ گواهه آھي ته دنيا جا وڏا انقلاب قلمڪارن جي محنتن ۽ سچاين جي ڪري ئي آيا آهن - ڪوڙن ۽ مفاد پرست قلمڪارن کي تاريخ ڪڏھن به قبول ناهي ڪيو، سچو قلمڪار پنهنجي ذاتي مفاد کان هٽي ڪري بنا اجوري مسلسل پنهنجي ضمير کي اجاگر ڪندو رهي ٿو ۽ ھُو اهو ئي لکي ٿو جيڪو سندس ضمير قبولي ٿو.
    شاعري روحَ جي رياضت آھي ۽ روحُ ڪڏھن به ڪا منافقي قبول ناهي ڪندو، مون ھميشه شاعريءَ کي پنهنجي وجود جي پناھ گاھ سمجهيو آھي، ڇو ته مونکي شاعريءَ ڌرتتيءَ ۾ وڻڪار جو احساس ڏنو آھي.
    جُونِ 2015ع ۾ منهنجي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”ڳوڙھو ڳوڙھو سوڳ ۾“ جڏھن شايع ٿي اوهانجي هٿن ۾ آيو ھُيو ته توهانجي خلوص ۽ محبتن مونکي اتساھ بخشيندي مون تي وڌيڪ ذميواريءَ جو احساس پڻ ڏنو. اڄ جڏھن ٻن سالن کانپوءِ منهنجي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “اوجاڳن جا عڪس” اوهانجي هٿن ۾ آھي ته منهنجي ذھن ۾ ڪيئي سوال اڀري رهيا آھن، جن جو هت ذڪر ڪرڻ بدران صرف ايترو ئي چوندس ته مون ڪڏھن به شاعري شھرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪونه ڪئي آھي، مان ننڍڙو ۽ پورهيت ڪلاس جو ماڻھو آهيان، جيڪو ماڻھو ٽي وقت پنهنجي ٻَچَن جي بکايل پيٽ لاءِ لوچيندو وَتي، جنهن جي گهرَ ۾ لکڻ لاءِ ھڪ ٽيبل ۽ ڪرسي ميسر نه هجي، جيڪو ماڻھو زندگيءَ سان وکَ وکَ تي جنگ جوٽيندو هجي، طبيعتن لڄارڙو، اهو چريو ۽ فقير طبيعت جو ماڻھو شھرت جي ڀلا ڪھڙي اميد رکندو؟
    منهنجي سموري شاعري منهنجي وجود جي وارتائن جو عڪس آھي، مون جيڪو جيئن محسوس ڪيو آھي، ان کي تيئن ئي ڪاڳر تي اتاري محفوظ ڪيو آھي، منهنجو اصل چهرو هيءَ منهنجي شاعري آھي، ان کان وڌيڪ منهنجو مون وٽ ڪو دليل ناهي.
    هن ڪتاب ۾ سهڪار ڪرڻ تي مان پنهنجي بهترين دوست سعيد سومري جو ٿورائتو آھيان، جنهن هن ڪتاب تي پنهنجو کليو رايو ڏنو، ان کان علاوه پياري حبدار سولنگيءَ جا وڏا وڙَ جنهن بيڪ ٽائيٽل لکيو. ڀيڻ فرزانا شاهين جنهن جي منهنجي مٿان سدائين وڏين ڀيڻن جيان ٻاجھه رهي آهي، ان مختصر تاثر لکي مانُ بخشيو، ان کان علاوه پياري سائين صفر ڪلهوڙي ۽ پروفيسر سائين غلام حسين ڪٽپر، سانئڻ صفيه ڪنول ابڙو جا اڻ ڳڻيا احسان، جن پنهنجا رايا ڏئي مونکي عزت بخشي ان کان علاوه پياري ڀاءُ مرتضيٰ لغاريءَ جو ٿورائتو آھيان جنهن اَڻَ ٿڪ محنت ڪري هي ڪتاب اسان سڀني آڏو آندو، پياري ۽ محبوب دوست عبيد ڪٽپر ۽ مصور منگي جو پڻ ٿورائتو آھيان، جن هنَ ڪتاب جي آخري مرحلي تائين ڀرپور سهڪار ڪيو. عزيز دوست پريتم قاضي جا به اڻ ڳڻيا احسان، جنهن هي ڪتاب پبلش ڪيو، نه رڳو منهنجي ڪتاب جي سلسلي ۾ مون سان سهڪاري رهيو آهي پر ساڻس ذاتي زندگي جا به سور سلي دل جو بار هلڪو ڪندو آهيان.

    انجم قاضي
    نئون ديرو


    غزل

    وارَ ڇوڙي چنڊَ سامهون اچي بيهي رهي

    وارَ ڇوڙي چنڊَ سامهون اچي بيهي رهي،
    مورتي ٿي خواب ۾، ڪامڻي بيهي رهي.

    حالتن سان جنگّ ۾، نيٺ وڙھندي اوچتو،
    زخمي ٿي هڪ جاءِ تي، زندگي بيهي رهي.

    رات جي پوئين پھر، ھِنَ خُماريل سانت ۾،
    خالي گھَرَ جِي آ مٿان، چاندني بيهي رهي.

    شامَ ڌاري اوچتو، دَرَ منجهان پائي ليئو،
    ڪنهن الائي سوچَ ۾، نينگري بيهي رهي.

    جُونِ جي ھِنَ سخت گرميءَ ۾ ھڪڙي ڇوڪري،
    معجزن منهنجي مَٿان، واءُ ٿي بيهي رهي.

    سمنڊَ جيڏي پياس هئي، پاڻَ کي “انجم” مگر،
    ھُوءَ کَڻي پنهنجي اڳيان، ھِڪَ چُڪي بيهي رهي.
    **


    باک ويلي چميو جئن گلن جو بدن.

    باک ويلي چميو جئن گلن جو بدن.
    واسجي ويو سڄو پوپٽن جو بدن.

    پوڙهي ور سان سُتل نينگريءَ جي پيو،
    ٿو سدائين سڙي خواهشن جو بدن.

    بند ڪمري ۾ پيل ڪِنِ ڪتابن ۾ ڄَڻُ،
    لفظ چمندا رهيا ڪاغذن جو بدن.

    زندگيءَ جو سمورو لهي ٿڪ وڃي،
    هڪڙو ڀيرو چمڻ ڏي چپن جو بدن.

    مون ڏٺو اُڀَّ تي شام ڌاري ڇُهي،
    واءُ پيو عاجزيءَ مان پکين جو بدن.
    **


    نڪور خوابَ اسان جي اڳيان اچي بيٺا،

    نڪور خوابَ اسان جي اڳيان اچي بيٺا،
    وري سرابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    جتان جتان به گُذر ٿيو ته درد سَوَ سامهون،
    کڻي گلابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    جڏهن به ديسَ جي تاريخ کي پڙهيو کولي
    ڏکن جا بابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    اوهان سواءِ ڏٺوسين نه اک کڻي توڙي،
    سوين نوابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    اڳيان پڙهي نه سگھياسين مٿان وري ڪيئي،
    نوان نِصاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    ڪئي سي پاڻَ کلڻ جي جڏهن به ڪوشش ڪا،
    اکين جا آبَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    سڄي حيات ئي “انجم” کڻي کڻي پيرو،
    سدا عذاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
    **


    رَئي جي وَٽِ ۾ هوءَ وٽي ٿي آرزو،

    رَئي جي وَٽِ ۾ هوءَ وٽي ٿي آرزو،
    خيال ۾ پيئي مَٽي ٿي آرزو.

    رات پويان جيئن کولي ٿي اکيون،
    باک سان گڏجي ڦُٽي ٿي آرزو.

    تون نه آهين توسواء سانئڻ! هتي،
    روز جيئڻ جي ٽٽي ٿي آرزو.

    زندگي انجام ٿي ماڻي وَٺي،
    پرَ نه ڪاٿي ڀي کُٽي ٿي آرزو.

    ازل کان آهي مسلسل پنڌ ۾،
    ٿَڪُ نه “انجم” پَلُ پَٽي ٿي آرزو.
    **


    ٿي رات وئي ڪيڏي، لمحن ۾ اُداسي آ.

    ٿي رات وئي ڪيڏي، لمحن ۾ اُداسي آ.
    ٿو چنڊُ ڏئي پهرو، رستن ۾ اُداسي آ.

    بنبوءَ جي مٿان بيٺو، اي سنڌ امان تنهنجو،
    ڦڙڪي ٿو پَيو پرچم، جھونڪن ۾ اُداسي آ.

    ڇو راس اچي ڪوئي، منظر نه اسان کي ٿو،
    جنمن کان وٺي پنهنجي، دلين ۾ اُداسي آ.

    رستي ۾ اچانڪ اَڄُ، جئن پاڻ مليا آهيون،
    ڪيڏي ته مٺي پنهنجي، لهجن ۾ اُداسي آ.

    ڪو خواب حقيقت آ، ماڻي نه سگھيو انجم!
    تڏهين ته وئي رهجي، اکين ۾ اداسي آ.
    **


    ڪنهن ساريو هو، جو رستن کي هڏڪي آئي،

    ڪنهن ساريو هو، جو رستن کي هڏڪي آئي،
    خاموشيءَ ۾ پئي لمحن کي هڏڪي آئي.

    خالي گھرَ ۾ تنهائيءَ سان ڳالهائيندي،
    جذبن کي ۽ ڪن لفظن کي هڏڪي آئي.

    وارَ سُڪائڻ آڳر تي بيٺي هوءَ اچي،
    واءُ ڇُهي ويو هُنَ جي بدن کي هڏڪي آئي.

    چنڊ ڏٺو پئي ڪلهه اُڀَ تان، هن کي ساريندي
    “ڦلواڙين ۾ خوشبوئن کي هڏڪي آئي”

    تيز هوائون، جيئن اورانگهي آيون ڪمري ۾،
    دَرَ ۽ کڙڪيءَ جي پردن کي هڏڪي آئي.

    تنهنجي تصويرن کي ڏسندي ڏسندي سانئڻ!
    رات اچانڪ ئي اکڙين کي هڏڪي آئي.

    الماڙيءَ جي قيد ٿيل خانن ۾ انجم!
    بند ڪتابن جي ورقن کي هڏڪي آئي.
    **

    طرحي غزل


    هزار سال پراڻي اسان جي تنهائي،

    هزار سال پراڻي اسان جي تنهائي،
    سگھي نه ماڻي پُڄاڻي اسان جي تنهائي.

    سَڄوُ جهان مِڙي ٿي هُجومَ ويو ليڪن،
    رهي اُهائي نماڻي اسان جي تنهائي.

    وَيو وَجودُ فنا ٿي نشان ئي ڪونهي،
    رهي جُڳن کان ڪهاڻي اسان جي تنهائي.

    نه ڪو به نانءُ مليو ذات کي هُيو ڪوئي،
    تڏهن جي آهي پُراڻي اسان جي تنهائي.

    سدائين قيدُ اندر ۾ ڪري رکي انجم!
    ڪڏهن به ڪين اُڏاڻي اسان جي تنهائي.
    **


    هڪ خواب کڻي راهه رُليا پاڻ هئاسين،

    هڪ خواب کڻي راهه رُليا پاڻ هئاسين،
    ڪاٿي ته الائي جي پُڳا پاڻ هئاسين.

    جا واٽ وٺي پيرَ ڌري هوءَ هلي هُئي،
    سا واَٽ، ٿي ڪا لاٽَ ٻريا پاڻ هئاسين.

    هڪ پيار سوا ڪجھ به نه ڄاتوسي دنيا ۾،
    معصوم سدا ٻار رهيا پاڻ هئاسين.

    جنهن ويلَ کنيو پيار مان تو نانءُ اسانجو،
    اُن ويلَ ٿي رابيل ٽڙيا پاڻ هئاسين.

    جنهن وقت سڏيو تو ٿي تنهين وقت اي انجم!
    اُڀ کان به اَڃا اڳتي وَيا پاڻ هئاسين.
    **


    ٻاٽ ڪاريءَ مان اچو نڪري اَچو،

    ٻاٽ ڪاريءَ مان اچو نڪري اَچو،
    باک کانپوءِ سج جيان اُڀري اچو.

    جنهن سمي ڌرتي سڏي انهيءَ سمي،
    راهه جا شيشا، ڪنڊا اُڪري اچو.

    واءُ ۾ بارود ٿو بڇڙو رُلي،
    اي پکي هيڏانهن سَڀُ اُڏري اچو.

    پوءِ به پياري زندگي سَڀَ کي لڳي،
    توڙِي ڏک جي انتها، گذري اچو.

    جي وٺڻ چاهيو فقيري روح جي،
    سانگ سَڀُ لاهي ڀلي سنڀري اچو.
    **


    سلطنت جو ڀَلُ نه تون سلطان ڪر،

    سلطنت جو ڀَلُ نه تون سلطان ڪر،
    ياد خُدا! مونکي فقط انسانُ ڪر.

    پنهنجي پيرن مان وڃي نڪري زمين،
    اوچتو ايڏو نه هيئن حيرانُ ڪر.

    نفرتن ۾ ساهه ٿو ٻوساٽجي،
    پيار ڏئي هيءَ زندگي آسانُ ڪر.

    جو چوي ٿو روح پنهنجو روحَ سان،
    اڄ اُٿي سرِ عام سو اعلان ڪر.

    اُڀَّ تي آزاد ٿي اُڏندا پکي،
    آس تي “انجم” پڪو ايمانُ ڪر.
    **


    رهيو نه جو ڪڏهن به آ گمانَ ۾،

    رهيو نه جو ڪڏهن به آ گمانَ ۾،
    ڏسون پيا اهو اسان جهان ۾.

    سڄو وجود واسجي وڃي پيو،
    جڏهن به هوءَ اچي پئي ڌيان ۾.

    اچي متان به ڏات، رات اوچتو،
    جلائي رک ڪوي ڏيئو تون مان ۾.

    غريب دل خريد ڪٿ ڪري سگھي،
    مهانگو هر وکر هيو دڪان ۾.

