ڪنهن ساريو هو، جو رستن کي هڏڪي آئي،
خاموشيءَ ۾ پئي لمحن کي هڏڪي آئي.
خالي گھرَ ۾ تنهائيءَ سان ڳالهائيندي،
جذبن کي ۽ ڪن لفظن کي هڏڪي آئي.
وارَ سُڪائڻ آڳر تي بيٺي هوءَ اچي،
واءُ ڇُهي ويو هُنَ جي بدن کي هڏڪي آئي.
چنڊ ڏٺو پئي ڪلهه اُڀَ تان، هن کي ساريندي
“ڦلواڙين ۾ خوشبوئن کي هڏڪي آئي”
تيز هوائون، جيئن اورانگهي آيون ڪمري ۾،
دَرَ ۽ کڙڪيءَ جي پردن کي هڏڪي آئي.
تنهنجي تصويرن کي ڏسندي ڏسندي سانئڻ!
رات اچانڪ ئي اکڙين کي هڏڪي آئي.
الماڙيءَ جي قيد ٿيل خانن ۾ انجم!
بند ڪتابن جي ورقن کي هڏڪي آئي.
**
طرحي غزل