دل جي لڳيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان،
هڪ عاشقيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.
خاموش شهر جي هر رستي تي چنڊ جي،
آوارگيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.
ڇاتيءَ مٿان جا هن جي، ويئي چمي ڏئي،
تنهن مينهن ڪڻيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.
رنگين شام، اُڀَ تي اڏندا پکي رهيا،
سامهو نديءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.
گذري صديون وَيون پر، اڄ ڏينهن تائين ڀي،
هڪڙي گھڙيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.
انجم! اُداس گم سُم، پارڪ ۾ هيکلي،
ڪنهن ڪامڻيءَ جو منظر وسري نه ٿو اڃان.
**