    الائي ڪهڙو واءُ ٿو گھلي هتي،
    نه ڪو به شخص آهي اطمينان ۾.
    **


    تو جو ڇوڙيا وار هوا ۾.

    تو جو ڇوڙيا وار هوا ۾.
    وکري وئي مهڪار هوا ۾.

    ڀاڪر پائي ٻکجي ويئي،
    سانئڻ! تنهنجي سارَ هوا ۾.

    جھومن پيا ٿا هيج منجھان سڀ،
    وڻ وڻ جا اڄ ڏار هوا ۾.

    چنگ کڻي درياهَه ڪنڌيءَ تي،
    سر ڇيڙيا ميهار هوا ۾.

    وکري پاڻ ويا آهيون ٻئي،
    مٽّيءَ وانگي يار هوا ۾.

    پوک گلن جيءَ تي چانڊوڪي،
    آهن ڄڻ ته خمار هوا ۾.
    **


    اندرُ خيال گھُري ٿو مونکان

    اندرُ خيال گھُري ٿو مونکان،
    منظر خيال گھُري ٿو مونکان.

    منهنجي اڳيان ٽيبل تي هڪ،
    ڪاڳر خيال گھري ٿو مونکان.

    سامهون واري خالي گھر جو،
    بند درُ خيال گھُري ٿو مونکان.

    شهر سڄي جي هر مسجد ۽،
    مندرُ خيال گھري ٿو مونکان.

    پنهنجي اونهائيءَ کان گهرو،
    سمندر خيال گھُري ٿو مونکان.

    لاوارث فوٽ ــ پــاٿ تــــــي ويــــٺـــل،
    نينگر خيال گھُري ٿو مونکان.
    **


    سپنو سپنو زنگجي ويو آ،

    سپنو سپنو زنگجي ويو آ،
    ڪو اوسيئڙو زنگجي ويو آ.

    سال ٿيا ڳالهايو ناهي،
    جملو جملو زنگجي ويو آ.

    جھُڙ ۾ ايئن لڳي ٿو سارو،
    اڀ جو چهرو زنگجي ويو آ.

    خالي گھر جي دروازي ۾،
    لڙڪيل تالو زنگجي ويو آ.

    گذريو ناهي ورهين کان ڪو،
    ڄڻ هو رستو زنگجي ويو آهي.

    تو وٽ منهنجو هاڻي سانئڻ!
    خيال ٿي ميرو زنگجي ويو آ.

    ڪالهه ڏٺو مون اُس تي پنهنجو،
    سارو پاڇو زنگجي ويو آ.

    تو نه سنڀاريو جيڪو رت جو
    رشتو رشتو زنگجي ويو آ.

    بيد مشڪ تي پنهنجو انجم!
    لکيل نالو زنگجي ويو آ.
    **


    اي عشق اَڄُ انتها ڪري ڇڏ،

    اي عشق اَڄُ انتها ڪري ڇڏ،
    اَنا سموري فنا ڪري ڇڏ.

    نه سنڌُ ٽُٽَندي اسانجي جيئري،
    وجودَ جا ڀل حِصا ڪري ڇڏ.

    ڪندو نه ڪو ٻيو علاجُ پنهنجو،
    اي وقت تون ئي دوا ڪري ڇڏ.

    مان تنهنجي سامهون مِٽِي هان سائنڻ!
    ڀَلِي تون خود کي ھَوا ڪري ڇڏ.

    نه جيڪا جڳ کان ڪڏھن به وسري،
    حيات اھڙي ڪَٿا ڪري ڇڏ.

    چَرِي هي دل ضِدُ ڪَرِي پَئي جو،
    ڪڏھن ته پورو خُدا ڪري ڇڏ.

    ڀلي نه پنهنجو خُلوصُ ڄاڻن،
    مگر تون انجم! وفا ڪري ڇڏ.
    **


    اڄ ڪائي ڄڻ ڇيت چُڀي ٿي اندر ۾،

    اڄ ڪائي ڄڻ ڇيت چُڀي ٿي اندر ۾،
    هلڪي هلڪي ڪوڪَ اُٿي ٿي اندر ۾.

    چنڊُ ڏسي ٿي ٻڪ جھلي هوءَ دعا جي لاءِ،
    ڇا ته الائي پيئي گھُري ٿي اندر ۾.

    ڪيسيتائين گھاريندي پئي گونگي ٿي،
    روزانو خاموش مَري ٿي اندر ۾.

    پاڻ ڪري محسوس پئي ويراني ۾،
    کڻي جڏهن به اُک ڏسي ٿي اندر ۾.

    جيون کي آ ٻاٽَ وڪوڙي “انجم” وئي،
    ها پَرَ هڪڙي لاٽ ٻري ٿي اندر ۾.
    **


    سانجھيءَ جي ويل آهي، رستا اداس آهن،

    سانجھيءَ جي ويل آهي، رستا اداس آهن،
    پنهنجا ئي اڄ اسان سان، پاڇا اداس آهن.

    ڪو دور دور تائين، مونکي سڏي پيو ڄڻ،
    صحرا اڳيان رڳو آ، واڪا اُداس آهن.

    خاموش وَڻَ سڀيئي، ڪائي هوَا نه آهي،
    ٿي ايترا ويا ڇو، لمحا اُداس آهن.

    پئي مرڪ ۾ لڪايو، هڪ درد کي اسان ٿي،
    ۽ گفتگوءَ ۾ پنهنجي، لهجا اُداس آهن.

    منهنجي اکين جا مونکان، تفصيل سان ائين تون،
    اي دوست پڇُ نه ڪيڏا سپنا اُداس آهن.
    **


    رات ٿيندي اُداس رستي تي،

    رات ٿيندي اُداس رستي تي،
    چنڊ نڪتو حساس رستي تي.

    ٿي نه اوجھل وڃانءِ نيڻن کان،
    هٿ ڏئي هل اُماس رستي تي.

    پيرَ رُڪجي پون، کڄي وک نه ڪا،
    هيءُ ڪنهن جو آ واس رستي تي.

    بند آواز ٿي ويا آهن،
    ڪيترو آ هراس رستي تي.

    ڪير پيئي ويو آ اڇلائي،
    ڪنهن جو آهي گلاس رستي تي.

    ڪيتري دير ٿي وَئي انجم!
    رُلُ نه ايڏو حساس رستي تي.
    **


    وري واءُ وانگي گھلي ٿا ڏسون،

    وري واءُ وانگي گھلي ٿا ڏسون،
    ۽ دربدر ٿي رُلي ٿا ڏسون.

    ڪڏهن ڪونه آيو اسان ڏي خُدا!
    اسان ئي خُدا ڏي هلي ٿا ڏسون.

    ٽَهڪَ بدران ڳوڙها تري ٿا اچن،
    جڏهن غم ڀلائي کلي ٿا ڏسون.

    زماني جون ڳالهيون رکي پوئتي،
    هلي پاڻ هُنَ سان ملي ٿا ڏسون.
    **


    آئي نه ڪا پڪار ڪٿي آ،

    آئي نه ڪا پڪار ڪٿي آ،
    پهتي وڃي نهار ڪٿي آ.

    روڪيان اُداس رات جو مان پر،
    “هُن چنڊ کي مهار ڪٿي آ”

    هن ڇوڪريءَ سواءِ ئي هاڻي،
    مَنَ کي رهي ٻي سارَ ڪٿي آ.

    ڪيڏو پکي بلند به اُڏري،
    اک جيتري اُڏار ڪٿي آ.

    موجود روحَ ۾ آ صدين کان،
    هوءَ ڌار ٿي به ڌار ڪٿي آ.

    سڀ ڏوههَ سڀُ قصور ها پنهنجا،
    ڪنهن تي رکي ميارَ ڪٿي آ.
    **


    هيءُ ڪهڙو وقت ايندو ٿو وڃي،

    هيءُ ڪهڙو وقت ايندو ٿو وڃي،
    جو اچي سو درد ڏيندو ٿو وڃي.

    ويا اُجھامي سڀ ڏيئا آڪاس جا،
    هوءَ نه آئي، ڏينهن ٿيندو ٿو وڃي.

    جو ملي ماڻهو ٿو تنهنجي ڳوٺ جو،
    نانگ وانگي سو ڏنگيندو ٿو وڃي.

    ٻارَ کي ڪهڙي خبر، هُنَ جو انگلُ،
    ڪيئن امڙ، بابا مڃيندو ٿو وڃي.

    ٿي ڪڪر تون برسُ مون تي زورَ سان،
    عشق اڄ آڙاهه ٿيندو ٿو وڃي.

    ڌر تتيءَ جو هُو مسافر هيکلو،
    ڪيرُ آ، ڪنهن کي سڏيندو ٿو وڃي؟
    **


    ڄڻ ازل کان ئي لهي فوٽ پاٿ تي،

    ڄڻ ازل کان ئي لهي فوٽ پاٿ تي،
    درد پيو آهي رهي فوٽ پاٿ تي.

    نيڻ ڳوٺان خواب جو آيا کڻي،
    سو شهر جي ويو ڊهي فوٽ پاٿ تي.

    سُڏڪندي هو ڪالهه هن مونکي چيو،
    “ناهي روئڻ ائين صحي فوٽ پاٿ تي”

    رات جو روڊن تي رُلندي سانت ۾،
    مون ڏٺيِ لڇندي وهي فوٽ پاٿ تي.

    جنهن سمي آواز سڀ خاموش ٿين،
    ويهُه مونسان پَلَ ڪهي فوٽ پاٿ تي.

    ڪوئي سيلاني مري ويو اوچتو،
    زندگيءَ جا ڏک سهي فوٽ پاٿ تي.
    **


    ها جڏهن ڀي رات ٿي مون تي لهي،

    ها جڏهن ڀي رات ٿي مون تي لهي،
    روشني، ٿي ڏات، ٿي مون تي لهي.

    سڀ ويا خاموش ٿي آواز هن،
    درد ميڙي سانت ٿي مون تي لهي.

    ساڻ هڪڙي سارَ آهي سمنڊ تي،
    ۽ مٿان برسات ٿي مون تي لهي.

    تيئن جياپي کي ملي اتساهه ٿو،
    جئن مٺيءَ جي تات ٿي مون تي لهي.

    اوچتو “انجم” نئين نئين روپ ۾،
    هر دفعي حالات تي مون تي لهي.
    **


    آهي رهيو سدائين طوفان جو تسلسل،

    آهي رهيو سدائين طوفان جو تسلسل،
    قائم رکيو اسان ته به ايمانَ جو تسلسل.

    اُن ڏينهن ئي فنا ٿي ماڻهو ويا هزارين،
    هن شهر جي ڏٺوسين شمشان جو تسلسل.

    جيئن عمر پئي ٿي گذري تئين حَدَ پيو لتاڙي،
    ساڳيو رهي نه ٿو سو انسان جو تسلسل.

    ڪوئي ڏسي اچي ها، ڪيئن اوچتو ٽٽو پئي،
    هئه هئه اسان جي من جي ارمان جو تسلسل.

    هر راهه ۾ ٿو رسوا، ٿيندو اچي ڏسون ٿا،
    پوءِ ڀي خُدا سان آهي شيطان جو تسلسل.
    **


    اونداهو جيئن جيئن اڳتي پئي رستو ٿيندو ويو،

    اونداهو جيئن جيئن اڳتي پئي رستو ٿيندو ويو،
    هٿ ڇڏائي مونکان گم هر رشتو ٿيندو ويو.

    عمر جي گاڏي تيز هلي پئي، شيشي مان ڏسندي،
    هوريان هوريان منظر سارو ڌنڌلو ٿيندو ويو.

    ڪاوڙ مان تو ڪالهه ڏنو اُڇلائي جيڪو هو،
    هيٺ ڪرڻ سان ڏاڍو زخمي جملو ٿيندو ويو.

    اهڙو ٿي ويو عشق اچانڪ توسان او جانان!
    نننڍڙو ننڍڙو سور به تنهنجو صدمو ٿيندو ويو.

    جيئن ئي رات گھٽيءَ ۾ سيٽيءَ جو پڙلاءُ پيو،
    ننڊ ڦٽي ۽ “انجم” پرزا سپنو ٿيندو ويو.
    **


    پير ۾ پازيب پائي ٿي هوا،

    پير ۾ پازيب پائي ٿي هوا،
    ڄڻ غزل ڪو گنگنائي ٿي هوا.

    آنءُ بيٺو سوچ جي هان سمنڊ تي،
    خيال جي اُڀ تي اُڏائي ٿي هوا.

    بخملي تنهجو بدن چمندي مٺي!
    هيجَ ۾ سڀ ڪجھ لُٽائي ٿي هوا.

    مان وڃان اڳتي پيو وڌندو جيئين،
    پوئتي واپس ورائي ٿي هوا.

    هلندي هلندي اوچتو مونکان سدا،
    هٿّ مان هٿ کي ڇڏائي ٿي هوا.

    ٿا پکي تصوير ٺاهن ڍنڍ تيَ،
    جن کي اُڀ جا رنگ لائي ٿي هوا.
    **


    عجيب سانت جو هڪڙو آ شور ڌرتي تي،

    عجيب سانت جو هڪڙو آ شور ڌرتي تي،
    ازل کان درد جو آهي ته دؤر ڌرتي تي.

    رڳو بارودَ جي بدبوءِ چوڏسا آهي،
    الائي ڪهڙو ته آيو آ دؤر ڌرتي تي.

    هزار سال ويا ٿي مگر جُڳن وانگي،
    اڃا به پياس ۾ ٿَرَ جو آ مور ڌرتي تي.

    ڏسان ٿو باک جي تصويرَ ۾ ندي هڪڙي،
    “اُٿي سويرَ پکي ڪن ٿا دور ڌرتي تي”.

    علاجُ هيلَ به هِنَ ديسَ جو نه ٿيو ڪوئي،
    اڳي جيان وَيو رهجي ته شور ڌرتي تي.

    اُماس رات جي پويان يقينُ رک انجم!
    صُبوح نيٺ آ ٿيڻو ضرور ڌرتي تي.
    **
    طرحي غزل


    اوهان کان جيئن ئي وسري ويا اسان آهيون،

    اوهان کان جيئن ئي وسري ويا اسان آهيون،
    مٽي ٿي واءُ ۾ وکري ويا اسان آهيون.

