اڄ ڪائي ڄڻ ڇيت چُڀي ٿي اندر ۾،
هلڪي هلڪي ڪوڪَ اُٿي ٿي اندر ۾.
چنڊُ ڏسي ٿي ٻڪ جھلي هوءَ دعا جي لاءِ،
ڇا ته الائي پيئي گھُري ٿي اندر ۾.
ڪيسيتائين گھاريندي پئي گونگي ٿي،
روزانو خاموش مَري ٿي اندر ۾.
پاڻ ڪري محسوس پئي ويراني ۾،
کڻي جڏهن به اُک ڏسي ٿي اندر ۾.
جيون کي آ ٻاٽَ وڪوڙي “انجم” وئي،
ها پَرَ هڪڙي لاٽ ٻري ٿي اندر ۾.
**