پاڻ دفنايا هُئا پنهنجا اکين ۾،
ڪيترائي بي ڪفن سپنا اکين ۾.
مون کلڻ چاهيو هُيو اسٽيج تي پر،
خود به خود آيا تري ڳوڙها اکين ۾.
روز هڪڙي ڪا نئين تصوير ٺاهي،
زندگيءَ جي آسرا رهندا اکين ۾.
آءُ موٽي ماڳ پنهنجي تي سکي تون،
شام ٿي وئي، ٿا لڙن پاڇا اکين ۾.
ننڊ ۾ اُڀري اچي نئون سِجَّ ٿو پيو،
رهجي ويا هر رات اوجاڳا اکين ۾.
عمر سان گڏجي هليا “انجم” سمورا،
درد ٿي آهن ويا پوڙها اکين ۾.
**