    اُها ٻي ڳالهه ته ساڀيان نه پاڻ ماڻي ڪا،
    تڏهن به خواب کڻي جي ويا اسان آهيون.

    جتي به واسُ اوهانجو مليو اسان کي آ،
    اُتي بي ساخته رُڪجي ويا اسان آهيون.

    حيات آهي سفر ۾ سڄي گذاري هيءَ،
    اَڄاڻ پيچرا گذري ويا اسان آهيون.

    نه آسمانُ نه ڌرتي پَتُو ڏئي انجم!
    لڳي ٿو راهه ئي ڀُلجي ويا اسان آهيون.
    **


    هي ڪنهن جو واسُ اڃا آ صبا جي رستي ۾،

    هي ڪنهن جو واسُ اڃا آ صبا جي رستي ۾،
    ويو خمار آ رهجي گھٽا جي رستي ۾.

    جڏهن به سَڏُ خدا کي ڪيو اسان آهي،
    هَوا جو شور رهيو آ صدا جي رستي ۾.

    نوان سوال کڻي ڪيترا زماني جا
    “لٿا خدا جا مخالفت خُدا جي رستي ۾”

    دوا خريد ڪري پاڻ ڪونه سگھياسين،
    سڄي حيات لُڇياسين دُعا جي رستي ۾.

    رُڪي نه آهي، نه روڪي سگھي ڪو ماڻهو ٿو،
    وڇايو ڀَلُ ته پٿر ڀي هوا جي رستي ۾.

    هزار عيب اسان ۾، مگر ائين ناهيون،
    جيئين چون ٿا هوُ ماڻهو گلا جي رستي ۾.

    اسان خلوصُ ڇڏيو ڪونه پوءِ به انجم آ،
    وياسين توڙي جو لُٽجي وفا جي رستي ۾.
    **
    طرحي غزل


    رات مون منظر ڏٺو آڪاس تي،

    رات مون منظر ڏٺو آڪاس تي،
    چنڊ ڪو چهرو ٿيو آڪاس تي.

    ڇو نه ٿو سورجُ اَڃا اُڀري اچي،
    آءُ کڙڪايون ڪَڙو آڪاس تي.

    مون ڏٺو پئي ڪو اويلو هيڪلو،
    هڪ پکي اُڏندو ويوَ آڪاس تي.

    اڄ به مونکي ياد آهي، اوچتو،
    جو ٿيو کڙڪو هُيو آڪاس تي.

    چوڏسا ٿي ٻاٽ ڪاري آ وئي،
    ڇو نه چنڊُ، تارو کڙيو آڪاس تي.

    مون اڃا ڌرتيءَ تي کوڙيا پيرَ مسَ،
    هوُ وڃي انجم! پڳو آڪاس تي.
    **


    پاڻ ٺاهي پاڻ تي مرڪي پئي،

    پاڻ ٺاهي پاڻ تي مرڪي پئي،
    پاڻَ آهي پاڻ تي مرڪي پئي.

    خيال ۾ ڀاڪر ڀَري آڪاس تان،
    چنڊ لاهي پاڻَ تي مرڪي پئي.

    ڪاڄَ ۾ هڪ جيڏين سان هيج مان،
    سونهن ساهي پاڻ تي مرڪي پئي.

    رات انجم جو پڙهي هڪڙو غزل،
    هوءَ آهي پاڻَ تي مرڪي پئي.
    **


    هر آدميءَ کي پنهنجي فڪرات جو تصور،

    هر آدميءَ کي پنهنجي فڪرات جو تصور،
    هر وقت ئي رهي ٿو حالات جو تصور.

    جا ديد روشنيءَ کان محروم عمر هوندي،
    رکندي اُها ڀلا ڪيئن پرڀات جو تصور.

    ڪوئي ڌرم رهي نه، انسانيت هجي بس،
    شل ساڀيان سگھي ٿي، هِنَ ڏات جو تصور.

    جيڪو ڪکن، پنن سان ٺاهيو هُيو اسان پئي،
    ڊاهي ٿو گھرُ اُهو اڄ، برسات جو تصور.

    وَڻَ ٽڻ، هوا ستارا، منظر حسين ماڻهو،
    ڪيڏو رنگين سهڻو، ڪائنات جو تصور.

    هر واٽ، ٻاٽَ هُئي ۽ راڪاس چوڏسا هو،
    اُڀري اچي پَيو ٿو اُن رات جو تصور.

    ڀورا ڪري هَلي وئي، هڪ اوچتو حَسينا!
    جيڪو هيو مون جوڙيو، جذبات جو تصور.

    ٿي گھوٽُ چنڊُ ڄڻ هُو، آيو نديءَ ۾ آهي،
    تارا پَيا ڏين ٿا، بارات جو تصور.

    اجرو اڃا به انجم! ساڳيو جُڳن کان دائم
    “تنهنجي اکين ۾ آهي پرڀات جو تصور”
    ** طرحي غزل


    سُرَ پيار جا سهيڙي

    سُرَ پيار جا سهيڙي
    رنگ ٿي هوا سهيڙي.

    ٿڪجي پيو وقت آهي،
    جڳ جي ڪَٿا سهيڙي.

    گلڙن جي پوک مان ٿي،
    خوشبو هوا سهيڙي.

    ٿي دوستُ، رکُ نه دل ۾،
    ايڏي دغا سهيڙي.

    ڏي ماءُ پئي ٻچن کي،
    پنهنجي دعا سهيڙي.

    ٿو سمنڊُ چنڊ، تارا،
    آڪاس جا سهيڙي.
    **


    مرضيءَ سان پَلُ به پنهنجي، سگھجي نه جي خدايا!

    مرضيءَ سان پَلُ به پنهنجي، سگھجي نه جي خدايا!
    ايڏي نه ڏي اسان کي، تون بي وسي خدايا!

    هر آدميءَ کي آهي، بس درد دائمي ۽،
    باقي خوشي رهي ٿي، پلُ عارضي خدايا!

    بارود سرحدن کان باهيون کڻي اچي ٿو،
    دوزخ بڻي سڄي تنهنجي سرشٽي خدايا!

    هڪ هڪ گھڙيءَ سان جھيڙي ٿڪجي پيو مان آهيان،
    موٽائي وٺ تون مونکان، هيءَ زندگي خدايا!

    دنيا جي هرندي، ۽ درياههُ پي وڃڻ سان،
    پوري نه سمنڊ جي ٿي، ته به تشنگي خدايا!

    جيون سڄو ئي صحرا، ڪو ڇانورو نه آهي،
    پنهنجي نصيب ۾ آ، ڇو ڌرتتي خدايا!

    ڪائي پري نه گھرجي، ڪا حور ڏي نه ڀل تون،
    هڪ ئي فقط گھران ٿو، هوءَ ڇوڪري خدايا!

    پنهنجو مزاج سڀ کان ڪيڏو الڳ ٿلڳ آ،
    دنيا لڳي سڄي هيءَ ٿي اوپري خدايا!

    جاڏي نظر وڃي ٿي، اونداههُ ئي اڳيان آ،
    “ڪيڏانهن هلي وئي آ، ڏس روشني خدايا”
    **


    اوچتو ڪلهه بي ڪفن منهنجون اکيون،

    اوچتو ڪلهه بي ڪفن منهنجون اکيون،
    ٿي مٽيءَ ۾ ويون دفن منهنجون اکيون.

    شام ڌاري هڪ نڪوري خيال ۾،
    ٿيون چمن تنهنجو بدن منهنجون اکيون.

    من سڄو ڌرتيءَ جيان پسندو رهيو،
    جيئن برسيون ٿي گگن منهنجون اکيون.

    ڄڻ صدين کان ڪامڻيءَ جي آ رهيو،
    عشق جو هڪڙو وطن منهنجون اکيون.

    سڀ پکي آزاد ٿي اُڀَ تي اڏن،
    ٿيون گھرن “انجم” امن منهنجون اکيون.
    **


    دل جي لڳيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان،

    دل جي لڳيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان،
    هڪ عاشقيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.

    خاموش شهر جي هر رستي تي چنڊ جي،
    آوارگيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.

    ڇاتيءَ مٿان جا هن جي، ويئي چمي ڏئي،
    تنهن مينهن ڪڻيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.

    رنگين شام، اُڀَ تي اڏندا پکي رهيا،
    سامهو نديءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.

    گذري صديون وَيون پر، اڄ ڏينهن تائين ڀي،
    هڪڙي گھڙيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.

    انجم! اُداس گم سُم، پارڪ ۾ هيکلي،
    ڪنهن ڪامڻيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.
    **


    رات مان ڏسان ٿو خواب ۾،

    رات مان ڏسان ٿو خواب ۾،
    واءُ ٿي رُلان ٿو خواب ۾.

    ٿي ڪڪر جي گھوڙي تي سوار،
    توڏي مان اچان ٿو خواب ۾.

    چنڊ جي مٿان آ روشني،
    ۽ غزل لکان ٿو خواب ۾.

    آبَ مان ويو ٿي سمنڊ آ،
    ايترو روئان ٿو خواب ۾.

    تنهنجي ريشمي بَدَنَ مٿان،
    مينهن ٿي لهان ٿو خواب ۾.
    **


    حسين روز ڪيترا حجاب ٿا ٽڙن اڃا،

    حسين روز ڪيترا حجاب ٿا ٽڙن اڃا،
    اسان جي دل مٿان سوين گلاب ٿا ٽڙن اڃا.

    زمين تي نه پير هن، اڏامندا وڃون پيا،
    خمار نينهن جا نوان، شباب ٿا ٽڙن اڃا.

    گھڻو اڳي گھڻو اڳي، چٽو اڃا به ياد ٿم،
    چميو هو ڪنهن جي نورَ کي ثواب ٿا ٽڙن اڃان.

    کلان ته دل کلي نه ٿي، روئان ته دل مڃي نه ٿي،
    نئي نئي ته روپ ۾، عذاب ٿا ٽڙن اڃا.

    جڏهن به پنهنجي نانوَ کي رکي ڇڏيو سوال ۾،
    اکين ۾ ڪامڻيءَ جي جواب ٿا ٽڙن اڃا.

    ڏٺم جو ڪالهه اوچتو کڻي هٿن ۾ اي مٺي!
    ڏنا جي مونکي تو هيا گلاب ٿا ٽڙن اڃا.

    انجم! قدم قدم اڳيان، رهي رڳوئي ٻاٽ ته به،
    اکين ۾ سوجھرن جا ڪي خواب ٿا ٽڙن اڃا.
    **


    نئين صبح جي نئين روشنيءَ جو وطن،

    نئين صبح جي نئين روشنيءَ جو وطن،
    خوشبو خوشبو سڄو شاعريءَ جو وطن.

    اڄ به ريتن جي دوزخ جي آڙاهه ۾،
    ٿو سڙي اڳ جيان نينگريءَ جو وطن.

    عارضي ٿو ملي سڀ کي جيون هتي،
    آ مٽي ئي اصل آدميءَ جو وطن.

    آسمان کان مٿي نئين جهان ۾ نئون،
    مون ڏٺو خواب ۾ ڪامڻيءَ جو وطن.

    نقشو دنيا سڄيءَ جو ٻڌائي پيو،
    سمنڊ ئي آ رهيو هر نديءَ جو وطن.

    شال اجرن رنگن ساڻ دائم رهي،
    تنهنجي وارن ۾ تنهنجي سڳيءَ جو وطن.

    عشق جي هر ڪهاڻي ڏسي ٿي پئي،
    درد آهي رهيو عاشقيءَ جو وطن.
    **
    طرحي غزل


    ڇا ڇا ته خيالن ۾ احساسُ کڻي آئي،

    ڇا ڇا ته خيالن ۾ احساسُ کڻي آئي،
    ڀاڪرَ ۾ سهيڙي ھُوءَ آڪاسُ کڻي آئي.

    تاريخَ گواهه آھي، منشورَ لتاڙي سَڀُ،
    جُڳَ جُڳَ ۾ سياستَ آ، افلاسُ کڻي آئي.

    تنھائي ٿي جُهونگاري، سارُن جون ڪَويتائون،
    ھِنَ ويلَ ھَوا ھُنَ جو، آ واسُ کڻي آئي.

    بي خوفُ پَکي اُڏَندا، آزادُ ھَوائن ۾،
    نئين باکَ، نِڪورو آ وشواسُ کڻي آئي.

    وارن ۾ اچي ھُنَ جي، ٿو واءُ سَڳِي ڇوڙي،
    رُتِ رنگ ئي هنَ ڀيري، ڪجُھه خاصُ کڻي آئي.
    **


    ساڙ کائي ٿو سڙي پاڙو سڄو،

    ساڙ کائي ٿو سڙي پاڙو سڄو،
    روز ٿو ڳالهيون گھڙي پاڙو سڄو.

    عشق جي الزام ۾ پنهنجي خلاف،
    شام ٿيندي ٿو مِڙي پاڙو سڄو.

    ذات جي ننڍڙين انائن جي ڪري،
    پاڻ ۾ پيو ٿو وڙهي پاڙو سڄو.

    هوءَ جڏهن نڪري ٿي گھر مان اوچتو،
    ٿو گلابن جان ٽڙي پاڙو سڄو.

    ڪيئن اچي توڏي هلي “انجم” مٺي!
    تهمتن سان ٿو تڙي پاڙو سڄو.
    **


    نوان هوءَ خمارن سندا کيت کيڙي،

    نوان هوءَ خمارن سندا کيت کيڙي،
    اکين ۾ وئي پيار جا کيت کيڙي.

    ستن آسمانن جي دوريءَ تان اڄ ڀي،
    جهان لاءِ پيو ٿو خدا کيت کيڙِي.

    سويري اُٿي وردُ ساري ڌڻيءَ جو،
    گلن جا پئي ٿي هوا کيت کيڙي.

    اُهو سچَّ آهي اڳي جان اسان ۾،
    اڃا ڀي پئي ڄڻ اَنا کيت کيڙي.

