شاعري

اوجاڳن جا عڪس

ھي ڪتاب نامياري شاعر انجم قاضيءَ جي غزلن جو مجموعو آھي. انجم قاضي جي شاعريءَ ۾ رومانس جا اهڙا رنگ چِٽيل آهن، جو پڙهندڙ سندس شعر جي سٽن ۾ گُم ٿي وڃي ٿو، ۽ عاشق مزاج ماڻھو ان شعر ۾ سمايل منطر نگاري ۾ پنهنجا رنگ محسوس ڪري ٿو، بيان ڪيل وارتا کيس پنهنجي حياتيءَ سان لاڳاپو رکندڙ داستان محسوس ٿئي ٿي. انجم وٽ غزل جا ڪيئي سٽاوَ ۽ رديف اڻ ڇھيل آهن، جن ۾ هن جو فڪري پاسو بيحد سگهارو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 984
  • 280
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • انجم قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اوجاڳن جا عڪس

مرضيءَ سان پَلُ به پنهنجي، سگھجي نه جي خدايا!

مرضيءَ سان پَلُ به پنهنجي، سگھجي نه جي خدايا!
ايڏي نه ڏي اسان کي، تون بي وسي خدايا!

هر آدميءَ کي آهي، بس درد دائمي ۽،
باقي خوشي رهي ٿي، پلُ عارضي خدايا!

بارود سرحدن کان باهيون کڻي اچي ٿو،
دوزخ بڻي سڄي تنهنجي سرشٽي خدايا!

هڪ هڪ گھڙيءَ سان جھيڙي ٿڪجي پيو مان آهيان،
موٽائي وٺ تون مونکان، هيءَ زندگي خدايا!

دنيا جي هرندي، ۽ درياههُ پي وڃڻ سان،
پوري نه سمنڊ جي ٿي، ته به تشنگي خدايا!

جيون سڄو ئي صحرا، ڪو ڇانورو نه آهي،
پنهنجي نصيب ۾ آ، ڇو ڌرتتي خدايا!

ڪائي پري نه گھرجي، ڪا حور ڏي نه ڀل تون،
هڪ ئي فقط گھران ٿو، هوءَ ڇوڪري خدايا!

پنهنجو مزاج سڀ کان ڪيڏو الڳ ٿلڳ آ،
دنيا لڳي سڄي هيءَ ٿي اوپري خدايا!

جاڏي نظر وڃي ٿي، اونداههُ ئي اڳيان آ،
“ڪيڏانهن هلي وئي آ، ڏس روشني خدايا”
**