    وَڃي پاڻ بک ۾ پيو پاهه ٿيندو،
    سدا رزق جا جنهن ڏنا کيت کيڙي.

    ڏسي گيلريءَ جي مٿان چنڊُ انجم!
    خيالن ۾ ٿو خيال جا کيت کيڙي.
    **


    سجَّ لٿي کان هلڪا هلڪا خيمي ۾،

    سجَّ لٿي کان هلڪا هلڪا خيمي ۾،
    ڪنهن جا گونجن پيا ٿا سڏڪا خيمي ۾.

    روئي روئي نيٺ ڪري ويا ننڊ آخر،
    پيٽ بکايل ڪنهنجا ٻچڙا خيمي ۾.

    پنهنجي ٻارن جي آئيندي تي ويهي،
    هڪڙي ماءُ ٿي سوچي تنها خيمي ۾.

    اڏندي اُڀ تي روز جهازن کي ڏسندي،
    ننڍڙو نينگر جوڙي سپنا خيمي ۾.

    آڌي رات اگهاڙا پنهنجا نيڻ کڻي،
    چنڊ پيو ٿو پائي ليئا خيمي ۾

    ڪاري رات وڪوڙي ويئي انجم آ،
    ڪونه ٻريا ڇو آهن ڏيئا خيمي ۾.
    **


    شهر جا سارا هئا رستا ٿڪل،

    شهر جا سارا هئا رستا ٿڪل،
    پيا اکين ۾ ٻيا هئا الڪا ٿڪل.

    اوچتو جئن ئي ٿياسين روبرو،
    ڪيترا پنهنجا هيا لهجا ٿڪل.

    ٿي جدا هڪ شخص کان ائين ٿو لڳي،
    چڻ ته آهن هاڻ سڀ لمحا ٿڪل.

    ٿوڙو اڳتي هلي رُڪجي ويا،
    ڪيترا ها ويجھڙا رشتا ٿڪل.

    پٽَ مُئي کان پوءِ ڪراڙيءَ ماءُ وٽ،
    بس ويا رهجي فقط سڏڪا ٿڪل.

    ساڀيان ماڻي نه انجم ڪا سگھيا،
    پنهنجي نيڻن جا رهيا سپنا ٿڪل.
    **


    ائين اچي پئي اڄ هوا کڙڪيءَ منجھان،

    ائين اچي پئي اڄ هوا کڙڪيءَ منجھان،
    ڪا ڏئي ڄڻ ٿي صدا کڙڪيءَ منجھان.

    هوءَ نه آهي پوءِ ڀي هُن جي پئي،
    ٿي اچي خوشبو اڃا کڙڪيءَ منجھان.

    شاعريءَ جا اوچتو طوفان ۾،
    ويا اُڏامي سڀ پنا کڙڪيءَ منجھان.

    رات ڪاري ڄڻ اچي مونکي ڏيئي،
    ٿي نياپا باک جا کڙڪيءَ منجھان.

    هڪ حسينا پئي سُتي ڪمري ۾ آ،
    چنڊ ٿو پائي ليئا کڙڪيءَ منجھان.

    جڳ لتاڙي روز ٿي مونسان ڪري،
    هُنَ جون ڳالهيون پئي هوا کڙڪيءَ منجھان.

    هٿ هلائي اوچتو انجم روئي،
    هن ڪيو هو الوداع کڙڪيءَ منجھان.
    **


    وقت کي ڪيڏو لتاڙي حادثا،

    وقت کي ڪيڏو لتاڙي حادثا،
    ٿا وڃن سڀ ڪجھ اُجاڙي حادثا.

    هر گھٽيءَ، رستي پُٺيان ماڻهوءَ جي،
    پيا هلن ٿا ڄڻ ته تاڙي حادثا.

    جن جو ڀُلجي ڀي نه ڪڏهين ٿيو گُمان،
    مون ڏٺا اهڙا الاڙي حادثا.

    نقش ئي مٽجي وڃن سارا پَيا،
    ٿا ڇڏن جيون چيهاڙي حادثا.

    ڪيترا، ڪهڙا ٻڌايان او سکي!
    جي ٿيا تنهنجي ها پاڙي حادثا.

    ڇو لڳي هر موڙ تي “انجم” کي ٿو،
    پاڻ کي ويا هن هي جهاڙي حادثا.
    **


    مختصر ڪيترو قصو هوندو،

    مختصر ڪيترو قصو هوندو،
    جنهن ۾ هڪ درد ئي رڳو هوندو.

    سو حياتي وري وري گھرندو،
    جنهن کي تو پيار مان ڏٺو هوندو.

    لفظ تنها ڪندا وڃن مونکي،
    هو جڏهن ڀي آ روبرو هوندو.

    هي جا سنسار سونهن ورتي آ،
    تنهنجي اک جو ئي معجزو هوندو.

    تنهنجي آواز مان ڦٽي سانئڻ!
    لفظ خوشبوءِ ٿي وَيو هوندو.

    جيڪو تو لئه رکي مدائي ٿو،
    شخص ڪيڏو اُهو برو هوندو.

    ڪهڙو جيون ڀلا گذاريندو،
    خاڪ جنهنجو ٿيو اَجھو هوندو.
    **


    زلف تنهنجا ڇهي جا اچي ٿي هوا،

    زلف تنهنجا ڇهي جا اچي ٿي هوا،
    رقص پو بي خوديءَ ۾ ڪري ٿي هوا.

    شام ٽاريءَ جي وڻ تي پنن کي ڏسي،
    ٿو لڳي ڄڻ ته توکي سڏي ٿي هوا.

    پاڻ کي ڪيترو سرهو سمجھي پئي،
    تنهنجي در کان جا گذري وڃي ٿي هوا.

    تون نه آهين ته مايوس ٿي سانوري!
    اک ۾ ڳوڙها کڻي پئي گھمي ٿي هوا.

    من وياڪل ۽ منظر لڳن سڀ اُداس،
    هيءَ الائي ته ڪهڙي گھلي ٿي هوا.

    ڪائي حسرت کڻي ڪن جڳن کان وٺي،
    دربدر ڄڻ ته ٿي هيءَ رُلي ٿي هوا.

    تنهنجي ساهن جا آواز جئن ٿي ٻُڌي،
    رات ڀر پوءِ رڪجي پوي ٿي هوا.
    **


    ائين مٺي! پنهنجي ڪهاڻي ٿي وئي،

    ائين مٺي! پنهنجي ڪهاڻي ٿي وئي،
    زندگي پنهنجي ڪهاڻي ٿي وئي.

    سمنڊ جي ڀاڪر ۾ ناهي چنڊُ ٿيو،
    ساجھري پنهنجي ڪهاڻي ٿي وئي.

    آنءُ رانديڪو مٽيءَ جو ئي هيس،
    ۽ مٽي پنهنجي ڪهاڻي ٿي وئي.

    ڪيئن الائي ڳوٺ ساري ۾ وڃي،
    هيءَ چٽي پنهنجي ڪهاڻي ٿي وئي.

    ڪيترا رشتا رکي مون سان سکي!
    ساڻ ٿي پنهنجي ڪهاڻي ٿي وئي.

    ڪيتري چالاڪ، سهڻي، سيبتي،
    ڇوڪري پنهنجي ڪهاڻي ٿي وئي.

    ڪانه برسي بوند “انجم” پاڻ تي،
    ڌرتتي پنهجي ڪهاڻي ٿي وئي.
    **


    پنهنجي محبت اها اڃا تائين،

    پنهنجي محبت اها اڃا تائين،
    توڙي آهيون جدا اڃا تائين.

    وار تنهنجا ڇهي هئي نڪتي،
    مست آهي هوا، اڃا تائين.

    مونکي ماري به ٿا رکن مون لئه،
    دوست دل ۾ دغا اڃا تائين.

    ڄڻ ته گھاڻي منجھان بلاول جي،
    ڪا اچي ٿي صدا اڃا تائين.

    هڪڙو پل پيار تو ڏنو جيڪو،
    ڪونه وسريو اڃا اڃا تائين.

    ڪونه ٿي ڇو قبول “انجم” جي،
    ڪابه هڪڙي دعا اڃا تائين.
    **


    جڏهن به ڪو ويساهه کسي ٿو،

    جڏهن به ڪو ويساهه کسي ٿو،
    ائين لڳي ڄڻ ساهه کسي ٿو.

    تنهنجو هيل وڇوڙو مونکان،
    جيئڻ جو ارواح کسي ٿو.

    اچو اچو تحريڪو جوڙيون،
    سنڌو هو درياهه کسي ٿو.

    هڪ ڏينهن واپس نيٺ حياتي،
    ماڻهوءَ کان الله کسي ٿو.
    **


    اڄ به وينگس جون سرهاڻيون جاڳن ٿيون،

    اڄ به وينگس جون سرهاڻيون جاڳن ٿيون،
    بند ڪمري ۾ ڪيئي يادون جاڳن ٿيون.

    ڇيرن جي آلاپن سان هوءَ اچڻي آ،
    اوسيئڙي ۾ ڪاريون راتيون جاڳن ٿيون.

    لفظن کي اوجاڳا آهن سالن جا،
    ڳوٺ سڄي ۾ پنهنجيون ڳالهيون جاڳن ٿيون.

    آئيندي جي ڪائي سُڌ ئي ڪونه اٿسِ،
    ٻارَ جي مَنَ ۾ اجريون مستيون جاڳن ٿيون.

    واءُ گھلي ٿو پاڻ سان گڏ راڪاس کڻي،
    خوف منجھان سڀ شهر ۽ وستيون جاڳن ٿيون.

    بنگلا سارا ننڊ ڪري ويا گھري هنِ،
    لاڳيتيون ئي ڪچيون بستيون جاڳن ٿيون.

    جئن جئن کوليون “انجم” آهن اڄ تائين،
    ڪونه ستيون هن اکيون پنهنجون جاڳن ٿيون.
    **


    آهي رنگين سارو خاص ڳوٺ جو،

    آهي رنگين سارو خاص ڳوٺ جو،
    دلڪش حسين لڳي آڪاس ڳوٺ جو.

    جنهن وقت جوش مان ڳڀرو اُٿيو هيو،
    سرجي پيو نئون اتهاس ڳوٺ جو.

    برسات جئن پئي، وَڻ ۽ ڀتين مٿان،
    آئي هوا کڻي هئي واس ڳوٺ جو.

    مصروف شهر ۾، اڀري پيو سدا،
    اجري صبح جيان احساس ڳوٺ جو،

    جنهن کي مڃيو اسان، ماڻهو ڪري اهو،
    کائي ڪُتي جيان ويو ماس ڳوٺ جو.
    **


    ڪنهن سوڳ جيان آهي اندر جي اڪيلائي،

    ڪنهن سوڳ جيان آهي اندر جي اڪيلائي،
    ڀاڪر ۾ ڀري روئي، هر روز ٿي تنهائي.
    ¬
    ايڏي ته رهي آهي، مصروف حياتي جو،
    جڳ سان نه سگھي ٿي آ، پنهنجي ڪا شناسائي.

    محسوس ڪيان خود کي، ٿو هاڻي پٿر وانگي،
    پائيندي وڃي مونکي ٿي سمنڊ جي گھرائي.

    ڪو وقت به ميساري پيـڙا نه سگھيو پنهنجي،
    هڪ ڇيتِ چُڀي ڄڻ پئي دل ۾ ٿي اڃا ڪائي.

    خاموش فضا ۾ اڄ هيءُ واءُ خماريل آ،
    اڻڄاڻ اداسي ڪا، آ شام کڻي آئي.

    هڪ ياد اچي پيئي، ناڪام محبت جي،
    پاڙي ۾ وڄي ڪائي، جڏهين به ٿي شهنائي.

    ڪيڏو به اُڏاڻو پر، اُڀَ تي نه پکي پهتو،
    اڪري نه سگھيو انجم! آڪاس جي اوچائي.
    **


    رهيو هڪڙو اونداهه ڪارو هئو

    رهيو هڪڙو اونداهه ڪارو هئو،
    سڄو پنهنجو جيون مونجھارو هئو.

    لڳو رات بيٺي نديءَ جي مٿان،
    ستارو ستارو اُڃارو هئو.

    هجر جي جيئن شام آئي هئي،
    ۽ غمگين سارو نظارو هئو.

    جئين سانوريءَ وار ڇوڙيا پئي،
    هوا ڇيڙيو ٿي نغارو هئو.

    اسان کي نصيبن ۾ هڪڙو دفعو،
    مليو ٽهڪ شايد اُڌارو هئو.

    ڪڏهن وقت مونسان، ڪڏهن مون وري،
    ڪيو هڪ ٻئي سان گُذارو هئو.

    اُتي پنهنجي ڪشتي ٻُڏي وئي، جتي،
    “اکين جي اڳيان ئي ڪنارو هئو”

    اهي ئي ڪڍي پير پنهنجا ويا،
    ڏنو جن کي “انجم” سهارو هئو.
    **
    طرحي غزل


    ڪنهنجي ڳولها ۾ پيو لڇندو رهي،

    ڪنهنجي ڳولها ۾ پيو لڇندو رهي،
    رات ٿيندي چنڊ ٿو رلندو رهي.

    اڄ به منهنجي ڄڻ اکين ۾ رات جو،
    باهه ٿي هڪ خواب ٿو ٻرندو رهي.

    ڪير آهي هيءَ گيڙو ويس ۾،
    جو مسافر پيار ٿو پڇندو رهي.

    ڪنهن مٽيءَ جي ڄڻ ته رانديڪي جيان،
    روز هڪڙو شخص ٿو ڀُرندو رهي.

    ٿي پٿر ماڻهو ويو آهي هتي،
    پيو ستم سهندي به کلندو رهي.

    ٿا لڳن منظر سڀئي هاڻي اداس،
    “فرقتن ۾ جيءُ ٿو جھرندو رهي”
    **
    طرحي غزل


    تخليق کي ملي جئن وشواس جي اميري،

    تخليق کي ملي جئن وشواس جي اميري،
    ماڻي وتي اسان آ احساس جي اميري.

    ڌرتيءَ مٿان سدائين ظاهر ڪري بيهن ٿا،
    هي چنڊ، هي ستارا، آڪاس جي اميري.

    هر دؤر جو مصنّف حيران ٿي جهان ۾،
    ڳائي ٿو سنڌ! تنهنجي اتهاس جي اميري.

    توڙي جو زندگيءَ سان جھيڙي پوي ٿو ٿڪجي،
    انسان سان رهي ته به ٿي آس جي اميري.

    صحرا ۾ باهه وانگي سورج ٻري رهيو هو،
    چوڏس زمين تي هئي بس تاس جي اميري.

    هن شام جو هي منظر، ٿڌڙي هي هير هلڪي،
    ارپي خيال کي ٿي ون واس جي اميري.
    **


    تيزيءَ سان ڊوڙ پائي، اڄ ٿو جديد دؤر،

    تيزيءَ سان ڊوڙ پائي، اڄ ٿو جديد دؤر،
    ڏسجي ته ڇا ٿو ماڻي، اڳتي مزيد دؤر.

    تنهنجي جهان تي اي خالق جهان جا،
    قابض رهيو سدائين، آهي يزيد دؤر.

    بازار ۾ اڳي جان، ڏسجو ته واڪ تي،
    ويندو وري وڪامي ٿيندو خريد دؤر.

    رک آس کي اجاري، پختي يقين سان،
    ٿيندو ختم هي آخر، جڳ تان پليد دؤر.

    مصروف زندگي آ، ڪنهن کي نه واند آ،
    اهڙو اچي ويو آ انجم! شديد دؤر.
    **


    ڪهڙا ٿا عشق ۾ هي مرحلا اچن،

    ڪهڙا ٿا عشق ۾ هي مرحلا اچن،
    تون ٿي وڃين، پٺيان ٿا زلزلا اچن.

    ڏسجانءِ پيار ۾ ويندا لتاڙجي،
    ڀل ڪيترا به سامهون دائرا اچن.

    ڪيئن آدمي ڪري سي پار جيڪڏهن،
    ٿا آسمان جيڏا فاصلا اچن.

    ڪنهن ڪنهن جو پاڻ آڌرڀاءُ ڏس ڪيون؟
    هر موڙ درد جا ٿا قافلا اچن.

    هڪڙا نه حَلُ ٿيا، ٻيا ڪيترا نوان،
    پيا زندگيءَ اڳيان ٿا مسئلا اچن.
    **
    طرحي غزل 


    جيڪا گھڙي به ڌار ٿي رهي،

    جيڪا گھڙي به ڌار ٿي رهي،
    هيءَ زندگي بيزار ٿي رهي.

    مون تي مَيار تي ميارَ آ
    ۽ پاڻ بي ميارَ ٿي رهي.

    اُڪري ٿي آسمان کي وڃي،
    ڇا خيال جي اُڏار ٿي رهي!

    جِتِ ڪو ڏسي نه ٿو سگھي، اُتي،
    فنڪار جي نهار ٿي رهي.

    ڪنهن جي به هٿَ ۾ دوستو ڪٿي،
    هِنَ وقت جي مُهارَ ٿي رهي.
    **


    ڪيتري عاجزي ٿي رکي،

    ڪيتري عاجزي ٿي رکي،
    مرتبو عاشقي ٿي رکي.

    عشق جي لاٽ ٻاري سدا،
    روح ۾ روشني ٿي رکي.

    رات جو ڀاڪرن ۾ ڀري،
    ڄڻ نَدي چاندني ٿي رکي.

    زندگيءَ جي قبر جي مٿان،
    آس ٻاري بتي ٿي رکي.

    اڳ جيان اڄ به هوءَ ڪامڻي!
    سونهن ۾ تازگي ٿي رکي.

    دل وساري سَمورو جهانُ،
    ياد هڪ ڇوڪري ٿي رکي.

    بيوسيءَ جي ته پڃري ۾ هوءَ،
    قيد مَنَ جو پکي ٿي رکي.

    تون نه آهين ته هر موڙ تي،
    رنجشون زندگي ٿي رکي.
    **
    طرحي غزل


    وقت سان ڇا ڇا نظر ايندا رهيا،

    وقت سان ڇا ڇا نظر ايندا رهيا،
    بدلبا نقشا نظر ايندا رهيا.

    ٿيو نه سنڌ جي درد جو ڪوئي علاج،
    خالي بس جلسا نظر ايندا رهيا.

    اوچتو ريليءَ مٿان گوليون وسيون،
    “چوطرف سڏڪا نظر ايندا رهيا”.

    رات جو هڪڙي نديءَ ۾ ڀاڪرين،
    چنڊ سان تارا نظر ايندا رهيا.

    هرسو ڪوهيڙو هُيو ڇانيل رڳو،
    ڌنڌلا رستا نظر ايندا رهيا.

    وقت مرڪون ويو کسي ماڻهن کان هو،
    غم ۾ سڀ چهرا نظر ايندا رهيا.

    جيسيتائين ديدَ پئي پنهنجي پُڳي،
    سامهون صحرا نظر ايندا رهيا.

    دير تائين رات جو ڪجھ ڏهرَ ۾،
    ٽمڪندا ڏيئا نظر ايندا رهيا.

    اَڄُ ته “انجم” تنهنجي ساري شعر جا،
    زخمي ڄَڻُ جملا نظر ايندا رهيا.
    **
    طرحي غزل


    زندگي ٿڪجي پئي آ پنڌ ۾،

    زندگي ٿڪجي پئي آ پنڌ ۾،
    ٿي پيا هِنِ ساههَ ساڻا سوڳ ۾.

    روز لڙڪن ساڻ پنهنجا نينگري!
    پئي پُسائي ٿي وهاڻا سوڳ ۾.

    ٿي مٽيءَ ۾ ويو دفن پيارو سعيد (1)
    آءُ روئون لاڙڪاڻا سوڳ ۾.

    رات پوڙهي ٿي وئي، آئينءَ نه تون،
    ڄاڻُ سڀ ڏيئا اُجھاڻا سوڳ ۾.

    هڪڙو مومل کي وَيو ماڻي فقط،
    رهجي ويا باقي ها راڻا سوڳ ۾.
    **

    (1) سعيد ميمڻ جي نانءُ


    روز ماري روز جيئاري پيو،

    روز ماري روز جيئاري پيو،
    وقت ڪهڙا ڏيک ڏيکاري پَيو.

    تيز ٿو طوفان ڇو ٿيندو وڃي،
    هُو جڏهن ڀي ڪو ڏيئو ٻاري پيو.

    توڙي جو ماري، وساري ٿو ڇڏينس،
    پوءِ ڀي توکي اڃا ساري پيو.

    زندگيءُ کان ڪيترو هو تنگ ٿي،
    زندگي مجبور ائين گھاري پيو.

    جئن چَوَن ماڻهو پَيا، ڪاٿي ائين،
    گھاءُ ڪوئي وقت ميساري پيو.

    ڪنهن وڏي ئي چوٽ کان گذريو هوندو،
    ڪير ٿو ائين لُڙڪ نه ته هاري پيو.
    **


    آءُ هَلون سڀ پاڻ ٻئي رستا ڇڏي،

    آءُ هَلون سڀ پاڻ ٻئي رستا ڇڏي،
    خيال، سوچون ۽ سڀئي سپنا ڇڏي.

    بند نيڻن ۾ الائي ڪيترا،
    رات ويئي خواب آوارا ڇڏي.

    ڪيئن سمجھان ڀاءٌ وانگي، جو وڃي،
    لوڀَ خاطر خونَ جا رشتا ڇڏي.

    شل نه ڪنهن تي وقت اهڙو ڀي اچي،
    جو وڃن ماڻهوءَ کي پنهنجا ڇڏي.

    سوجھري تائين هليا گڏجي هئا،
    ٻاٽَ ۾ پنهنجا ويا پاڇا ڇڏي.

    خبر آهي ڪو نه ساريندي ڪڏهن،
    دل نه ٿي پنهنجي مگر الڪا ڇڏي.
    **


    زندگيءَ کي نڪورو حوالو ڏئي،

    زندگيءَ کي نڪورو حوالو ڏئي،
    عشق، ويو ڏانءُ آهي نرالو ڏئي.

    اَڄُ به تاريخ زندهه رکيو ٿو اچي،
    سنڌ کي جانِ پنهنجي جيالو ڏئي.

    پاڻَ پنهنجا رکون لفظ قيدي ڪري،
    ڪيستائين زبانن تي تالو ڏئي.

    چوڏسا کان پکيڙي پَيو روشني،
    پيارُ جيون کي ويو آ اُجالو ڏئي.

    هونئن به مرڻو آ “انجم” مرڻ کان اڳي
    آ هلون پاڻ جيون کي نالو ڏيئي.
    **


    ڏٺوسين آزمائي هر دعا تائين،

    ڏٺوسين آزمائي هر دعا تائين،
    نه پهتي ڪا صدا پنهنجي خُدا تائين.

    الائي ڪيرُ گُذري ويو هتان آهي،
    وئي خوشبوءِ آ وکري هَوا تائين.

    خُدا تن جي دُعائن کي اگھائج تون،
    نه ٿو پهچي سگھي جيڪو دَوا تائين.

    زمانو ويرَ ڀَلُ پاڙي پيو پنهنجا،
    اسانجو پيارُ آ مذهب اڃا تائين.

    نتيجو ڇا به پوءِ نڪري کڻي انجم!
    وڃون ٿا عشق جي اڄ انتها تائين.
    **


    رهندي سدا مسافر،

    رهندي سدا مسافر،
    آهي هَوا مسافر.

    ڪيسين الائي ويندو،
    اڳتي اَڃا مسافر.

    ڪيڏا ڪري هليو ويو،
    هُو فاصلا مسافر.

    هڪ هڪ دغا جي عيوض،
    ڏيندو دعا مسافر.

    اَڄُ ياد ڪنهن کي ناهي،
    ٿي ويو فنا مسافر.

    ٿڪجي پيو آ انجم!
    ڳولي خُدا مسافر.
    **


    جهڙو مزاج پنهنجو،

    جهڙو مزاج پنهنجو،
    ناهي سماج پنهنجو.

    هر دؤرَ جو رهيو آ،
    هڪڙو رواج پنهنجو.

    اهڙو عمل ڪجي جيئن،
    سڌُري سماج پنهنجو.

    هڪ هڪ طبيب چئي ٿو،
    ناهي علاج پنهنجو.

    انجم! ضرور ڪوشش،
    ماڻيندي تاج پنهنجو.
    **


    ڏسندي اکين سان پنهنجي حيرانُ ٿي وياسين،

    ڏسندي اکين سان پنهنجي حيرانُ ٿي وياسين،
    هڪ عشق جي ڪري ئي انسان ٿي وياسين.

    ڪوئي ڪڪر نه برسيو، گذري صديون ويون هن،
    هي روح رِڻُ لڳي ٿو، ويران ٿي وياسين.

    هڪ خواب ۾ ڏسان ٿو تون مان هَوا ۾ اُڏندي،
    ڪلهه رات چنڊ تي ٻئي مهمان ٿي وياسين.

    توکي سگهيو نه ماڻي هيڏي خلوص هوندي،
    ائين وقت جي اکين ۾ ارمان ٿي وياسين.

    هاڻي رنگين ڪوئي، منظر لڳي نه ٿو ڇو؟
    هيڏي وڏي دنيا ۾ سنسان ٿي وياسين.
    **


    جا پٿر وانگي لڳي ٿي ڇوڪري،

    جا پٿر وانگي لڳي ٿي ڇوڪري،
    سا مندرَ وانگي لڳي ٿي ڇوڪري.

    پاڻ تي سوچي جڏهن ٿي، پاڻ کي،
    ڪنهن کنڊرَ وانگي لڳي ٿي ڇوڪري.

    خُونَ جي عيوضَ ۾ پرڻيل، ماءُ کي،
    ڪنهن قبر وانگي لڳي ٿي ڇوڪري.

    چوڏسا هڪ شورُ آهي، شورَ ۾،
    خالي گھر وانگي لڳي ٿي ڇوڪري.

    آنءُ ڌرتي آهيان، منهنجي مٿان،
    هوءَ امبر وانگي لڳي ٿي ڇوڪري.

    صبح جي تازن گلابن وچّ ۾،
    هڪ عَطُرَ وانگي لڳي ٿي ڇوڪري.
    **


    پاڻ دفنايا هُئا پنهنجا اکين ۾،

    پاڻ دفنايا هُئا پنهنجا اکين ۾،
    ڪيترائي بي ڪفن سپنا اکين ۾.

    مون کلڻ چاهيو هُيو اسٽيج تي پر،
    خود به خود آيا تري ڳوڙها اکين ۾.

    روز هڪڙي ڪا نئين تصوير ٺاهي،
    زندگيءَ جي آسرا رهندا اکين ۾.

    آءُ موٽي ماڳ پنهنجي تي سکي تون،
    شام ٿي وئي، ٿا لڙن پاڇا اکين ۾.

    ننڊ ۾ اُڀري اچي نئون سِجَّ ٿو پيو،
    رهجي ويا هر رات اوجاڳا اکين ۾.

    عمر سان گڏجي هليا “انجم” سمورا،
    درد ٿي آهن ويا پوڙها اکين ۾.
    **


    هو هليو ويندو هميشه لاءِ ڏسجانءِ،

    هو هليو ويندو هميشه لاءِ ڏسجانءِ،
    ڪونه پوءِ ايندو هميشه لاءِ ڏسجانءِ.

    هوُ چريو آ، ۽ چري هڪ ڇوڪريءَ تي،
    زندگي ڏيندو همِيشه لاءِ ڏسجانءِ.

    هوءَ نه ٿي سمجھي ته هي پنهنجي وڇوڙو،
    روح روليندو هميشه لاءِ ڏسجانءِ.

    پَلَ سڀئي مالها ڪري هُو زندگيءَ ۾،
    پيار پوئيندو هميشه لاءِ ڏسجاٰنءِ.

    جو لکي ٿو گيت “انجم” جڳ سڄو ئي،
    گنگنائيندو هميشه لاءِ ڏسجانءِ.
    **


    ڪيرُ اهو ٿو ڄاڻي دوست!

    ڪيرُ اهو ٿو ڄاڻي دوست!
    صبح نئون ڇا آڻي دوست!

    ويجھو هوندي ڀي هڪ ٻئي کي،
    سگھياسين نه سُڃاڻي دوست!

    “تنهنجو ٿيندو ڪونه ڪڏهن هو”:
    سَچ چيو هو سياڻي دوست!

    هر اک جو سپنو حق آ، پر،
    ساڀيان ڪا ڪا ماڻي دوست!

    مَنُ اٻهرو ٿي پيو آهي،
    اچ هاڻي جو هاڻي دوست!

    روزانو سانڍي رکندو هان،
    اڄ جو دردُ سڀاڻي دوست!
    **


    مون سان منهنجو ڄڻ ڳالهائي پاڇو ٿو،

    مون سان منهنجو ڄڻ ڳالهائي پاڇو ٿو،
    ڇو پنهنجو ئي اڄ گھٻرائي پاڇو ٿو.

    مَن ۾ هڪڙو اڻڄاتو ڪو غم آهي،
    روئي پنهنجو ڀاڪر پائي پاڇو ٿو.

    آنءُ وڃان ٿو جاڏي، منهنجي پاسي مان،
    اڳ ۾ اڳ ۾ وک وڌائي پاڇو ٿو.

    توڏي ايندي رستي رستي ۾ جانان!
    پيار مان ڪيڏو پاڻ کي ٺاهي پاڇو ٿو.

    شال نه جيون ۾ ڪڏهين پل اوندهه ٿي،
    پنهنجو ڀي پوءِ ساٿ ڇڏائي پاڇو ٿو.

    پوءِ به ڳوٺ سڄي جو موضوع “انجم” آ،
    توڙي پنهنجو روز لڪائي پاڇو ٿو.
    **


    هلي احساس کان اڳتي،

    هلي احساس کان اڳتي،
    ڏسئون آڪاس کان اڳتي.

    خبر ناهي ته ڇا آهي،
    اڃا راڪاس کان اڳتي.

    لهي ويو گھاءُ آ هڪڙو،
    جسم جي ماس کان اڳتي.

    اچي ڪُجھ ڀي نه ٿو هاڻي
    نظر بنواس کان اڳتي.

    ويا گذري آهيون انجم!
    اسان هر آس کان اڳتي.
    **


    رستو رستو سانجھيءَ ڌارا،

    رستو رستو سانجھيءَ ڌارا،
    اُک کي الڪو سانجھيءَ ڌارا.

    هلندي هلندي ساٿُ ڇني ويو،
    پنهنجو پاڇو سانجھيءَ ڌارا.

    “ڪيسيتائين قيدَ ۾ رهندس”
    پنڇيءَ سوچيو سانجھيءَ ڌارا.

    ڪيرُ اچي کڙڪائي دل جو،
    دروازو ٿو سانجھيءَ ڌارا.

    روئي پنهنجو ماءُ ڪراڙيءَ،
    ڳڀرو ساريو سانجھيءَ ڌارا.

    “انجم” ويٺي آلاپيو پئي،
    واءُ ۾ سڏڪو سانجھيءَ ڌارا.
    **


    سوچيان پيو جي پنهنجي، هوءَ پوپري نه ٿيندي،

    سوچيان پيو جي پنهنجي، هوءَ پوپري نه ٿيندي،
    هيءَ زندگي ڪڏهن ڀي پوءِ زندگي نه ٿيندي.

    دنيا سڄي ڏسي دل، هي فيصلو ڏنو آ،
    هُنَ جھڙي ڪابه جڳ ۾ ٻي ڇوڪري نه ٿيندي.

    هي بي لغام ماڻهو، تيسين مُڙي نه مُڙندا،
    جيسين هنن سان ذاتي ڪا دشمني نه ٿيندي.

    جيسين نه پاڻ گڏجي، ٿا لاٽَ ڪائي ٻاريون
    اي ديس جا جيالو، ڪا روشني نه ٿيندي.

    ڪيڏي به هاڻي انجم! سُرهي گھڙي اچي ڀَلُ،
    هُنَ ساڻ پَرَ گذاريل جهڙي گھڙي نه ٿيندي.
    **


    سکيءَ جي سار چوڌاري،.

    سکيءَ جي سار چوڌاري،.
    مڙي مهڪار چوڌاري.

    اُگھاڙا پير هن پنهنجا،
    وڇايل خار چوڌاري.

    پکي خاموش ٿي ويا، جئن
    کليا هٿيار چوڌاري.

    هلي ايندينءَ ته ٿي پوندي،
    وري هُٻڪار چوڌاري.

    اچي ڪوئي ڏسي، دل جي،
    وَيا ٿي ڏارَ چوڌاري.

    ترن ٿيون حوض ۾ بدڪون،
    کيڏن ٿا ٻارَ چوڌاري.

    اٿم هيءَ آس، ڌرتيءَ جي،
    ڏسان مهڪارَ چوڌاري.
    **


    ڏور ڏاڍو اڃان ماڳ آهي پَري،

    ڏور ڏاڍو اڃان ماڳ آهي پَري،
    پير ٿڪجي پيا پنڌ ڪيڏو ڪري.

    چنڊ خاموش ڏک مان مٿان ٿو ڏسي،
    لاش درياههَ ۾ هي ٿو ڪنهن جو تري.

    ڌارَ تن کان عمر گھارجي ڪيئن ڀلا،
    جن سواءِ ڪابه هڪڙي نه ساعت سري.

    روز ٿو زندگي پنهنجي گروي رکي،
    روز جيون پيو وياج ڄڻ ٿو ڀَري.

    واءُ خوشبو بدن جي کڻي جئن اچي،
    تئين ٿو ڇوڪرو ساههَ ٿڌڙا ڀَري.

    ڇو نه مورک اِهو تون هي سمجھي پيو،
    ڪونه ٿو وقت گذريل ڪو واپس وري.
    **


    ڪلهه رات جو جُدا سڀ رستا ڪري هليو ويو،

    ڪلهه رات جو جُدا سڀ رستا ڪري هليو ويو،
    پنهنجو اسان کي پاڇو تنها ڪري هليو ويو.

    اڄ ڏينهن تائين مند ڪا، آئي نه راس آهي،
    هڪ مند ۾ هو مون سان ڇا ڇا ڪري هليو ويو.

    هُنَ جي نظر ۾ ڪوئي، اهڙو ڪمال هو جو،
    منهنجي رنگين ساري دنيا ڪري هليو ويو.

    گذريو جتان جتان هو، سرهي ٿي واٽ ويئي،
    هرسو هڳاءُ سارا رستا ڪري هليو ويو.

    چاليههَ سال ٿي ويا، پنهنجي عمر جا انجم!
    چهري تي دردُ پنهنجا پاڇا ڪري هليو ويو.
    **


    سڀ ڪجھ ڇني اسان اڄ رستو جدا ڪيوسين،

    سڀ ڪجھ ڇني اسان اڄ رستو جدا ڪيوسين،
    ۽ ٿڙڪندڙ چپن سان پئي الوداع ڪيسوسين.

    پڇتاءَ جو اڃا ڀي هڪ گھاءُ دل ۾ آهي،
    توڙي جو درگذر ڀي ڪيئي دفعا ڪيوسين.

    هر عيبَ کي وساري اڳتي قدم رکيا ها،
    هڪ عشق جي لڳي پٺيان ڇا نه ڇا ڪيوسين.

    ظاهر نه ٿا ڪريون سي، ڳالهيون ڪجن ويهي جي،
    تن ئي اجاڙيو هو، جن کي خدا ڪيوسين.

    جي ٿي سگھئي ته مونکي بخشي مٺي تون ڇڏجانءِ،
    پنهنجو نه ڪو به توسان وعدو وفا ڪيوسين.
    **


    اسانجو ساهه ٿو نڪري،

    اسانجو ساهه ٿو نڪري،
    جڏهن ويساههُ ٿو نڪري.

    سمونڊن جي تهن تائين،
    وڃي درياههُ ٿو نڪري.

    اوهانجي سخت لهجي مان،
    پيو آڙاهُه ٿو نڪري.

    چريو ٿي چنڊ جي پويان،
    چڪوري چاهه ٿو نڪري.

    ڏکن جي بند کوليءَ ۾،
    خُدايا، ساهه ٿو نڪري.
    **


    زندگيءَ ۾ ڏار هاڻي ٿي رهيو آ.

    زندگيءَ ۾ ڏار هاڻي ٿي رهيو آ.
    درد مون تي بار هاڻي ٿي رهيو آ.

    ڏسجو اڄ ئي رات جو روئندو وڃي هوُ،
    جيڪو کلندي ڌار هاڻي ٿي رهيو آ.

    چنڊ ماڻڻ جي رکي خواهش سدائين،
    مَنُ ضديرو ٻار هاڻي ٿي رهيو آ.

    توسان ملندي عمر ئي مونکي لڳو آ،
    ڄڻ نئون نئون پيار هاڻي ٿي رهيو آ.

    کيچليون ڇوريون ڏسي هڪ ڇوڪرو هو،
    عاشقيءَ لئه تيار هاڻي ٿي رهيو آ.

    پنهنجي ڳوڙهن جو ئي پاڻي اڄ اسان کان،
    ڄڻ ته انجم! تار هاڻي ٿي رهيو آ.
    **


    رات جي پوئين پهرَ ۾،

    رات جي پوئين پهرَ ۾،
    چنڊ ڄڻ آهي ڳهرَ ۾.

    سوچَ ۾ ڇولي هئي ۽،
    ديد گم ٿي وئي لهر ۾.

    ڌرتتيءَ جي ويل آهي،
    ڪو مسافر آ سفر ۾.

    ڪيترا ارمان سانڍي،
    زندگي لهندي قبر ۾.

    ٿو ڏسان اڌ رات جو ڪو،
    ٽمڪي ٽانڊاڻو ڏهر ۾.

    جي لکين تون لک اي انجم!
    شاعري پوري بحرَ ۾.
    **


    لڳي ٿو گھاءُ ماريندو،

    لڳي ٿو گھاءُ ماريندو،
    ڏئي ايذاءُ ماريندو.

    اُگھاڙي آسمان هيٺان،
    تتيءَ جو تاءُ ماريندو.

    اسان کي هڪ فقطه تنهنجو،
    سکي! سوداءُ ماريندو.

    هوُ بارودن سان گڏ ايندڙ،
    وطن کي واءُ ماريندو.

    نه ٿي ڇو هيءُ تون سمجھين،
    وڇوڙو، آءُ، ماريندو.

    نه هڪ ٻي جا سگھياسين ٿي،
    اهو پڇتاءُ ماريندو.
    **


    آئي سانجھي وري سارَ جو کول دَرُ،

    آئي سانجھي وري سارَ جو کول دَرُ،
    دل گھُري پئي ٿي اظهارَ جو کول درُ.

    ڌرتتي جو مٺي! تيز توڏي ڊُڪي،
    مان اچان ٿو اَچان پيار جو کولِ درُ.

    بند ٻوسٽ ۾ گھٽُجي پَيو روز ٿو،
    يا خُدا! هاڻي سنسار جو کولِ دَرُ.

    وار ڇوڙي پئي هوءَ اجھو ڪامڻي!
    اي هوا آءُ مهڪار جو کولِ درُ.

    چنڊ تارو نه ڪو ٻاٽ آهي رڳو،
    ڏات! پنهنجي قلمڪار جو کولِ درُ.
    **


    زندگي درد جي ڪٿا آهي،

    زندگي درد جي ڪٿا آهي،
    دل ازل کان ڳڀا ڳڀا آهي.

    هاءِ هڪڙي هي زندگي پنهنجي،
    ڪيترا ٿي وئي حِصا آهي.

    هُنَ جو هيڏو سَڄو زمانو ۽،
    منهنجو هڪڙو فقط خُدا آهي.

    توڙي جو هَمُ خيال آهيون ٻئي،
    سوچ پوءِ به جدا جدا آهي.

    يا خُدا! تنهنجي ڏيهه ۾ رهندي،
    عمر ڀوڳي اسان سزا آهي.

    پوءِ به وڇڙي سگھيو نه هُو مونکان،
    توڙي ڪيڏو پري، جُدا آهي.

    پارَ “انجم” ڪري پُڳو جيڪا،
    عشق جي سا ته انتها آهي.
    **


    اُميدن کان خالي حياتي اسان جي.

    اُميدن کان خالي حياتي اسان جي.
    رهي آ سوالي حياتي اسان جي.

    اوهان پيار پنهنجو ڏئي، هيءَ ڇڏي آ،
    بڻائي مثالي حياتي اسان جي.

    جڏهن کان وٺي عشق ماڻيو اوهان جو،
    وئي ٿي نرالي حياتي اسان جي.

    اوهان جي نه آهيو ته پوءِ هيکلي هت،
    آهي خالي خالي حياتي اسان جي.

    سواٰءِ عشق جي هڪ زماني سڄي کان،
    رهي بي خيالي حياتي اسان جي.

    رهيو مشغلو پيار “انجم” سدائين،
    تڏهن آ حوالي حياتي اسان جي.
    **


    جئن سکيءَ ورتو نئون هڪ روپ آ،

    جئن سکيءَ ورتو نئون هڪ روپ آ،
    دل چريءَ ورتو نئون هڪ روپ آ.

    تون جڏهن آئينءَ هلي احساس ۾،
    شاعريءَ ورتو نئون هڪ روپ آ.

    وقت ۽ حالات سان وڙهندي سدا،
    زندگيءَ ورتو نئون هڪ روپ آ.

    وارَ ڇوڙيل ڇتِ مٿان توکي ڏسي،
    چاندنيءَ ورتو نئون هڪ روپ آ.

    ڄڻ ته پنهنجي ئي اندر جي اوچتو،
    آدميءَ ورتو نئون هڪ روپ آ.

    ڳوٺ ساري ۾ پيون ڳالهيون هلن،
    “نينگريءَ ورتو هڪ نئون روپ آ”

    مونکي مارڻ لاءِ ٿا ماڻهو چون،
    ڇوڪريءَ ورتو نئون هڪ روپ آ.
    **


    چنڊ تنها اُداس رستي تي.

    چنڊ تنها اُداس رستي تي.
    سارَ سڏڪا اُداس رستي تي.

    ڪيرُ آهي رکي ويو پنهنجا،
    خواب، آُلڪا اُداس رستي تي.

    هُن تي سوچي وڃن پيا ٿيندا،
    جيءَ جذبا اُداس رستي تي.

    ڇو لڳن روح کي سمورا ٿا،
    اڄ نظارا اُداس رستي تي.

    هوءَ جئن اوچتو هلي آئي،
    گُل مهڪيا اُداس رستي تي.

    ڄڻ ته رُڪجي پيا اچي آهن،
    ڪيئي رستا اُداس رستي تي.

    رات جو بي قرار ٿي نڪتا،
    عشق وارا اُداس رستي تي.
    **


    آسمان جي ڪجھ وٿيءَ جو ماڳ هو،

    آسمان جي ڪجھ وٿيءَ جو ماڳ هو،
    خواب پنهنجي زندگيءَ جو ماڳ هو.

    ڪيئن وڃي ها هيکلي جھنگل منجھان،
    ڏور ڏاڍو نينگريءَ جو ماڳ هو.

    ڇو لڳي مونکي ويو هڪ درد ئي،
    تنهنجي منهنجي دوستيءَ جو ماڳ هو.

    جو نه سمجھي مون سگھيو هن عمر ۾،
    سو اَڄاتو شاعريءَ جو ماڳ هو.

    جا وئي اُجرو بدن تنهنجو ڇهي،
    ڇا ته ان مينهن جي ڪڻيءَ جو ماڳ هو.

    اڄ اُتي ڪاراڻ آ ترسي پئي،
    اڳ جو هوندو روشنيءَ جو ماڳ هو.

    نيٺ ڊاهي ئي ڇڏيو دنيا اُهو،
    جيڪو مَنُ منهنجي ڌڻيءَ جو ماڳ هو.

    مون ڏٺو اُڀ تي مٿي اُڏندو ويو،
    ڪٿ الائي تنهن پکيءَ جو ماڳ هو.
    **


    ڇڏي هليا ويا سڀيئي، جِئين ئي هڪ هُجوم ۾،

    ڇڏي هليا ويا سڀيئي، جِئين ئي هڪ هُجوم ۾،
    ڏني سکيءَ جي اچي، پناهه سڪ هُجوم ۾.

    ڇپر نه ڇانورو مٿان، ننگو سڄو ئي آسمان،
    نه ڪو ئي وڻُ نه ٽڻ هتي، لڳي ٿي لُڪَ هجومَ ۾.

    اچو اي ديس وارثو ملي ئي پنهنجي قوم جي،
    غدار کي وهائيون ڀري ڪا مُڪَ هُجوم ۾.

    جِئين ئي اوچتو اچي، نظر مٺيءَ مٿان پئي،
    ٻڌي بيهي رهيون اکيون، اسانجون ٽِڪَ هُجوم ۾.

    ڪڍو هي ميرُ منَ منجھان، گلائون درگذر ڪيو،
    اچو ته محبتون ونڊيون، ڀري ڪي ٻُڪ هجوم ۾.
    **


    اُڀ کي جئن درياهه ڏسي ٿو،

    اُڀ کي جئن درياهه ڏسي ٿو،
    منهنجو مَن الله ڏسي ٿو.

    ڏسجو آخر هارائيندو،
    ٽٽندو جو ويساهه ڏسي ٿو.

    اَڻَ کُٽ پنهنجي سامهون هڪڙو،
    اونداهه ئي اونداهه ڏسي ٿو.

    ڪيڏي سوچ ڪُشادي رکندي،
    پنهنجو سوڙهو ساهُه ڏسي ٿو.

    خيال ۾ پنهنجو ڪنڌ ورائي،
    گذريل سارو ماههُ ڏسي ٿو.

    تون ئي هُنَ جي سامهون آهين،
    اک کڻي جيڏانهن ڏسي ٿو.
    **


    چوڏس ڪائي تبديلي آ،

    چوڏس ڪائي تبديلي آ،
    مون ۾ آئي تبديلي آ.

    رات ڏسان مان سپني ۾ ٿو،
    باک وڇائي تبديلي آ.

    تنهنجي رات بدن کي چُمندي،
    چنڊ ملهائي تبديلي آ.

    لمحو لمحو شاهد آهي،
    وقت مڃائي تبديلي آ.

    تنهنجي محبت آندي سانئڻ!
    هيل الاهي تبديلي آ.

    نيٺ ويو ڀوتار ٿي ظاهر،
    ڳوٺ ۾ آئي تبديلي آ.

    ڇو اڄ تو ۾ ائين اچانڪ،
    اي تنهائي تبديلي آ.
    **


    ائين زندگي سموري گهاري ڇڏي اسان،

    ائين زندگي سموري گهاري ڇڏي اسان،
    هر آس تو سوا هت ماري ڇڏي اسان.

    تنهنجي نه نانءَ تي ڪو آڱر کڻي متان،
    انهيءَ ڪري ئي ڳالهه هيءَ ٽاري ڇڏي اسان.

    هڪ عشق جي سدائين پوڄا ڪري ڪري،
    ماڻهو چون ٿا عمر ئي کاري ڇڏي اسان.

    تصوير زندگيءَ جي غمگين ئي رهي،
    ليڪون ڏئي خوشي آ واري ڇڏي اسان.

    ايندين، ضرور ايندين، انهيءَ اميد تي،
    آ لاٽ واٽ واٽ تي ٻاري ڇڏي اسان.
    **


    ڪو برَ مان آواز اچي ٿو،

    ڪو برَ مان آواز اچي ٿو،
    اندر مان آواز اچي ٿو.

    جيئن ئي گھنڊ کي واءُ ڇهي ٿو،
    مندر مان آواز اچي ٿو.

    جيون سورج جرڪائيندو،
    اوڀر مان آواز اچي ٿو.

    ڪوبه فنا ٿي ڪونه ڪوي ٿو،
    ڪاڳر مان آواز اچي ٿو.

    اونداهيءَ کان تنگ ٿي آخر،
    گھر گھر مان آواز اچي ٿو.

    نوريءَ جو اڄ تائين انجم!
    ڪينجھر مان آواز اچي ٿو.
    **


    ٿورڙو اڳ ۾ اُٿي ويچارُ ڪر،

    ٿورڙو اڳ ۾ اُٿي ويچارُ ڪر،
    پوءِ استعمال ڀل اختيار ڪر.

    مون قبوليو ڪونه آهي هار کي،
    آءُ مون تي هڪ نئون ٻيو وار ڪر.

    آس ڪا پوري نه ٿي پنهنجي ڪڏهن،
    اي خدا! ايڏو نه بي اختيار ڪر.

    عمر جو جهاڳي سفر ٿڪجي پيس،
    زندگي هاڻي نه ويتر بارُ ڪر.

    ڇا خبر اڳتي ٿئي ڇا حادثو،
    هر گھڙيءَ جي لاءِ خود کي تيارُ ڪر.

    جو نه ٿو “انجم” مڃي پنهنجو ضمير،
    صاف انهيءَ راءِ جو اظهار ڪر.
    **


    ڪنهن سوچ جي فضا ۾

    ڪنهن سوچ جي فضا ۾،
    اُڏران پيو هوا ۾.

    پيو ٿو نصيب ڦٿڪي،
    ناهي اثر دعا ۾.

    سمجھي به ڪونه سمجھيو،
    ڇا ڇا نه هو خُدا ۾.

    ڦاٿل اسان رهياسين،
    پنهنجي ٻئي انا ۾.

    رڪجي وڃي ٿي هرڪا،
    تاريخ ڪربلا ۾.

    ڇالاءِ وقت گھاريون،
    ڪنهن جي رڳو گلا ۾.

    گُم ٿي ويو آ انجم!
    دردن جي انتها ۾.
    **


    ساههُ پکيءَ جان اُڏري ويندو.

    ساههُ پکيءَ جان اُڏري ويندو.
    نانءُ به جڳ کان وسري ويندو.

    جنهن کي تنهنجو عشق لڳي سو،
    دنيا کان ئي نڪري ويندو.

    ڏکيو سکيو گذريل وانگي،
    هي ڀي وقت ته گذري ويندو.

    توکان وڇڙي هڪڙو ماڻهو،
    ڏسجانء سانئڻ! وکري ويندو.

    منظر پس منظر ماڻهوءَ جي،
    دل تي آهي اُڪري ويندو.

    تون جي هوندينءَ، جيون جو پوءِ،
    لمحو لمحو اجري ويندو.
    **


    آءُ، پنهنجي هڪ نئين جوڙي دنيا.

    آءُ، پنهنجي هڪ نئين جوڙي دنيا.
    هيءَ ڇڏيون ساري پرين ٽوڙي دنيا.

    ڌار هوندي ڀي رهياسين ساڻ ٻئي،
    ڪيتري ڪوشش ڪئي توڙي دنيا.

    ڪيسيتائين ساههَ کي مٺ ۾ رکان،
    تيرَ دل ۾ روز ٿي کوڙي دنيا.

    چؤطرف بارود آ انسان جي،
    خوف ۾ بيٺي پئي ڊوڙي دنيا.

    روز ئي مان پاڻ کي ميڙيان پيو،
    روز ٿي مونکي پئي ٽوڙي دنيا.

    ڪو به تو جهڙو لڳي مونکي نه ٿو،
    مان سڄي آيس مٺي! ووڙي دنيا.
    **


    آءُ خوشبوء کي کڻون ڀاڪر ڀري،

    آءُ خوشبوء کي کڻون ڀاڪر ڀري،
    کڻ کڻي جيڪي سگھون ڀاڪر ڀري.

    آءُ ننڍڙي لاءِ واري نم هيٺان،
    ويهي ڏوراپا ڏيون ڀاڪر ڀري.

    مون پري کان پئي ڏٺو، هڪ ماءُ سان،
    نينگريءَ سسڪيون ڀريون ڀاڪر ڀري.

    ڪجھ ڪُڇي سامهون سگھياسين ڪونه ٻئي،
    پاڻ ۾ اکڙيون رُنيون ڀاڪر ڀري.

    ريل جي سيٽي وڄي ٿي او مٺي!
    موڪلائي اچ وٺون ڀاڪر ڀري.

    تنهنجي وارن سان ملي ڪلهه شامَ جو،
    ٿي چريون هيرون پيون ڀاڪر ڀري.
    **


    خواب، خوشبو ۽ هوا خيال ۾،

    خواب، خوشبو ۽ هوا خيال ۾،
    تون رهين آهين سدا خيال ۾.

    گنگنائن جئن پکي ٿا باک ۾،
    ساز ٿي ڇيڙي صبا خيال ۾.

    اوچتو هي رڻ سڄو ڌڏي پيو،
    ڪنهن جي آهي هيءَ صدا خيال ۾.

    هن ڪشادي ڪائنات کي ڏسي،
    ٿو اچي اڀري خدا خيال ۾.

    ڪو رهيو رشتو نه هاڻ، پاڻ ۾،
    ٿي اچي ته به هوءَ اڃا خيال ۾.

    سمنڊ جي ڇولين کي ماٺ آ ڪٿي!
    شور ٿي آڻي هوا خيال ۾.

    ٿورڙو مايوس ٻار کي ڏسي،
    ماءُ ڏي پيئي دعا خيال ۾.
    **


    هوءَ جڏهن کان ڪامڻي آهي وري،

    هوءَ جڏهن کان ڪامڻي آهي وري،
    خوشبو خوشبو ٿي گھٽي آهي وري.

    ڄڻ وڇوڙو موت جو ڪو ڏيک آهي،
    “تون وري آن زندگي آهي وري”

    جيئن گھٽا گھنگھور ٿي برسي مٿان،
    روح کي آوارگي آهي وري.

    چنڊ هيٺان نينگريءَ سان سار ۾،
    چاندني سڏڪي رهي آهي وري.

    ڌوپجي منظر ويا سڀ ڳوٺ جا،
    ماڪ پن پن تي وسي آهي وري.

    هي هوا “انجم” الائي ڪيترن،
    آسمانن کي ڇهي آهي وري.
    **


    تون جڏهن ڀي اچين ڀاڪرن ۾ ڀريو،

    تون جڏهن ڀي اچين ڀاڪرن ۾ ڀريو،
    روح کي واس تنهنجي وڪوڙي ڇڏيو.

    مون دريءَ جي وٿيءَ مان ڏٺو رات ٿي،
    چنڊ سڏڪا ڀري پئي گھٽيءَ ۾ رنو.

    هڪ اڄاتي سفر تي وڃون ٿا اسان،
    ڪا صدا ڪو به آواز پويان نه ڏيو.

    پاڻ ڌرتيءَ تي رهندي به وچ ۾ سدا،
    آهي آڪاس جيڏو رهيو فاصلو.

    روز “انجم” حياتي پئي جيءَ ۾،
    حسرتن جو اڏي ٿي نئون مقبرو.
    **


    اَڻِ ڄاڻُ ھيڪلو، تنهنجي جَھانَ ۾،

    اَڻِ ڄاڻُ ھيڪلو، تنهنجي جَھانَ ۾،
    آھيان مان اوپرو، تنهنجي جَھانَ ۾.

    ڪيڏو عَجيبُ ۽ ڪيڏو غريب ھُو،
    هڪڙو هو ڇوڪرو، تنهنجي جَھانَ ۾.

    هرگام جي اڳيان، نئين روپَ ۾ سدا،
    آھي ڪو حادثو، تنهنجي جَھانَ ۾.

    ھُو آسمانُ تنهنجو ۽ زمينَ ڀي،
    ڇو پوءِ فاصلو، تنهنجي جَھانَ ۾.

    اَڄُ ڏينهَن تائين سَچَ ۽ ڪوڙَ جو نه ڇو؟
    نبريو معاملو، تنهنجي جَھانَ ۾.
    **


    پيار جا روپَ سارا نرالا ھُئا،

    پيار جا روپَ سارا نرالا ھُئا،
    درد هوندي به دل ۾ جمالا ھُئا.

    تنهنجي تصوير سامهون اچي جئن بيٺُس،
    چَپَ خاموش ۽ نيڻ َ آلا ھُئا.

    ھڪڙو افسوس ھُنَ جو ڪجي ڇو ڀلا،
    دل ٽٽڻَ جا ته ٻيا ڀي حوالا ھُئا.

    اڄُ انهن کي اسان ياد ناهيون رهيا،
    اڳُ نوان روز ڏيندا جي نالا ھُئا.

    پوءِ ڀي هر قدم اڳتي اڳتي رکيو،
    پيرَ توڙي جو پنهنجا به ڇالا ھُئا.

    ڪيئن آوازُ اُڀَّ کي ڪري پارُ ها،
    مون ڏٺو اُڀَ جي درَ کي ته تالا ھُئا.

    چنڊُ ترسي پيو رات ھُنَ جي مٿان،
    چاندنيءَ پئي چُميا ھُنَ جا والا ھُئا.
    **


    رشتو رشتو ٽوڙي مونکي،

    رشتو رشتو ٽوڙي مونکي،
    تنهنجو پيار ٿو جوڙي مونکي.

    ڪوئي اندر ۾ داخل ٿي،
    ڄڻُ ٿو روز مروڙي مونکي.

    جنھن جنھن رستي گذريو آھيان،
    دردُ مليو آ ڊوڙي مونکي.

    توکان پوءِ ھر لمحو لمحو،
    خنجرُ ڄَڻ ُ ٿو کوڙي مونکي.

    ڪالھهَ نديءَ تي سوچي “انجم”
    خيال وَيو ھڪُ ٻُوڙي مونکي.
    **


    شام ڇانئي ۽ منظر بدلجي ويا،

    شام ڇانئي ۽ منظر بدلجي ويا،
    ياد آئي ۽ منظر بدلجي ويا.

    سَتَ رنگي اکين ۾ آ کڻي پوپري!
    خواب آئي ۽ منظر بدلجي ويا.

    ڪالھه برسي موئن جي دڙي جي مٿان،
    بوند ڪائي ۽ منظر بدلجي ويا.

    ھُنَ اچي مون مٿان پيار چادر ڪري،
    جئن وڇائي ۽ منظر بدلجي ويا.

    آس جي آسري هيءَ سڄي زندگي،
    مون وڃائي ۽ منظر بدلجي ويا.

    هر اَنا کي ڇڏي آ جڏھن کان اسان،
    دل لڳائي ۽ منظر بدلجي ويا.
    **


    پيار اظھاري سگھيا سين ڪو نه ٻئي،

    پيار اظھاري سگھيا سين ڪو نه ٻئي،
    شرم کي ٽاري سگهيا سين ڪو نه ٻئي.

    ھُون اڳي جو هيل تائين ڀي مٺي!
    زَخمُ ميساري سگهيا سين ڪونه ٻئي.

    ڪو نه بخشيندي ڪڏھن ڌرتي اهو،
    ديپ جي ٻاري سگهيا سين ڪونه ٻئي.

    ضابطا ٽوڙي اکيون روئي پيون،
    درد کي ٽاري سگهيا سين ڪونه ٻئي.

    وقت جي درياھَ ۾“انجم” اسان،
    ناوَ کي تاري سگهيا سين ڪونه ٻئي.
    **


    گھَٽا سُرندو وَڄائي ٿي،

    گھَٽا سُرندو وَڄائي ٿي،
    اداسي گنگنائي ٿي.

    نَديءَ جي ڄَڻُ مٿان پيئي،
    ھَوا چادر وڇائي ٿي.

    گھُري مندر ۾ مورت کان،
    حسينا! ڇا الائي ٿي.

    خوشيءَ مان لفظَ جهومن ٿا،
    جڏھن ڀي هوءَ ڳالهائي ٿي.

    اوهان جي سارَ، چانڊوڪي،
    خُمارن کي وڌائي ٿي.
    **


    دَر، دريون ۽ گهر سڄو خاموش ھو،

    دَر، دريون ۽ گهر سڄو خاموش ھو،
    درد ۾ آڳر سڄو خاموش ھو.

    رات ٿيندي سڀ پکي پيا ها سمهي،
    ڳوٺ جو منظر سڄو خاموش ھو.

    ٿي ھَوا اغوا وئي شايد ھُئي،
    ڏکڻ سان اوڀر سڄو خاموش ھو.

    ڪنهن نه کڙڪايو اچي هو گهنڊ کي،
    سوڳ ۾ مندر سڄو خاموش ھو.

    ويو ڪري ڪو ساھُ مُٺِ ۾ بند ڄڻ،
    جسم سان اندر سڄو خاموش ھو.
    **

    پياري دوست حبدار سولنگيءَ جي غزل کان متاثر ٿي لکيل


    سدا وانگارَ وانگي آ،

    سدا وانگارَ وانگي آ،
    حياتي بارَ وانگي آ.

    اوھان کان ڌار َ ٿي، جيون،
    جُوئا جي ھارَ وانگي آ.

    سواء سڪ پيارَ جي ماڻھو،
    ٽُٽلَ ڪنهن ڏارَ وانگي آ.

    تَتيءَ ۾ ڇوڪري ھڪڙي،
    مَٿان وڻڪارَ وانگي آ.

    اسانجي ھر خوشي پيارا !
    وڃايل ٻارَ وانگي آ.

    مُحبت ۽ جوانيءَ تي،
    وڇوڙو وارَ وانگي آ.
    **


    سوين خواب پنھنجي اکين جي پلوَ ۾،

    سوين خواب پنھنجي اکين جي پلوَ ۾،
    سنڀالي رکيا سين سکين جي پلوَ ۾.

    جديديت لتاڙي وڃي نقش ٿي،
    رھيا عڪس ناھن صدين جي پلوَ ۾.

    اِھا ئي گھُري پاڻَ آھي دعا،
    رھي مرڪ چئني چَپن جي پلوَ ۾.

    ڏسي سمنڊ پنهنجي مٿان ٿو پَيو،
    پيل چنڊ آھي گگن جي پلوَ ۾.

    سھيڙي سموريون هي منهنجون چميون،
    رکي ڇڏ مٺي! تون بدن جي پلوَ ۾.

    نه انجم! خوشي ڪائي آھي ملي،
    رھيا درد آھن دلين جي پلوَ ۾.
    **


    گھٽِي گھٽِي رُلي پئي خُمارَ ۾،

    گھٽِي گھٽِي رُلي پئي خُمارَ ۾،
    ھَوا ٿي اڄ گھُلي پئي خُمارَ ۾.

    الائي ڪنهنجي خيالَ ۾ ته نينگري،
    ٿي پينگھَ تي لڏي پئي خُمارَ ۾.

    ڏٺو مون رات خواب، آسمانَ تي،
    ھُوء چنڊ سان ملي پئي خُمارَ ۾.

    اداس رات مئڪدي جي دير سان،
    بتي بتي ٻَري پئي خُمار ۾.

    کليل اڱڻ تي ھُوءَ اچي سُتي، مٿان،
    آ چاندني لهي پئي خُمارَ ۾.
    **


    زندگي آسَ ۾ آ اڃا،

    زندگي آسَ ۾ آ اڃا،
    روح ُ ڀي پياسَ ۾ آ اڃا.

    چنڊُ، تارو، نه جُگنو ڪٿي،
    رات راڪاسَ ۾ آ اڃا.

    ھڪَ ستاري سان گمُ ٿي وئي،
    ديد آڪاسَ ۾ آ اڃا.

    گُلّ ٽڙندا وري نيٺ سي،
    ھُوءَ وشواسَ ۾ آ اڃا.

    دل جي فطرت نه بدلي ڪڏھن،
    سُونهن احساسَ ۾ آ اڃا.

    ڪالھَ گُذري وئي ھُئي جتان،
    راھَ سا واسَ ۾ آ اڃا.

    جنهن ۾ تو پيتو پاڻي ھُيو،
    عڪسُ تنهنجو گلاس ۾ آ اڃا.
    **


    اکيون ٻوٽي آندائون اونداهيءَ ۾،

    اکيون ٻوٽي آندائون اونداهيءَ ۾،
    ايئَن اسانکي روليائون اونداهيءَ ۾.

    جنهن کي اغوا ڪالھ ڪيو ويو ڏينهن ڏٺي،
    انَ جو پيرو ڳوليائون اونداهيءَ ۾.

    گھُٽجي گھُٽجي نيٺ مري وينديون ساريون،
    مون سان منهنجون آشائون اونداهيءَ ۾.

    پنهنجو رستو ڪو نه اچي ٿو هٿ مونکي،
    ڦاسي ويو آھيان ڄڻ آئون اونداھيءَ ۾.

    تنهنجي وارن جي گهاٽي جهنگل ۾ ڄڻ،
    ڀٽڪن ٿيون پيون روز هوائون اونداهيءَ ۾.

    تو ڏي ايندي ايندي سجّ لهي ويو آ،
    ڪنهن کان ڪيان مان تنهنجون پڇائون اونداهيءَ ۾.

    ڌرتي تنهنجا درد کڻي هڪڙو شاعر،
    سرجي ويٺو ڪوِتائون اونداهيءَ ۾.

    ڪھڙي ڏوھَ جي، ڪانه خبر آ انجم کي،
    ڀوڳيون پيا ٿا پاڻَ سزائون اونداهيءَ ۾.
    **


    پنهنجا سارا خواب جلن ٿا اڄ تائين،

    پنهنجا سارا خواب جلن ٿا اڄ تائين،
    باھ ۾ منهنجا نيڻ سڙن ٿا اڄ تائين.

    تون ناهين ڪمري ۾ مون سان ساڻ مٺي!
    گڏجي تنهنجا درد رهن ٿا اڄ تائين.

    ڪھڙي ڀيٽا تن کي ڏيان مان، ڌرتيءَ تي،
    مرندي جي ڪردار جيئن ٿا اڄ تائين.

    توڙي پئجي مُنھَن ۾ ويا جو گُهنجَ اٿئي،
    تنهنجا جلوا پو به وڻن ٿا اڄ تائين،

    تنهنجي منهنجي ڳوٺ جا ماڻھو ساڙولا،
    ڪيڏي گهري ڳالھ رکن ٿا اڄ تائين.
    **


    هو وٺي ڪاڏي الائي عشق ويو،

    هو وٺي ڪاڏي الائي عشق ويو،
    پاڻَ کي آخر رلائي عشق ويو.

    ھي سڄو جيون ھُيو اونداھ ۾،
    جوت ھڪڙي هو جلائي عشق ويو.

    ڪيترو نروار، ساري جڳ ڏٺو،
    ھو سزا کلندي نڀائي عشق ويو.

    سونهن ۽ سچ جي عبادت مون ڪئي،
    جنّتي مونکي بڻائي عشق ويو.

    ڪانهي ڪا تشبيھ، ھُن کي ايترو،
    منفرد آھي بڻائي عشق ويو.

    ڪيتريون مون۾ڪميون، ڪوتاهيون،
    عيب سڀ منهنجا لڪائي عشق ويو.

    اڳ ڪڏھن ايڏو رنو “انجم” نه هو،
    لڙڪ اکڙين جا کپائي عشق ويو.
    **


    ڪيڏا سھڻا لڳندا آھن سانجهيءَ جو،

    ڪيڏا سھڻا لڳندا آھن سانجهيءَ جو،
    جڏهن پکي ورندا آھن سانجهيءَ جو.

    جيڪي گھاوَ ڏنا هن وقت اسان کي، سي،
    ياد اهي سڀ پوندا آھن سانجهيءَ جو.

    مهڪ هوا ميڙيندي آھي جهوليءَ ۾،
    تنهنجا وار جو کلندا آھن سانجهيءَ جو.

    هر ماڻھوءَ جي پنهنجي گهر جا دروازا،
    بيٺا راهون ڏسندا آھن سانجهيءَ جو.

    نيڻن کي روڪيندو آھي انجم پر،
    ڳوڙھا برسي پوندا آھن سانجهيءَ جو.
    **


    اونداهيءَ ۾ اونداهيءَ تي سوچي ٿو،

    اونداهيءَ ۾ اونداهيءَ تي سوچي ٿو،
    ۽ پيادل ويندڙ راهيءَ تي سوچي ٿو.

    ھُنَ جي ساٿ ٽٽڻ کان جيڪا اڳتي آ،
    انهيءَ پنهنجي ڄڻ کاهيءَ تي سوچي ٿو.

    جئن جئن ڪاھَ ڏسي ٿو ھُو سيلاب سندي،
    پنهنجي گهرَ جي پيو لاهيءَ تي سوچي ٿو.

    ڇا ڇا ڏئي ۽ ڇا ڇا وقت کسي ويو ٿس،
    گم ٿي پنهنجي ھُو ماضيءَ تي سوچي ٿو.

    ڪيڏي دنيا خالي خالي ھُنَ کانپوءِ،
    تنها تنها ٿي ساٿيءَ تي سوچي ٿو.

    رهجي ويون هنِ مون ۾ ڪيڏيون ڪوتاهيون،
    انجم! پنهنجي نادانيءَ تي سوچي ٿو.
    **


    جڏھن به توکي ساريندو من!

    جڏھن به توکي ساريندو من!
    ڳوڙھا ويٺو هاريندو من!

    جيون منجھ جياپي خاطر،
    لاٽ ضرور ڪا ٻاريندو من!

    توکان ڌار ٿيڻ تي پڪ ڪر،
    پنهنجو پاڻَ کي ماريندو من!

    ٻُوسٽ ۾ هيئن گھُٽجي گھُٽجي،
    ڪيسيتائين گهاريندو من!

    ڪھڙو جيون جِي سگهندو، جي،
    ڳالھ ڳالھ تي هاريندو من!

    تنهنجي پيار سهاري سائنڻ!
    ڏونگر کي ڀي ڏاريندو من!

    اُجري اُجري مرڪ تي انجم!
    پنهنجو سڀ ڪجھُ واريندو من!
    **


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 982
    ڪتابن جو مشاهدو: 3271862
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 861410
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